شاداڻي
شاداڻي (ذات): ڪتاب ‘قديم سنڌ، ان جا شھر ۽ ماڻهو’ ۾ مرزا قليچ بيگ، کوسن جا 6 پاڙا لکيا آهن. جن مان هڪڙي پاڙي جو نالو ‘شاداڻي ’ ڄاڻايو ويو آهي. ٻئي طرف ايس صادق عليءَ پنھنجي ڪتاب The Muslman Races found in Sindh, Balouchistan and Afghanistan ۾ ‘شاداڻين’ کي جتوئي ڄاڻايو آهي.