شادي خان کوسو: ٿر جو بهادر ۽ بي ڊپو شخص شادي خان ولد عزت خان کوسو، کوسن جي گھمڻاڻي پاڙي مان هو. ميرن جي دور ۾ ٿر واري پاسي ننگرپارڪر کان اوڀر طرف (موجوده انڊيا جي ٻاڙمير تعلقي ۾) سندس گھڻو اثر هو. ميرن پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ جي سرحدن تي مختلف ويڙهاڪ قبيلن کي آباد ڪيو ۽ اتان جي اصلوڪن رهاڪن جي پٺڀرائي ڪري طاقت وٺرائي ته جيئن ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪري سگھن. انهيءَ ڪري ميرن جي حڪومت مضبوط ٿي ۽ سرحدون سنڀاليندڙ راڄ پڻ طاقتور ٿيا. جنهنڪري بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي ڏکڻ، اوڀر ۽ اولهه طرف طاقت وڌي. ان وقت انهن سرحدن تي کوسا، چانڊيا، سوڍا ۽ سميجا راڄ طاقت ۾ هئا، اوڀر پاسي خاص ڪري جوڌپور واري سرحد تي لڏاڻي، گھمڻاڻي ۽ بليلاڻي کوسا ميرن جي فوج جي اهم طاقت هئا. ڇهوٽڻ جبل ۽ ان جي پسگردائيءَ وارو علائقو سندن هٿ هيٺ هو، جنهن جون حدون ٻڌي ٻائري کان رامسر جي ڏونگري، ڇهوٽڻ جبل ۽ ڌوري منو جبل تائين هيون. کوسن کي جوڌپور، جيسلمير توڙي سنڌ جي حڪمرانن جي مدد هوندي هئي. سندن پارڪر جي راڻن سان دوستيءَ جو رستو هوندو هو. انگريزن 1843ع ۾ جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن ننگرپارڪر واري پاسي راڻپور جي راڻن ۽ اوڀر ۾ ڇهوٽڻ جبل طرف کوسن جي طاقت کي دٻائڻ لاءِ فوجي چڙهايون ڪري، سخت ڪارروايون ڪيون ويون. شادي خان انهن ڪاررواين کي مڙسيءَ سان منهن ڏنو، چونڊ کوسا ۽ ٻيا لشڪر گڏ ڪري انگريزن جي فوجن سان منهن مقابل ٿيو. انگريزن جيسلمير ۽ جوڌپور جي راجائن سان عهدناما لکرائي ورتا ته ڪير به شادي خان جي مدد نه ڪندو، پر شادي خان ڪنهن به مدد جي ڪاڻ ڪڍڻ کانسواءِ انگريزن کي للڪاريندو رهيو.
انگريزن شادي خان ڏانهن ڪيترن قبلين جي طاقتور ماڻهن کي موڪلي ڇهوٽڻ، ننگر ۽ ڇاڇري ۾ جاگيرون ۽ ٻيون مراعتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي، پر هو ڪنهن به قسم جي لالچ ۾ نه آيو ۽ ڌرتي ڌارين جي هٿ ۾ ڏيڻ کان انڪار ڪندي، وڙهي مرڻ کي ترجيح ڏنائين. انگريزن شادي کوسي کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ لالچ سان گڏ دڙڪا دهمان ڏئي جھڪائڻ جي به هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر هن سر جو سانگو لاهي کين چوائي موڪليو ته: “منهنجي بدن تي جيڪي به ترارن جا ڌڪ لڳل آهن، اهي سمورا انگريزن جي خلاف وڙهندي لڳا آهن، جيسين سر ۾ ساهه آهي، تيسين هٿيار ڦٽا نه ڪندس.” انگريزن 1400 لشڪر سان شادي خان جو گھيرو ڪيو، جڏهن ڪنهن وڃي کيس ٻڌايو ته انگريزن تمام گھڻي لشڪر سان چڙهائي ڪئي آهي. تڏهن شادي خان چيو ته “ايڪ سون لڙڻا هي، لاک سون لڙڻا هي” ائين چئي ويڙهه لاءِ ميدان ۾ آيو ۽ بهادريءَ سان وڙهندي وڙهندي شهادت ماڻيائين. هند ۽ سنڌ جي لوڪ شاعرن سندس بهادريءَ تي شاعري ڪئي. ٻاکاسر جي کيتي فقير مڱڻهار سندس سورهيائيءَ تي ڪيترائي ’دوها‘ چيا، جيڪي سندس سورهيائيءَ جي گواهي ڏين ٿا:
چلو چلو ڇهٽڻ وڃان، ڏيئي سر جا دان،
ڏونگر ڏڪڻ ڇو لڳين، تو ۾ کوسو شادي خان.