شادي شهيد، فقير: شادي خان ولد محراب خان، رندن جي جاڙو زئي قبيلي سان واسطو رکي ٿو. سندس مورث اعليٰ بچل خان رند ٻين ٻروچن سان گڏجي ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر ۾ سنڌ آيو هو ۽ اروڙ جي ڀرسان ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو هو. بچل خان کانپوءِ برادريءَ جو پريو مڙس سندس فرزند قادر بخش خان ٿيو. قادر بخش خان کانپوءِ جمن خان سرداريءَ جي پڳ ٻڌي. جمن خان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ محراب خان پنھنجي قبيلي جو چڱو مڙس ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حڪومت ميرن جي قبضي ۾ آئي. مير سهراب خان، محراب خان کي ٻين ٻروچن وانگر پاڻ وٽ گهرائي، سندس عزت افزائي ڪئي ۽ گوندرڙي شھر جي ڀرسان ڪجهہ زمين بہ ڏني. محراب خان مير صاحب وٽ تمام گهڻو ايندو ويندو هو. مير سهراب خان جي مصاحبن ۾ شريڪ ٿيڻ کانپوءِ شادي خان جي عزت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، پر هو ڪڏهن بہ مير صاحب جي عزت افزائيءَ تي فخر نہ ڪندو هو. وقت جا پير ۽ فقير، جيڪي بہ مير صاحب جي ڪچهريءَ ۾ ايندا هئا، اهي شادي خان جي راست گوئي ۽ منفرد طبيعت کان گهڻو متاثر ٿيندا هئا. انهن مان کهڙن جا مخدوم، نامور شاعرَ روحل فقير، مراد فقير، سچل سرمست ۽ ٻيا ڪيترا شادي خان جا دوست بڻجي ويا.
هڪ دفعي بھاولپور طرف جو سيد حامد گنج بخش نالي هڪ شخص، مير صاحب کان لڙائيءَ لاءِ مدد وٺڻ آيو. مير صاحب جي ماڻهن مان ڪنهن بہ هن سيد سان گڏجي وڃي وڙهڻ جو ست نہ ساريو ۽ هو خالي هٿين موٽڻ لڳو. ان تي شادي خان اٿي بيٺو ۽ مير صاحب کان موڪلائي اڪيلو شاھہ صاحب سان مدد لاءِ نڪري پيو ۽ شاھہ صاحب جو خط کڻي مخالف نواب ڏانهن هليو ويو. نواب صاحب ۽ سندس ماڻهن کيس گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ نوبت وڃي دوبدو مقابلي تي پهتي. شادي خان اڪيلي سر نواب صاحب جا ڪيترا ماڻهو ماري وڌا ۽ پاڻ بہ زخمن کان چور ٿي بيهوش ٿي ويو. نواب صاحب جا ماڻهو کيس مئل سمجهي شاھہ صاحب وٽ اڇلي آيا. شادي خان ٽي دفعا شاھہ صاحب جي طرفان وڙهندو رهيو. آخرڪار شاھہ صاحب کيس دعا ڪري واپس روانو ڪيو. ان ڏينهن کان وٺي هو ‘شادي شھيد ’ جي نالي سان مشھور ٿي ويو.
شادي خان جي موٽي اچڻ کانپوءِ مير سهراب خان پنهنجو ۽ حيدرآباد جي ميرن جو لشڪر موڪلي، بھاولپور تي ڪاھہ ڪئي ۽ شاھہ صاحب کي نواب صاحب کان پنهنجو حق وٺي ڏنو. شادي خان 1233ھہ/1817ع ۾ وفات ڪئي. مير سهراب خان سندس مزار تي قبو تعمير ڪرايو. شادي شھيد جي درگاھہ تي سندس اولاد مان هڪ ٻئي پٺيان الاهي بخش فقير، قادر بخش فقير، حيدر بخش فقير، فقير علي خان، سهراب فقير، پير بخش فقير، غلام حسين فقير ۽ الھہ بچايو فقير سجادہ نشين ٿيندا آيا آهن. هن وقت الھہ بچائي فقير جو فرزند خادم حسين فقير سجادہ نشين آهي.