
شادڻ قبرستان
شادڻ (ڳوٺ ۽ قبرستان): هي ماڳ ديھہ ميرواھہ، تپي گل محمد، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي ۽ ڪاڇي جو مشھور ڳوٺ آهي. شادڻ، هيرو خان جي اتر ۾ پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هن ڳوٺ جي اوڀر ۾ هڪ قبرستان آهي، جنهن ۾ چار مقبرا هئا، جن مان ٻہ ڪِري پيا آهن. ٻارهن سال کن اڳ ڪِريل مقبرن مان هڪ، جنهن جو گنبذ ڪِري پيو هو، ان ۾ هڪ پير سينڌ علي شاھہ نالي دفن ڪري ان جي مٿان گنبذ جوڙايو ويو آهي. چوٿين مقبري جي ڀتين جا ڪجهہ نشان باقي آهن. مقبرا روايتي طور برهماڻين جا سمجهيا وڃن ٿا. مقام ۾ سيبتيون قبرون جمالي بلوچن جون چون ٿا، جيڪي ڪنهن مقامي جهيڙي ۾ لغارين سان وڙهندي مارجي ويا هئا. هڪ مقبري تي چٽسالي ٿيل آهي، باقي ٻہ مقبرا ڪجهه مختلف آهن. هي قبرستان چئن ايڪڙن تي ڦهليل آهي.
شادڻ ۾ مير بندہ علي جي اوطاق بہ آهي. مير بندہ علي سنڌ جو وڏو وزير بہ رهيو هو. هيءَ اوطاق شايد مير مريد علي خان ٽالپر جي ٺهرايل هئي، جيڪو مير بندہ علي جو چاچو هو. عمارت ڪشادي آهي، چؤڌاري احاطو ۽ اڳيان ورانڊو اٿس. ان جي اتر- اوڀر پاسي ڏاڪڻ ٺهيل آهي، جيڪا ڇت ڏي وڃي ٿي. ڇت ۾ ڪاٺ جون ڪامون ۽ پٽيون استعمال ٿيل آهن. اوطاق هن وقت زبون حال آهي.