شارڪ

شارڪ

شارڪ

شارڪ (Sharks): سنڌ سان لاڳو عربي سمنڊ سميت دنيا جي اڪثر سمنڊن ۾ ملندڙ شارڪ (منگر/منگرو) مڇين جي اهڙي قسم جي گروھہ کي سڏجي ٿو، جن کي ڪُرٽڻو يا ڀرڪڻو (Cartilaginous) هڏائون پڃرو، منڍيءَ جي پاسن کان پنجن کان ست ڪليون، (Gill slits) ۽ اهڙيون کنڀڙيون ٿين ٿيون، جيڪي منڍيءَ سان چهٽيل نہ هونديون آهن. جديد منگرن جي درجه بندي ’سيلاڪي مارفا يا سيلاڪي‘
(Selachi morpha or selachii) گروھہ ۾ ڪئي وڃي ٿي ۽ اها ڪوئر مڇي (Rays) جي جوڙيوال آهي، جڏهن تہ شارڪ ۾ ’الازمو برانڪائي سب آرڊر‘ جون ناپيد ٿي ويل جنسون بہ اچي وڃن ٿيون. سواءِ ’سيلاڪي مارفا’ جي، جھڙوڪ ‘ڪلئڊوو سيلاڪي’ (Cladoselache) ۽ ‘زيناڪئنٿس’ (Xenacanthus)، هن وسيع وصف مطابق آڳاٽيون شارڪ مڇيون 420 ملين سالن کان وڌيڪ قديم آهن. ان زماني کان وٺي شارڪ جون 400 کان وڌيڪ جنسون (Species) موجود آهن، جن ۾ ننڍي ۾ ننڍي ’لئٽرن شارڪ‘ ۽ سمنڊ ۾ رهندڙ 17 س.م جي سائيز جون شارڪ بہ آهن. ويل شارڪ (Rhincodon types) جهڙيون دنيا جون وڏي ۾ وڏيون شارڪ، سائيز ۾ 12 ميٽرن، 39 فوٽن جيتريون بہ مليون آهن. سائيز ۾ ايتري وڏي هوندي بہ شارڪ مڇي رڳو ‘پلئنيڪٽن’ (Planicton)، ‘اسڪائڊ’ (Squid) ۽ ننڍين ڪُرڙين تي گذران ڪري ٿي ۽ ڇاڻي کائي ٿي.
شارڪ دنيا جي سمورن سمنڊن ۾ ٿئي ٿي ۽ سمنڊ ۾ 2000 ميٽرن (6،600 فوٽن) جي گهرائيءَ ۾ عام رهي ٿي. عام طور تي شارڪ تازي پاڻيءَ ۾ نہ ٿي ٿئي، سواءِ ڪن چند قسمن جي، جھڙوڪ: بل شارڪ (Bull Shark) ۽ روَر شارڪ (River Shark) جي، جيڪي کاري سميت مٺي پاڻيءَ ۾ بہ زندھہ رهي سگهن ٿيون. اهي پنجن کان ستن ڪلين جي سوراخن (Gill Slits) رستي ساھہ کڻن ٿيون. شارڪ جي چمڙي مخروطي نوڪدار اُڀارن جھڙوڪ: ننڍڙن ڏندن سان (جن کي ‘ڊينٽيڪل’ (Dermal denticles) سڏجي ٿو) ڍڪيل ٿئي ٿي، جيڪي چمڙيءَ کي پهچندڙ نقصان ۽ پئراسائيٽن کان بچائڻ سميت پاڻياٺي حرڪيات (Fluid dynamics) ۾ بہ بهتري پيدا ڪن ٿا. هنن کي نون ڦٽندڙ ڏندن جا بہ ڪيترا سيٽ ٿين ٿا. شارڪ جون ڪيتريون مشھور جنسون جھڙوڪ: وڏي سفيد شارڪ (Greal White Shark)، ٽائيگر شارڪ، (Tiger Shark)، نيري شارڪ (Blue Shark)، ماڪو شارڪ (Mako Shark) ۽ مترڪي منهين شارڪ (Hammer Headed Shark) مٿاڇري جون شڪاري ٿين ٿيون، يعني اهي جاندار واپرائن ٿيون، جيڪي پاڻيءَ جي مٿان کاڌي (Food Chain) ۾ ٿين ٿا. هن وقت شارڪن/ منگرن جي وجود کي انساني سرگرمين خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
سورهين صدي عيسويءَ تائين سيلاني، شارڪ مڇين کي سي ڊاگس (Sea Dogs) جي نالي سان سڃاڻندا هئا. ان لاءِ هڪ خيال اهو بہ آهي تہ اهو لفظ ‘يوڪاٽيڪ مايا’ (Yucatec Maya) جي لفظ XOK تان ورتل آهي ۽ شاڪ (Shok) اچاريو وڃي ٿو. هن لفظ جي اصليت جو ثبوت اوڪسفرڊ انگلش ڊڪشنريءَ مان بہ ملي ٿو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ شارڪ نالي جو سڀ کان پهريائين استعمال تڏهن ڪيو ويو، جڏهن سر جان هاڪنس (Sir John Hakins) جي سيلانين اهڙي هڪ شارڪ جي 1569ع ۾ نمائش ڪندي، ان لاءِ ‘شارڪي’ (Sharki) لفظ استعمال ڪيو هو، جنهن جو مطلب ڪئريبن سمنڊ جي وڏين شارڪن ڏانهن اشارو هو. هن لفظ جي ٻئي اشتقاق موجب اصل ۾ هيءُ لفظ شڪاري ‘Predator’ (ٻين جو شڪار ڪندڙ) طور ڪتب آندو ويو هو، جيڪو اصل ۾ جرمن لفظ Schorck مان Schurke جو بدليل روپ آهي ۽ ان جي معنى لچي يا بدمعاش آهي. اڳتي هلي اهو نالو هن مڇيءَ تي ‘شڪاري جبلت’ سبب رکيو ويو.
شارڪ جا ڏند سڌا سنوان ڄاڙيءَ ۾ کتل هئڻ بدران مهارن ۾ ٿين ٿا، جيڪي سڄي زندگي تبديل ٿيندا رهن ٿا. ڄاڙيءَ جي اندرين پاسي کان تبديل ٿيندڙ ڏندن جون ڪيتريون قطارون کانچن ۾ پيدا ٿينديون، آهستي آهستي اڳتي وڌنديون رهن ٿيون. ڪي شارڪ تہ پنھنجي سڄي زندگيءَ ۾ 30 هزار يا ان کان وڌيڪ ڏند ضايع ڪن ٿيون. شارڪ جي ڏندن جي نموني جو مدار شارڪ جي خوراڪ تي ٿئي ٿو.
هڏائون پڃرو: شارڪ جو هڏائون پڃرو هڏائين (Bony) مڇين ۽ زميني ڪرنگهائي (Vertebrate) جانورن کان گهڻو مختلف ٿئي ٿو. شارڪ ۽ ٻين ڀرڪڻن (Cartilage) هڏن وارين مڇين جو هڏائون پڃرو ڪرٽڻن هڏن ۽ جڙيل ريشن (Connective tissues) جو ٺهيل ٿئي ٿو. ڀرڪڻو هڏو لچڪدار ۽ جٽادار هجڻ باوجود عام هڏي جي عام رواجي ڳوڙهائپ جي اڌ جيترو ٿئي ٿو، جنهن سبب هڏائين پڃري جو وزن گهٽ ٿئي ٿو ۽ سندس طاقت بہ بچائي ٿو. جيئن تہ شارڪ ۾ پاسرين جو پڃرو نہ ٿو ٿئي، ان ڪري اهي زمين تي سندن وزن سبب سولائيءَ سان ڇڏي سگهجن ٿيون. شارڪ جون ڄاڙيون کوپڙيءَ سان کتل نہ ٿيون ٿين، ڄاڙيءَ جي مٿاڇري کي ڪرنگهي ۽ ڪلين جي ڪمانين جي ڀيٽ ۾ طبعي دٻاءَ ۽ سگهہ لاءِ وڌيڪ سهائتا جي ضرورت ٿئي ٿي. کين ننڍڙن ڇهڪنڊين پليٽن جو هڪ سنهڙو تھہ بہ ٿئي ٿو، جنهن کي تيسيري
(Tesserae) سڏجي ٿو، جيڪي ڪئلشيم، لوڻ جي قلمن ٽڪ/ جڙت جيان ٿين ٿا. جيڪي جسم جي حصن کي سگهہ ڏين ٿا.
عام طور شارڪن کي تيسيريءَ جو رڳو هڪ تھہ ٿئي ٿو، جڏهن تہ وڏين شارڪن جون ڄاڙيون جھڙوڪ: بل شارڪ، ٽائيگر شارڪ ۽ گريٽ وائيٽ شارڪ کي ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ تھہ ٿين ٿا، جن جو معيار انهن جي جسم جي سائيز/ قدبت تي مدار رکندڙ ٿئي ٿو. گريٽ وائيٽ شارڪ جي ڄاڙين ۾ اهڙا پنج تھہ بہ ٿين ٿا. ان جي سونڊ ۾ هڏو ڀرڪڻو ۽ لچڪدار ٿئي ٿو تہ جيئن ڌڪن ۽ ٽڪرن وغيرہ جي طاقت برداشت ڪري سگهي.
کنڀڙيون: شارڪ جي هڏائين پڃري تي ٿيندڙ کنڀڙيون ڊگهيون ٿين ٿيون، جن کي ملائم ۽ ڊگها آرا/ڪنڊا ٿين ٿا، جن کي سيريٽو ٽرڪيا
(Ceratotrichia) سڏجي ٿو. اهي سهائتا ڏيڻ کان سواءِ لچڪدار پروٽين جا تاندورا بہ رهن ٿا، جيڪي وارن ۽ کنڀن ۾ موجود سگهاري ڪيرئٽن
(Karatin) مادي سان مشابهت رکندڙ ٿين ٿا. ڪيترين شارڪن کي اٺ کنڀڙيون ٿين ٿيون، شارڪون پنھنجي آڏو ايندڙ ڪنهن بہ جسم کان هٽي وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ تہ انهن جون کنڀڙيون کين پڇ ڀر ڦيرائي نہ ٿيون سگهن.
چمائو ڍَڪ يا پڃرو: هڏائين مڇين جي ابتڙ شارڪ کي هڪ ڳوڙهو چمائو ڍَڪ (Corset) ٿئي ٿو، جيڪو لچڪدار ڪوليجينس (Collagenous) تاندورن جو ٺهيل ۽ سڄي جسم کي هڪ اسپرنگ وانگر وڪوڙيل ٿئي ٿو. اهو شارڪ لاءِ ٻاهرين هڏائين پڃري طور ڪم ڪري ٿو ۽ ترڻ جي مشڪن کي مدد ڪري ٿو. چماوان ڏند شارڪ کي پاڻيءَ ۾ حرڪت (Hydrodynamic) ۾ فائدا بہ ڏين ٿا، جو اهي ترڻ دوران مزاحمت گهٽائي ڇڏين ٿا.
پڇ: شارڪ جو پڇ ٿيلهڻ جو ڪم ڪري ٿو، تيزيءَ سان ترڻ ۽ تک وٺڻ جو مدار پڇ جي ڊول تي ٿئي ٿو. مختلف جنسن جي شارڪن ۾ پڇ جي کنڀڙين جي ڊول گهڻو مختلف ٿئي ٿو. شارڪ جي پڇ جي کنڀڙي وڌيل ٿئي ٿي، جنهن جو ڪرنگهو يا مٿيون حصو عام طور پيٽائين يا هيٺئين حصي کان ڏسڻ ۾ وڏو اچي ٿو. ان جو سبب هي آهي تہ شارڪ جو ڪرنگهو ان پٺئين حصي تائين وڌيل ٿئي ٿو، جنهن ڪري مشڪون بہ هڪ وڏي ايراضيءَ تائين پکڙيل هجن ٿيون، جنهن سبب وڌيڪ برجستائيءَ سان تري سگهن ٿيون. ان جي پڇ جي کنڀڙي هومو سرڪل
(Homocercal) ٿئي ٿي. ٽائيگر شارڪ جي پڇ جو مٿيون گولو وڏو ٿئي ٿو، جنهن ڪري آهستي هلي/تري سگهي ٿي تہ هڪدم تيزي بہ وٺي سگهي ٿي.
ساھہ کڻڻ: ٻين ڪيترين مڇين وانگر سمنڊ جو پاڻي جڏهن شارڪ جي ڪَلين مٿان گذري ٿو تہ شارڪ ان مان آڪسيجن کڻي ٿي. ٻين مڇين جي ابتڙ شارڪ جي ڪَلين جا سوراخ ڍڪيل نہ ٿا ٿين، پر منڍيءَ پٺيان هڪ قطار ۾ ٿين ٿا. هڪ اهڙو تبديل ٿيل سوراخ، جنهن کي اسپائيريڪل (Spiracle) سڏجي ٿو، اکين جي پٺيان ٿئيس ٿو، جيڪو شارڪ کي ساھہ کڻڻ دوران پاڻي کڻڻ ۾ سهائتا ڪري ٿو ۽ اهو تري ۾ رهندڙن شارڪن لاءِ اهم ڪم ڪري ٿو. کليل سمنڊ ۾ رهندڙ شارڪ ۾ اهي يا تہ سُسيل ٿين ٿا، يا وري نہ ٿا ٿين. جڏهن شارڪ چرپر ۾ هجي ٿي، تڏهن پاڻي ان جي وات وسيلي ڪلين تان ورندو اچي ٿو ۽ اهڙي عمل کي سولو اخراج (Ram ventilation) سڏجي ٿو. آرام وارين حالتن ۾ ڪيتريون شارڪ مڇيون پنهنجين ڪلين مان پاڻي ڦوڪي ڪڍن ٿيون تہ جيئن آڪسيجن واري پاڻيءَ جي رسد کي يقيني بڻائي سگهجي. جڏهن تہ شارڪ ۾ ڪي اهريون جنسون بہ آهن، جن مان ڪلين رستي پاڻي ڦوڪي ڪڍڻ جي لياقت ختم ٿي وئي آهي، تنهنڪري انهن لاءِ بنا ساهيءَ ترندو رهڻ لازمي آهي.
سُنگهڻ جي حس: شارڪ ۾ سنگهڻ جي حس تمام تيز ٿئي ٿي. هن جي ناسن جي اڳئين ۽ پوئين سوراخ جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي نلڪي ٿئي ٿي، جنهن جي مدد سان سمنڊ ۾ رت جي ننڍڙي ۾ ننڍڙي ذرڙي يعني هڪ ملين حصي جيتري رت جي موجودگيءَ جي بہ ڄاڻ رکي سگهن ٿيون. شارڪ ۾ بوءِ جي طرف جي سڃاڻپ جي بہ لياقت ٿئي ٿي. شارڪ، ڪيترن جانورن جي آنڊن ۾ موجود ڪيميائي مادن لاءِ وڌيڪ موهت ٿيندي آهي.
نظر: شارڪ جون اکيون ٻين ٿڻائتن جانورن جهڙيون ٿين ٿيون، جن ۾ ساڳئي قسم جا عدسا (Lenses)، قرنيا (Carnea) ۽ ريٽينا (Retina) بہ اچي وڃن ٿا. اهي انسانن وانگر پنهنجون ماڻڪيون (Pupils) سُسائي ۽ ڦهلائي سگهن ٿيون، جنهنڪري اونداهي پاڻيءَ ۾ سندن ڏسڻ جي سگهہ وڌي وڃي ٿي. ڪن شارڪ مڇين ۾ رات جو ڏسڻ جي سگهہ گهڻي سگهاري ٿئي ٿي. شارڪ کي اکين جا ڇپر بہ ٿين ٿا، پر اهي ڇنڀين نہ ٿيون، ڇاڪاڻ تہ پاڻيءَ سان اکيون صاف ڪنديون رهن ٿيون. اکين جي بچاءَ لاءِ ڪن جنسن کي هڪ جهلي يا پردو (Nictitating membrane) ٿئي ٿو. جيڪو شڪار وقت شارڪ جي اک کي ڍڪي ڇڏي ٿو، جڏهن تہ وڏي اڇي شارڪ ۾ اها جهلي موجود نٿي ٿئي، ان بجاءِ شڪار ڦاسائڻ وقت پنهنجون اکيون پوئتي ڦيرائي ڇڏين ٿيون.
ٻڌڻ جي سگهہ: جيتوڻيڪ شارڪ مڇين جي ٻڌڻ جي سگهہ جي چڪاس ڪرڻ ڏکي آهي، پر چون ٿا تہ منجهن ٻڌڻ جي تيز حس موجود آهي ۽ پنھنجي شڪار کي ڪيترن ڪلوميٽرن تان محسوس ڪري سگهن ٿيون. سندن منڍيءَ جي هر پاسي کان هڪ ننڍڙو سوراخ سنئون سڌو اندرئين ڪن تائين هليو وڃي ٿو،
اليڪٽرو رسيپشن يا برقي قبوليت: ائمپولي آف لورنزيني (Ampullae of Lorenzini) کي اليڪٽرو رسيپٽر (Electro Receptor) يا برقي اثر قبول ڪندڙ عضوو/ عضوا سڏجي ٿو، جيڪي سون کان هزارن جي تعداد ۾ ٿين ٿا، جن کي استعمال ڪندي شارڪ برقي مقناطيسي فيلڊ ڳولي ٿي. اها فيلڊ سمورا جاندار پيدا ڪن ٿا. اها ڳالھہ شارڪ (خاص طور تي هئمر هيڊ شارڪ کي) شڪار ڳولڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڪنهن بہ جانور جي ڀيٽ ۾ شارڪ کي زبردست برقي حساسيت ٿئي ٿي، اهو ئي سبب آهي، جو شارڪ ڪنهن واريءَ ۾ لڪل شڪار کي بہ برقي فيلڊ رستي لھي سگهي ٿي. زمين جي مقناطيسي فيلڊ ڏانهن وهندڙ سامونڊي وهڪرا بہ برقي فيلڊ پيدا ڪن ٿا، جيڪي شارڪ پنھنجي پسگردائي لھڻ ۽ شايد سفر لاءِ استعمال ڪري ٿي.
لئٽرل لائيٽ: هي سرشتو شارڪ سميت ٻين ڪيترين مڇين ۾ ٿئي ٿو، جنهن رستي پاڻيءَ ۾ حرڪت يا لرزش لھي سگهجي ٿي. شارڪ 25 کان 50 هرٽز جي وچ ۾ لرزش جي خبر رکي سگهي ٿي.
زندگي: شارڪ جي مختلف جنسن وانگر سندن زندگي بہ مختلف ٿئي ٿي، ڪيتريون شارڪ 20 کان 30 سالن تائين زندھہ رهن ٿيون، انهن ۾ اسپائني ڊاگ فش (Spiny Bog Fish) 100 سالن کان بہ مٿي زندگي ماڻي سگهي ٿي. جڏهن تہ ويل شارڪ (Rhincodon Types) بہ وڏي عرصي تائين زندھہ رهي سگهي ٿي.
پيدائش: ٻين ڪيترين هڏائين مڇين جي ابتڙ شارڪ کي ڪي- سليڪٽيڊ (K-selected) پيدائش ڪندڙ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جو مطلب آهي تہ اهي ٻچا ٿورڙي تعداد ۾ پر سٺيءَ طرح سان واڌ ڪيل پيدا ڪن ٿيون، شارڪ ۾ آنو ماديءَ جي جسم اندر پوکجي ٿو. نر شارڪ جي ڍونگريءَ جون کنڀڙيون عضون جي هڪ اهڙي جوڙي ۾ تبديل ٿي ويون آهن، جن کي ڪلئسپرس (Claspers) سڏجي ٿو ۽ ڪئٽ شارڪ
(Cat Shark) لڳ دوران ماديءَ کي ٻکجي وڃي ٿو، جڏهن تہ جنسن ۾ نر ۽ ماد شارڪ هڪٻئي سان گڏ سڌيون ترنديون رهن ٿيون، تڏهن نر پنهنجو ڪلئسپر ماديءَ جي Oviduct ۾ وجهي ڇڏي ٿو.
بيضن جو نظام: گهڻين مڇين وانگر شارڪ جون ڪي جنسون پنهنجا آنا پاڻيءَ ۾ لاهين ٿيون. آنن جي ٻاهرين چم جهڙي جهل واڌ ڪندڙ ٻچي جو بچاءُ ڪندي رهي ٿي. اهڙيون جهليون بچاءَ خاطر وروڪڙ چيرن ۽ ڦاٽن ۾ لڪايون وڃن ٿيون. جڏهن آني جو اهڙو خول خالي ٿي وڃي ٿو تہ ان کي سپر مرمئڊ (mermaid’Spure) سڏجي ٿو ۽ اهو پوءِ سمنڊ ڪناري لڙهي اچي ٿو. آنن ڏيندڙ شارڪن ۾ هارن شارڪ، ڪئٽ شارڪ، پورٽ جئڪسن شارڪ ۽ سويل شارڪ شامل آهن.
بنيادي طور شارڪ اڪيلي شڪار ڪندڙ سمجهي وڃي ٿي ۽ کاڌي جي تلاش ۾ سمنڊ جهاڳيندي رهي ٿي، اڪيلي شارڪ لڳ لاءِ ٻين سان ملندي رهي ٿي، پکين جي ڀيٽ ۾ شارڪ جي لڏپلاڻ جا طريقا وڌيڪ پيچيدا ٿين ٿا، جن مان ڪيتريون تہ سمنڊ جي سڄي ترائي جهاڳينديون رهن ٿيون.
شارڪ سراسري طور 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تري ٿي، پر جڏهن کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ يا حملي جي نوبت اچي ٿي تہ سراسري شارڪ 19 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار کي بہ رسي سگهي ٿي. شارڪ فن، ماڪو شارڪ نہ رڳو تيز رفتار شارڪ، پر تيز ترين مڇي بہ سمجهي وڃي ٿي، جيڪا 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار کي بہ پهچي سگهي ٿي. منجهس اهڙين ڪن نرالين ڳالهين هجڻ جو سبب شارڪن جي گرم رت وارو هجڻ بہ ٿي سگهي ٿو.


لفظ شارڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو