شارڪ

شارڪ

شارڪ

شارڪ (Sharks): سنڌ سان لاڳو عربي سمنڊ سميت دنيا جي اڪثر سمنڊن ۾ ملندڙ شارڪ (منگر/منگرو) مڇين جي اهڙي قسم جي گروهه کي سڏجي ٿو، جن کي ڪُرٽڻو يا ڀرڪڻو (Cartilaginous) هڏائون پڃرو، منڍيءَ جي پاسن کان پنجن کان ست ڪليون، (Gill slits) ۽ اهڙيون کنڀڙيون ٿين ٿيون، جيڪي منڍيءَ سان چهٽيل نه هونديون آهن. جديد منگرن جي درجه بندي ’سيلاڪي مارفا يا سيلاڪي‘
(Selachi morpha or selachii) گروهه ۾ ڪئي وڃي ٿي ۽ اها ڪوئر مڇي (Rays) جي جوڙيوال آهي، جڏهن ته شارڪ ۾ ’الازمو برانڪائي سب آرڊر‘ جون ناپيد ٿي ويل جنسون به اچي وڃن ٿيون. سواءِ ’سيلاڪي مارفا’ جي، جهڙوڪ ‘ڪلئڊوو سيلاڪي’ (Cladoselache) ۽ ‘زيناڪئنٿس’ (Xenacanthus)، هن وسيع وصف مطابق آڳاٽيون شارڪ مڇيون 420 ملين سالن کان وڌيڪ قديم آهن. ان زماني کان وٺي شارڪ جون 400 کان وڌيڪ جنسون (Species) موجود آهن، جن ۾ ننڍي ۾ ننڍي ’لئٽرن شارڪ‘ ۽ سمنڊ ۾ رهندڙ 17 س.م جي سائيز جون شارڪ به آهن. ويل شارڪ (Rhincodon types) جهڙيون دنيا جون وڏي ۾ وڏيون شارڪ، سائيز ۾ 12 ميٽرن، 39 فوٽن جيتريون به مليون آهن. سائيز ۾ ايتري وڏي هوندي به شارڪ مڇي رڳو ‘پلئنيڪٽن’ (Planicton)، ‘اسڪائڊ’ (Squid) ۽ ننڍين ڪُرڙين تي گذران ڪري ٿي ۽ ڇاڻي کائي ٿي.
شارڪ دنيا جي سمورن سمنڊن ۾ ٿئي ٿي ۽ سمنڊ ۾ 2000 ميٽرن (6،600 فوٽن) جي گهرائيءَ ۾ عام رهي ٿي. عام طور تي شارڪ تازي پاڻيءَ ۾ نه ٿي ٿئي، سواءِ ڪن چند قسمن جي، جهڙوڪ: بل شارڪ (Bull Shark) ۽ روَر شارڪ (River Shark) جي، جيڪي کاري سميت مٺي پاڻيءَ ۾ به زندهه رهي سگھن ٿيون. اهي پنجن کان ستن ڪلين جي سوراخن (Gill Slits) رستي ساهه کڻن ٿيون. شارڪ جي چمڙي مخروطي نوڪدار اُڀارن جهڙوڪ: ننڍڙن ڏندن سان (جن کي ‘ڊينٽيڪل’ (Dermal denticles) سڏجي ٿو) ڍڪيل ٿئي ٿي، جيڪي چمڙيءَ کي پهچندڙ نقصان ۽ پئراسائيٽن کان بچائڻ سميت پاڻياٺي حرڪيات (Fluid dynamics) ۾ به بهتري پيدا ڪن ٿا. هنن کي نون ڦٽندڙ ڏندن جا به ڪيترا سيٽ ٿين ٿا. شارڪ جون ڪيتريون مشهور جنسون جهڙوڪ: وڏي سفيد شارڪ (Greal White Shark)، ٽائيگر شارڪ، (Tiger Shark)، نيري شارڪ (Blue Shark)، ماڪو شارڪ (Mako Shark) ۽ مترڪي منهين شارڪ (Hammer Headed Shark) مٿاڇري جون شڪاري ٿين ٿيون، يعني اهي جاندار واپرائن ٿيون، جيڪي پاڻيءَ جي مٿان کاڌي (Food Chain) ۾ ٿين ٿا. هن وقت شارڪن/ منگرن جي وجود کي انساني سرگرمين خطري ۾ وجھي ڇڏيو آهي.
سورهين صدي عيسويءَ تائين سيلاني، شارڪ مڇين کي سي ڊاگس (Sea Dogs) جي نالي سان سڃاڻندا هئا. ان لاءِ هڪ خيال اهو به آهي ته اهو لفظ ‘يوڪاٽيڪ مايا’ (Yucatec Maya) جي لفظ XOK تان ورتل آهي ۽ شاڪ (Shok) اچاريو وڃي ٿو. هن لفظ جي اصليت جو ثبوت اوڪسفرڊ انگلش ڊڪشنريءَ مان به ملي ٿو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شارڪ نالي جو سڀ کان پهريائين استعمال تڏهن ڪيو ويو، جڏهن سر جان هاڪنس (Sir John Hakins) جي سيلانين اهڙي هڪ شارڪ جي 1569ع ۾ نمائش ڪندي، ان لاءِ ‘شارڪي’ (Sharki) لفظ استعمال ڪيو هو، جنهن جو مطلب ڪئريبن سمنڊ جي وڏين شارڪن ڏانهن اشارو هو. هن لفظ جي ٻئي اشتقاق موجب اصل ۾ هيءُ لفظ شڪاري ‘Predator’ (ٻين جو شڪار ڪندڙ) طور ڪتب آندو ويو هو، جيڪو اصل ۾ جرمن لفظ Schorck مان Schurke جو بدليل روپ آهي ۽ ان جي معنى لچي يا بدمعاش آهي. اڳتي هلي اهو نالو هن مڇيءَ تي ‘شڪاري جبلت’ سبب رکيو ويو.
شارڪ جا ڏند سڌا سنوان ڄاڙيءَ ۾ کتل هئڻ بدران مهارن ۾ ٿين ٿا، جيڪي سڄي زندگي تبديل ٿيندا رهن ٿا. ڄاڙيءَ جي اندرين پاسي کان تبديل ٿيندڙ ڏندن جون ڪيتريون قطارون کانچن ۾ پيدا ٿينديون، آهستي آهستي اڳتي وڌنديون رهن ٿيون. ڪي شارڪ ته پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ 30 هزار يا ان کان وڌيڪ ڏند ضايع ڪن ٿيون. شارڪ جي ڏندن جي نموني جو مدار شارڪ جي خوراڪ تي ٿئي ٿو.
هڏائون پڃرو: شارڪ جو هڏائون پڃرو هڏائين (Bony) مڇين ۽ زميني ڪرنگھائي (Vertebrate) جانورن کان گھڻو مختلف ٿئي ٿو. شارڪ ۽ ٻين ڀرڪڻن (Cartilage) هڏن وارين مڇين جو هڏائون پڃرو ڪرٽڻن هڏن ۽ جڙيل ريشن (Connective tissues) جو ٺهيل ٿئي ٿو. ڀرڪڻو هڏو لچڪدار ۽ جٽادار هجڻ باوجود عام هڏي جي عام رواجي ڳوڙهائپ جي اڌ جيترو ٿئي ٿو، جنهن سبب هڏائين پڃري جو وزن گھٽ ٿئي ٿو ۽ سندس طاقت به بچائي ٿو. جيئن ته شارڪ ۾ پاسرين جو پڃرو نه ٿو ٿئي، ان ڪري اهي زمين تي سندن وزن سبب سولائيءَ سان ڇڏي سگھجن ٿيون. شارڪ جون ڄاڙيون کوپڙيءَ سان کتل نه ٿيون ٿين، ڄاڙيءَ جي مٿاڇري کي ڪرنگھي ۽ ڪلين جي ڪمانين جي ڀيٽ ۾ طبعي دٻاءَ ۽ سگھه لاءِ وڌيڪ سهائتا جي ضرورت ٿئي ٿي. کين ننڍڙن ڇهڪنڊين پليٽن جو هڪ سنهڙو تهه به ٿئي ٿو، جنهن کي تيسيري
(Tesserae) سڏجي ٿو، جيڪي ڪئلشيم، لوڻ جي قلمن ٽڪ/ جڙت جيان ٿين ٿا. جيڪي جسم جي حصن کي سگھه ڏين ٿا.
عام طور شارڪن کي تيسيريءَ جو رڳو هڪ تهه ٿئي ٿو، جڏهن ته وڏين شارڪن جون ڄاڙيون جهڙوڪ: بل شارڪ، ٽائيگر شارڪ ۽ گريٽ وائيٽ شارڪ کي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ تهه ٿين ٿا، جن جو معيار انهن جي جسم جي سائيز/ قدبت تي مدار رکندڙ ٿئي ٿو. گريٽ وائيٽ شارڪ جي ڄاڙين ۾ اهڙا پنج تهه به ٿين ٿا. ان جي سونڊ ۾ هڏو ڀرڪڻو ۽ لچڪدار ٿئي ٿو ته جيئن ڌڪن ۽ ٽڪرن وغيره جي طاقت برداشت ڪري سگھي.
کنڀڙيون: شارڪ جي هڏائين پڃري تي ٿيندڙ کنڀڙيون ڊگھيون ٿين ٿيون، جن کي ملائم ۽ ڊگھا آرا/ڪنڊا ٿين ٿا، جن کي سيريٽو ٽرڪيا
(Ceratotrichia) سڏجي ٿو. اهي سهائتا ڏيڻ کان سواءِ لچڪدار پروٽين جا تاندورا به رهن ٿا، جيڪي وارن ۽ کنڀن ۾ موجود سگھاري ڪيرئٽن
(Karatin) مادي سان مشابهت رکندڙ ٿين ٿا. ڪيترين شارڪن کي اٺ کنڀڙيون ٿين ٿيون، شارڪون پنهنجي آڏو ايندڙ ڪنهن به جسم کان هٽي وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ ته انهن جون کنڀڙيون کين پڇ ڀر ڦيرائي نه ٿيون سگھن.
چمائو ڍَڪ يا پڃرو: هڏائين مڇين جي ابتڙ شارڪ کي هڪ ڳوڙهو چمائو ڍَڪ (Corset) ٿئي ٿو، جيڪو لچڪدار ڪوليجينس (Collagenous) تاندورن جو ٺهيل ۽ سڄي جسم کي هڪ اسپرنگ وانگر وڪوڙيل ٿئي ٿو. اهو شارڪ لاءِ ٻاهرين هڏائين پڃري طور ڪم ڪري ٿو ۽ ترڻ جي مشڪن کي مدد ڪري ٿو. چماوان ڏند شارڪ کي پاڻيءَ ۾ حرڪت (Hydrodynamic) ۾ فائدا به ڏين ٿا، جو اهي ترڻ دوران مزاحمت گھٽائي ڇڏين ٿا.
پڇ: شارڪ جو پڇ ٿيلهڻ جو ڪم ڪري ٿو، تيزيءَ سان ترڻ ۽ تک وٺڻ جو مدار پڇ جي ڊول تي ٿئي ٿو. مختلف جنسن جي شارڪن ۾ پڇ جي کنڀڙين جي ڊول گھڻو مختلف ٿئي ٿو. شارڪ جي پڇ جي کنڀڙي وڌيل ٿئي ٿي، جنهن جو ڪرنگهو يا مٿيون حصو عام طور پيٽائين يا هيٺئين حصي کان ڏسڻ ۾ وڏو اچي ٿو. ان جو سبب هي آهي ته شارڪ جو ڪرنگھو ان پٺئين حصي تائين وڌيل ٿئي ٿو، جنهن ڪري مشڪون به هڪ وڏي ايراضيءَ تائين پکڙيل هجن ٿيون، جنهن سبب وڌيڪ برجستائيءَ سان تري سگھن ٿيون. ان جي پڇ جي کنڀڙي هومو سرڪل
(Homocercal) ٿئي ٿي. ٽائيگر شارڪ جي پڇ جو مٿيون گولو وڏو ٿئي ٿو، جنهن ڪري آهستي هلي/تري سگھي ٿي ته هڪدم تيزي به وٺي سگھي ٿي.
ساهه کڻڻ: ٻين ڪيترين مڇين وانگر سمنڊ جو پاڻي جڏهن شارڪ جي ڪَلين مٿان گذري ٿو ته شارڪ ان مان آڪسيجن کڻي ٿي. ٻين مڇين جي ابتڙ شارڪ جي ڪَلين جا سوراخ ڍڪيل نه ٿا ٿين، پر منڍيءَ پٺيان هڪ قطار ۾ ٿين ٿا. هڪ اهڙو تبديل ٿيل سوراخ، جنهن کي اسپائيريڪل (Spiracle) سڏجي ٿو، اکين جي پٺيان ٿئيس ٿو، جيڪو شارڪ کي ساهه کڻڻ دوران پاڻي کڻڻ ۾ سهائتا ڪري ٿو ۽ اهو تري ۾ رهندڙن شارڪن لاءِ اهم ڪم ڪري ٿو. کليل سمنڊ ۾ رهندڙ شارڪ ۾ اهي يا ته سُسيل ٿين ٿا، يا وري نه ٿا ٿين. جڏهن شارڪ چرپر ۾ هجي ٿي، تڏهن پاڻي ان جي وات وسيلي ڪلين تان ورندو اچي ٿو ۽ اهڙي عمل کي سولو اخراج (Ram ventilation) سڏجي ٿو. آرام وارين حالتن ۾ ڪيتريون شارڪ مڇيون پنهنجين ڪلين مان پاڻي ڦوڪي ڪڍن ٿيون ته جيئن آڪسيجن واري پاڻيءَ جي رسد کي يقيني بڻائي سگھجي. جڏهن ته شارڪ ۾ ڪي اهريون جنسون به آهن، جن مان ڪلين رستي پاڻي ڦوڪي ڪڍڻ جي لياقت ختم ٿي وئي آهي، تنهنڪري انهن لاءِ بنا ساهيءَ ترندو رهڻ لازمي آهي.
سُنگھڻ جي حس: شارڪ ۾ سنگھڻ جي حس تمام تيز ٿئي ٿي. هن جي ناسن جي اڳئين ۽ پوئين سوراخ جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي نلڪي ٿئي ٿي، جنهن جي مدد سان سمنڊ ۾ رت جي ننڍڙي ۾ ننڍڙي ذرڙي يعني هڪ ملين حصي جيتري رت جي موجودگيءَ جي به ڄاڻ رکي سگھن ٿيون. شارڪ ۾ بوءِ جي طرف جي سڃاڻپ جي به لياقت ٿئي ٿي. شارڪ، ڪيترن جانورن جي آنڊن ۾ موجود ڪيميائي مادن لاءِ وڌيڪ موهت ٿيندي آهي.
نظر: شارڪ جون اکيون ٻين ٿڻائتن جانورن جهڙيون ٿين ٿيون، جن ۾ ساڳئي قسم جا عدسا (Lenses)، قرنيا (Carnea) ۽ ريٽينا (Retina) به اچي وڃن ٿا. اهي انسانن وانگر پنهنجون ماڻڪيون (Pupils) سُسائي ۽ ڦهلائي سگھن ٿيون، جنهنڪري اونداهي پاڻيءَ ۾ سندن ڏسڻ جي سگهه وڌي وڃي ٿي. ڪن شارڪ مڇين ۾ رات جو ڏسڻ جي سگھه گھڻي سگھاري ٿئي ٿي. شارڪ کي اکين جا ڇپر به ٿين ٿا، پر اهي ڇنڀين نه ٿيون، ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ سان اکيون صاف ڪنديون رهن ٿيون. اکين جي بچاءَ لاءِ ڪن جنسن کي هڪ جهلي يا پردو (Nictitating membrane) ٿئي ٿو. جيڪو شڪار وقت شارڪ جي اک کي ڍڪي ڇڏي ٿو، جڏهن ته وڏي اڇي شارڪ ۾ اها جهلي موجود نٿي ٿئي، ان بجاءِ شڪار ڦاسائڻ وقت پنهنجون اکيون پوئتي ڦيرائي ڇڏين ٿيون.
ٻڌڻ جي سگھه: جيتوڻيڪ شارڪ مڇين جي ٻڌڻ جي سگھه جي چڪاس ڪرڻ ڏکي آهي، پر چون ٿا ته منجھن ٻڌڻ جي تيز حس موجود آهي ۽ پنهنجي شڪار کي ڪيترن ڪلوميٽرن تان محسوس ڪري سگهن ٿيون. سندن منڍيءَ جي هر پاسي کان هڪ ننڍڙو سوراخ سنئون سڌو اندرئين ڪن تائين هليو وڃي ٿو،
اليڪٽرو رسيپشن يا برقي قبوليت: ائمپولي آف لورنزيني (Ampullae of Lorenzini) کي اليڪٽرو رسيپٽر (Electro Receptor) يا برقي اثر قبول ڪندڙ عضوو/ عضوا سڏجي ٿو، جيڪي سون کان هزارن جي تعداد ۾ ٿين ٿا، جن کي استعمال ڪندي شارڪ برقي مقناطيسي فيلڊ ڳولي ٿي. اها فيلڊ سمورا جاندار پيدا ڪن ٿا. اها ڳالهه شارڪ (خاص طور تي هئمر هيڊ شارڪ کي) شڪار ڳولڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڪنهن به جانور جي ڀيٽ ۾ شارڪ کي زبردست برقي حساسيت ٿئي ٿي، اهو ئي سبب آهي، جو شارڪ ڪنهن واريءَ ۾ لڪل شڪار کي به برقي فيلڊ رستي لهي سگھي ٿي. زمين جي مقناطيسي فيلڊ ڏانهن وهندڙ سامونڊي وهڪرا به برقي فيلڊ پيدا ڪن ٿا، جيڪي شارڪ پنهنجي پسگردائي لهڻ ۽ شايد سفر لاءِ استعمال ڪري ٿي.
لئٽرل لائيٽ: هي سرشتو شارڪ سميت ٻين ڪيترين مڇين ۾ ٿئي ٿو، جنهن رستي پاڻيءَ ۾ حرڪت يا لرزش لهي سگھجي ٿي. شارڪ 25 کان 50 هرٽز جي وچ ۾ لرزش جي خبر رکي سگھي ٿي.
زندگي: شارڪ جي مختلف جنسن وانگر سندن زندگي به مختلف ٿئي ٿي، ڪيتريون شارڪ 20 کان 30 سالن تائين زندهه رهن ٿيون، انهن ۾ اسپائني ڊاگ فش (Spiny Bog Fish) 100 سالن کان به مٿي زندگي ماڻي سگھي ٿي. جڏهن ته ويل شارڪ (Rhincodon Types) به وڏي عرصي تائين زندهه رهي سگھي ٿي.
پيدائش: ٻين ڪيترين هڏائين مڇين جي ابتڙ شارڪ کي ڪي- سليڪٽيڊ (K-selected) پيدائش ڪندڙ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته اهي ٻچا ٿورڙي تعداد ۾ پر سٺيءَ طرح سان واڌ ڪيل پيدا ڪن ٿيون، شارڪ ۾ آنو ماديءَ جي جسم اندر پوکجي ٿو. نر شارڪ جي ڍونگريءَ جون کنڀڙيون عضون جي هڪ اهڙي جوڙي ۾ تبديل ٿي ويون آهن، جن کي ڪلئسپرس (Claspers) سڏجي ٿو ۽ ڪئٽ شارڪ
(Cat Shark) لڳ دوران ماديءَ کي ٻکجي وڃي ٿو، جڏهن ته جنسن ۾ نر ۽ ماد شارڪ هڪٻئي سان گڏ سڌيون ترنديون رهن ٿيون، تڏهن نر پنهنجو ڪلئسپر ماديءَ جي Oviduct ۾ وجھي ڇڏي ٿو.
بيضن جو نظام: گھڻين مڇين وانگر شارڪ جون ڪي جنسون پنهنجا آنا پاڻيءَ ۾ لاهين ٿيون. آنن جي ٻاهرين چم جهڙي جھل واڌ ڪندڙ ٻچي جو بچاءُ ڪندي رهي ٿي. اهڙيون جھليون بچاءَ خاطر وروڪڙ چيرن ۽ ڦاٽن ۾ لڪايون وڃن ٿيون. جڏهن آني جو اهڙو خول خالي ٿي وڃي ٿو ته ان کي سپر مرمئڊ (mermaid’Spure) سڏجي ٿو ۽ اهو پوءِ سمنڊ ڪناري لڙهي اچي ٿو. آنن ڏيندڙ شارڪن ۾ هارن شارڪ، ڪئٽ شارڪ، پورٽ جئڪسن شارڪ ۽ سويل شارڪ شامل آهن.
بنيادي طور شارڪ اڪيلي شڪار ڪندڙ سمجھي وڃي ٿي ۽ کاڌي جي تلاش ۾ سمنڊ جھاڳيندي رهي ٿي، اڪيلي شارڪ لڳ لاءِ ٻين سان ملندي رهي ٿي، پکين جي ڀيٽ ۾ شارڪ جي لڏپلاڻ جا طريقا وڌيڪ پيچيدا ٿين ٿا، جن مان ڪيتريون ته سمنڊ جي سڄي ترائي جھاڳينديون رهن ٿيون.
شارڪ سراسري طور 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تري ٿي، پر جڏهن کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ يا حملي جي نوبت اچي ٿي ته سراسري شارڪ 19 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار کي به رسي سگھي ٿي. شارڪ فن، ماڪو شارڪ نه رڳو تيز رفتار شارڪ، پر تيز ترين مڇي به سمجھي وڃي ٿي، جيڪا 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار کي به پهچي سگھي ٿي. منجھس اهڙين ڪن نرالين ڳالهين هجڻ جو سبب شارڪن جي گرم رت وارو هجڻ به ٿي سگھي ٿو.


لفظ شارڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو