شازيه خشڪ

شازيه خشڪ

شازيه خشڪ

شازيه خشڪ: سنڌ جي مشھور ڳائڻي شازيه خشڪ جي والد جو نالو فاروق احمد مرزا آهي. هن 16 سيپٽمبر 1970ع تي ڄامشوري ۾ جنم ورتو، 1990ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد محمد ابراهيم خشڪ سان شادي ڪيائين ۽ شازيا خشڪ جي نالي سان سڏجڻ لڳي. شازيه کي ڳائڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، پڙهائي دوران سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروگرامن ۾ پڻ ڳائيندي هئي. 1992ع ڌاري شازيه خشڪ، پروڊيوسر سلطانہ صديقيءَ جي هدايتڪاريءَ ۾ پي. ٽي. وي لاءِ هڪ مارواڙي گيت ڳايو ۽ ان ئي سال شاھہ سائينءَ جي عرس تي اسٽيج تي ڳائڻ آئي. منفرد ثقافتي لباس ۽ انداز سبب کيس سٺي موٽ ملي، ڪجهہ عرصي بعد کيس جپان وڃڻ جو موقعو مليو. جنهن کانپوءِ ريڊيو تي کيس نامور پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو، هن ڪنهن کان بہ راڳ جي باقاعدہ تربيت نہ ورتي، پر استاد فتح علي خان، استاد نياز حسين ۽ استاد رجب علي رضا جي رهنمائيءَ ۾گهڻو ڪجهه پرايائين. سندس مادري ٻولي ڪشميري آهي، پر سنڌي، سرائيڪي، ڍاٽڪي، اردو، پنجابي، بلوچي، بروهڪي ۽ انگريزيءَ ۾ گهڻو ڳايو اٿس. هن آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، جاپان، دبئي، قطر، سنگاپور، هالينڊ، مالديپ، ٿائلينڊ، سريلنڪا، ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ مڃرايو آهي. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو پاڪستان، سنڌ جي مختلف اسٽيشنن توڙي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس مشھور ڪلامن ۾ ماهي يار دي گهڙولي... (سچل سرمست)، تو دلڙي يار ڌتاري... (طالب الموليٰ)، لعل ميري پت....، حسينا پوپري (شمشير الحيدري)، گهوم چرخڙا... (شاھہ حسين ماڌولال)، تو کان دور رهون ٿا.... (اياز گل)، دم مست قلندر وغيرہ قابل ذڪر آهن:


لفظ شازيه خشڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.09.16  عيسوي

سنڌ جي مشهور ڳائڻي شازيه خشڪ جي والد جو نالو فاروق احمد مرزا آهي. هن 16 سيپٽمبر 1970ع تي ڄامشوري ۾ جنم ورتو،



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمن علي ميرالي
استاد لعل خان گُڪو
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
خاصخيلي ذوالفقار علي
بالي اقبال
عبدالله ڪڇي
زينت شيخ
علي حيدر
فقير عبدالغفور
طفيل نيازي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون