ڊاڪٽر شازيه پتافي

ڊاڪٽر شازيه پتافي

شازيه پتافي ڊاڪٽر

شازيه پتافي، ڊاڪٽر: محقق، قلمڪار ۽ استاد شازيه پتافي، 20 آگسٽ 1981ع تي ڳوٺ رسول بخش پتافي، تعلقي سوڀيديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾، ديدار حسين پتافيءَ جي گهر جنم ورتو. هن 1996ع ۾ مئٽرڪ، 1998ع ۾ انٽرميڊئيٽ سوڀيديري مان ڪرڻ بعد 2003ع ۾ بي. اي (آنرس) ۽ ايم. اي (2004ع) ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پهرين پوزيشن گولڊ ميڊل سان پاس ڪئي. 2006ع ۾ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۽ 2009ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرر مقرر ٿي. شازيه پتافي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختلف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي ’ڪلاچي‘، ’نئين زندگي‘، ’سنڌي ٻولي‘، ’ڪينجهر‘ مخزنن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. کيس نصابي سرگرمين عيوض مئٽرڪ ۾ اعزازي شيلڊ، بي. اي ۽ ايم. اي ۾ گولڊ ميڊل مليا آهن. سندس هڪ ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسي جي ارتقا‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2009ع ۾ ڇپيو آهي. شازيه پتافي 2014ع ۾ ’شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي جائزو‘ جي عنوان تي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر فھميدہ حسين جي نگرانيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر آهي. شعبي مان نڪرندڙ ’ڪينجهر‘ رسالي جي سب ايڊيٽر آهي. هوءَ حيدرآباد ۾ رهي ٿي. تازو سندس شادي سفير احمد سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ ٻار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.08.20  عيسوي

محقق، قلمڪار ۽ استاد شازيه پتافي، 20 آگسٽ 1981ع تي ڳوٺ رسول بخش پتافي، تعلقي سوڀيديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾، ديدار حسين پتافيءَ جي گهر جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پانڌي خان لغاري اول
نارائڻ جگن ناٿ وئديه
جي ايم ڀڳت
الھداد زرداري
بروهي عبدالحليم
جتوئي عبدالرحيم آزاد
عيسب فقير
حڪيم محمد احسن
نذير احمد سومرو پروفيسر
ڄاموٽ شفقت حسين شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون