
شاستري لال بهادر
شاستري، لال بھادر: ننڍي کنڊ جي نامياري سياسي اڳواڻ ۽ ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم لال بھادر شاستريءَ جو جنم، 2 آڪٽوبر 1904ع تي برٽش انڊيا جي بنارس شھر (رياست لکنؤ) ويجهو مغل سراءِ نالي شھر ۾ ٿيو. لال بھادر هندستان جي عظيم رهنما مهاتما گانڌيءَ جو نظرياتي پوئلڳ هو. لال بھادر گرئجوئيشن جو امتحان ڪاشي ودياپيٺ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو، جتي کيس ‘شاستري’ (عالم) جي خطاب سان نوازيو ويو ۽ اهو خطاب اڳتي هلي سڄي عمر سندس نالي جو حصو ٿي ويو.
شاستريءَ تي مهاتما گانڌي ۽ تلڪ مهراج جي قومي نظريي کان هو شاگرديءَ واري زماني کان ئي سياست ۾ سرگرم رهيو. هن هندستان ۾ صدين کان رائج ذات پات ۽ اوچ نيچ جي روايتن خلاف گانڌي جي طرفان هلايل تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ مظفرپور ۾ گهٽ ذات وارن ماڻهن ’هريجنن‘ سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ، ناانصافين خلاف آواز اُٿاري سماج ۾ سندن حيثيت کي بحال ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائين. سياسي حوالي سان 1921ع کان هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ جو ڪارڪن ٿي رهيو. سندس ابتدائي سرگرمين ۽ برطانوي حڪومت سان سهڪار نہ ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ کيس جيل موڪليو ويو، جتان ڪجهہ عرصي کانپوءِ آزادي ملڻ بعد ٻيهر سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو.
شاستري، پنھنجي زندگيءَ جا نوَ سال (گهٽ-وڌ) قيد خانن ۾ گذاريا. هندستان جي آزاديءَ کانپوءِ شاستري پهرين هندستاني رياست اتر پرديش جو پارلياماني سيڪريٽري ٿيو ۽ بعد ۾ کيس پوليس ۽ ٽرانسپورٽ جي وزارت جو قلمدان سونپيو ويو. هيءُ ٽرانسپورٽ جو پهريون وزير هو، جنهن عورتن کي ڪنڊيڪٽر طور مقرر ڪيو. 15 آگسٽ 1947ع ۾ رفيع احمد قدوائيءَ جي ڇڏڻ کانپوءِ وزارت اعليٰ جي عهدي تي فائز ٿيو.
27 مئي 1964ع تي جواهر لال نهروءَ جي وفات کانپوءِ 1964ع ۾ هندستان جو وزيراعظم چونڊيو ويو. 6 سيپٽمبر 1965ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پهرين جنگ لڳي، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن ۾ وقتي مسئلن جي نبيري لاءِ، روس جي دعوت تي ازبڪستان جي مرڪزي شھر ’تاشقند‘ ۾ 4 جنوري کان 10 جنوري 1966ع تائين ڳالهيون ٿيون. انهن ڳالهين ۾ پاڪستان طرفان اڳوڻي صدر جنرل محمد ايوب خان ۽ وزير خارجہ ذوالفقار علي ڀُٽي، جڏهن تہ ڀارت طرفان وزيراعظم لال بھادر شاستريءَ شرڪت ڪئي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪامياب ڳالهين کانپوءِ پڌرنامو: ’اعلان تاشقند‘ يا ’تاشقند ٺاھہ‘ جاري ٿيو، جنهن تي پاڪستاني صدر جنرل محمد ايوب خان ۽ ڀارتي وزيراعظم لال بھادر شاستريءَ صحيحون ڪيون.
لال بھادر شاستريءَ، 10 جنوري 1966ع تي، ’تاشقند معاهدي‘ تي صحي ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن، 11 جنوري 1966ع تي دل جي دوري پوڻ سبب تاشقند ۾ ئي وفات ڪئي. سندس اوچتي لاڏاڻي تي کيس ’قومي هيرو‘ جو لقب ڏيندي ’وجئه گهاٽ يادگار‘ تعمير ڪرايو ويو.
1904.10.02 عيسوي
ننڍي کنڊ جي نامياري سياسي اڳواڻ ۽ ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم لال بهادر شاستريءَ جو جنم، 2 آڪٽوبر 1904ع تي برٽش انڊيا جي بنارس شهر (رياست لکنؤ) ويجهو مغل سراءِ نالي شهر ۾ ٿيو.
1947.08.15 عيسوي
شاستري لال بهادر 15 آگسٽ 1947ع ۾ رفيع احمد قدوائيءَ جي ڇڏڻ کانپوءِ وزارت اعليٰ جي عهدي تي فائز ٿيو.
1964.05.27 عيسوي
شاستري لال بهادر 27 مئي 1964ع تي جواهر لال نهروءَ جي وفات کانپوءِ 1964ع ۾ هندستان جو وزيراعظم چونڊيو ويو.
1966.01.11 عيسوي
لال بهادر شاستريءَ، 10 جنوري 1966ع تي، ’تاشقند معاهدي‘ تي صحي ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن، 11 جنوري 1966ع تي دل جي دوري پوڻ سبب تاشقند ۾ ئي وفات ڪئي. سندس اوچتي لاڏاڻي تي کيس ’قومي هيرو‘ جو لقب ڏيندي ’وجئه گهاٽ يادگار‘ تعمير ڪرايو ويو.