شاعر (Poet): شاعر لفظ شعور مان نڪتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ‘شعر ٺاهيندڙ، شعر چوندڙ، ڪوي’ وغيره. شاعر ڪائنات ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي هڪ مخصوص رنگ ۾ محسوس ڪري ٿو ۽ ان ڪري سندس بيان ۽ اظهار، احساس ۽ فڪر پڻ مخصوص ۽ انفرادي هجي ٿو. شاعر جي ذهني اوسر ۾ نه رڳو ماحول پر ان سان گڏ موروثي اثرات پڻ ڪارفرما ٿين ٿا. جنهن ڪري سندس شخصيت منفرد ٿي پوي ٿي، ۽ سندس سوچڻ، سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ جو انداز پڻ نرالو ٿي پوي ٿو. هو هر مسئلي کي پنهنجي لاڳاپي ۾ محسوس ڪري ٿو. اسلامي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته عرب ۾ شاعر جو وڏو درجو هوندو هو ۽ اهو قبيلي جو معزز سمجهيو ويندو هو. شاعر جا چيل شعر جنن ۽ شيطانن جهڙين مافوق الفطرت هستين کان عطا ٿيل سمجهيا ويندا هئا. شاعر پنهنجي قبيلي جو ترجمان هوندو هو، جيڪو قبيلي وارن جي تعريف ۽ مدح ڪندو هو ۽ شاعريءَ ۾ دشمنن جي هجو ۽ توهين ڪندو هو. هن جا شعر عوام کي برزبان ياد هئا ۽ اهي وڏي چاهه ۽ شوق سان شعر ٻڌندا ۽ ٻڌائيند هئا. هي عربي لفظ شاعر، پوءِ فارسي، سنڌي، اردو، سرائيڪي، هندي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي وغيره زبانن ۾ به عام ٿي ويو.