شاعران شيرين بيان (قلمي): هيءَ قلمي بياض سنڌ جي نامور شاعر مرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. هن بياض مان پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادريءَ گهڻن ئي گمنام شاعرن جا غزل پنھنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ‘غزل جي اوسر'>سنڌي غزل جي اوسر’ ۾ شامل ڪيا آهن. هن بياض ۾ سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جي قديم شاعرن جو ڪلام موجود آهي. جنهن ۾ عبدالقادر بيدل، مير صوبدار خان، مير شھداد خان، مير حسين علي خان، آخوند لطف ﷲ لطف، سيد فاضل شاھہ، رسول بخش راهي، محمد اسلم علوي اسلم، مخدوم محمد عثمان، ميان شير محمد قريشي شائق، ميان محمد يوسف مسڪين، خوش محمد خاطي شڪارپوري، ميان نور محمد نور ۽ سنڌ جي ٻين گمنام شاعرن جو ڪلام ملي ٿو. ڊيمي سائيز ۾ 120 صفحن تي مشتمل هي بياض اوڻيهين صديءَ جي آخر جو لکيل آهي.