شاعر اعظم ڪتاب

شاعر اعظم ڪتاب

شاعر اعظم ڪتاب

شاعر اعظم (ڪتاب): ڪلاسيڪل شاعر سچل سرمست جي ڪلام تي لکيل مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ قاضي علي اڪبر درازي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ست مضمون شامل آهن، جن ۾: (1) خراج عقيدت بارگاھہ حضرت عشق، (2) سچل سرمست جي سنڌ کي دعا، (3) ضروري تويد، (4) سچل سرمست امن جو علمبردار، (5) سرتاج الشعراءَ ڪنهن کي سڏجي، (6) سچل سرمست جو ڪلام الاهي الهام، (7) سچل سرمست شهنشاھہ عشق وغيرہ شامل آهن.
هن ڪتاب ۾ ‘گذارش’ جي سري سان ليکڪ لکي ٿو تہ: هن قادرالڪلام جي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ سيني جي علم جي ضرورت آهي ۽ نہ انگريزي علم جي ڊگرين جي. راقم الحروف هن اقليم سخن جي تاجدار شاعر جي شعر تي شامل ڪتابن جي فهرست مطابق ڪافي روشني وڌي آهي ۽ ڪني ۽ ڍڪڻ جي پيشنگوئي باريڪ بينيءَ جي حقيقت بہ واضح ڪري ڏيکاري آهي.
38 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جو هيءَ ڪتاب حبيب پرنٽنگ پريس سکر مان پهرين آڪٽومبر 1974ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت ٻہ روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.10.01  عيسوي

شاعر اعظم ڪتاب حبيب پرنٽنگ پريس سکر مان پهرين آڪٽومبر 1974ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت ٻه روپيا آهي.



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوامي رام تيرٿ
تزڪ بابري
عاصمه جھانگير هوءَ جا ٽمڪي باهڙي ڪتاب
زندگي جو سفر تون ۽ مان
جنگ جو اعلان
انساني تھذيب جي ارتقا
اتهاس جا آواز
شيرين شعر
سنڌ جو شعبان مولانا عبدالڪريم چشتي
آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو 3
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون