شالمين شيدي

شالمين شيدي: شالمين شيدي، ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جو جنرل ۽ حيدرآباد واري قلعي جو سنڀاليندڙ هو. هو اصل ۾ محمد مرادياب ڪلهوڙي جو زر خريد ٻانهو هو. غلام شاھہ ڪلهوڙو 1755ع ۾ جڏهن محمد مراد ياب کانپوءِ تخت تي ويٺو، تڏهن شالمين کي پنهنجو جنرل بنايائين. غلام شاھہ ڪلهوڙي وٽ شالمين جي وڏي عزت هئي ۽ مٿس تمام گهڻو اعتبار ڪندو هو. غلام شاھہ ڪلهوڙي جڏهن 1768ع ۾ حيدرآباد جو قلعو ٺهرايو، تڏهن شالمين کي قلعي جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيائين. مير فتح علي خان جي حڪم تي سندس امير حاجي احمد 1781ع ۾ حيدرآباد جو قلعو فتح ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو تہ شالمين شيديءَ قلعي جو مڪمل انتظام ڪري، قلعي جا دروازا بند ڪرائي ڇڏيا. هن جا ويڙهاڪ ساٿي قلعي جي برجن تان بندوقن ۽ تيرن سان حملي آورن تي جوابي حملا ڪندا رهيا. احمد علي ٻن سالن تائين قلعي جو گهيرو برقرار رکيو، پر شالمين قلعي ۾ موجود لشڪر کي همت هارڻ نہ ڏني. نيٺ غلام حيدر مرڙاڻيءَ دوکي سان قلعي جي بارود خاني کي باھہ ڏئي، اڀرندي ديوار ڪيرائي ڇڏي، جنهن ڪري حاجي احمد کي قلعي ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو مليو. قلعي اندر ڪلهوڙن جا ويڙهاڪ گهٽ تعداد ۾ هئا، ان ڪري بنا ڪنهن وڏي خونريزيءَ جي حاجي احمد قلعي تي قبضو ڪري شالمين کي قيد ڪري ورتو. حاجي احمد عليءَ، شالمين کي مير فتح علي خان وٽ پيش ڪيو، جنهن کيس چڱي عهدي جي آڇ ڪري پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شالمين کيس زر تي ضمير نہ وڪڻڻ جو جواب ڏئي ڇڏيو. مير فتح علي خان سندس بهادري ۽ سچائيءَ کي ڏسي کيس آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر شالمين هڪ شرط تي آزاد ٿيڻ قبوليو تہ ڪلهوڙن جي ديرن ۽ سامان سان گڏ کيس وڃڻ ڏنو ويندو، بعد ۾ آزاد ٿي هن ڪلهوڙن جا ديرا باسلامت سکپور (هالن جي ويجهو) پهچايا. هن سکپور ۾ وفات ڪئي. سندس قبر جو نشان ڪونه ٿو ملي، جو قبرستان درياھہ پائي ويو آهي. هڪ ٻي روايت آهي تہ کيس قلعي ۾ ئي ڦاسيءَ تي لڙڪايو ويو هو.


لفظ شالمين شيديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو