شالم عاشر زيويئر

شالم عاشر زيويئر

شالم عاشر زيويئر

شالم عاشر زيويئر (Shallum Asher Xavier): پاڪستان جي نوجوان موسيقار ۽ گٽار نواز (Guitarist) شالم عاشر زيويئر جو جنم 16 سيپٽمبر 1978ع تي ڪراچي، سنڌ ۾ سيموئل ۽ شيرين زيويئر جي گهر ۾ ٿيو. سندس تعلق عيسائي گهراڻي سان آهي. هيءُ چئن ڀيڻن ڀائرن ۾ ٻئي نمبر تي آهي.
هن، پنھنجي ابتدائي تعليم سينٽ پال انگلش هاءِ اسڪول، ڪراچي ۽ بيچلر آف ڪامرس جي تعليم گورنمينٽ نيشنل ڪاليج، ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. موسيقيءَ واري ماحول ۾ پالنا ٿيڻ سبب ننڍپڻ کان سندس لاڙو سنگيت طرف رهيو ۽ تقريباً اٺن سالن جي عمر ۾ ڪي بورڊ تي تجرباتي طور سکيا ورتائين. بعد ۾ سنڊي اسڪول ۾ هڪ آمريڪي، پاسٽر (Pastor) کي گٽار وڄائيندو ڏسي، ان کان متاثر ٿيو ۽ اسٽيو واءِ ۽ جو اسٽرائيو (Joe Strive) کي پنهنجا استاد ڪري کانئن گٽار وڄائڻ جي بنيادي سکيا ورتائين. 2003ع ۾ هن هڪ موسيقار عمران مومنه سان گڏ بين الاقوامي سطح تي ‘فيوزن’ نالي بينڊ تشڪيل ڏنو آهي، جنهن کي موسيقيءَ جي شوقينن طرفان ڏيھہ توڙي پرڏيھہ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي. کيس ٻہ ڀيرا بھترين پاڪستاني گٽار نواز جو اوارڊ ملي چڪو آهي.


لفظ شالم عاشر زيويئرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.09.16  عيسوي

شالم عاشر زيويئر جو جنم 16 سيپٽمبر 1978ع تي ڪراچي، سنڌ ۾ سيموئل ۽ شيرين زيويئر جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير ابوالقاسم خان زمان ٺٽوي
الھبچايو لاسي
حنيف محمد
ظفر حسن مرزا جسٽس
صورت سنڌي
آغا محمد علي
صوفي لعل بخش ڪانڌڙو
سيد محمد مڪي1
محمد فقير مسخرو
شاھہ اسماعيل صوفي ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون