
شال وڻ
شال (Commonsal: وڻ): شال جي وڻ کي سنڌيءَ ۾ عام طور ‘سال’ سڏيو ويندو آهي. جڏهن تہ سنسڪرت ۾ هن وڻ کي ‘سولا’ ۽ ‘اسوا ڪرنا’ چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنى آهي ‘گوتم ٻڌ جي ماءُ’. اهو نالو هڪ ڏندڪٿا سبب پيو، جنهن مطابق گوتم ٻڌ جي ڄمڻ وقت کيس هن وڻ جي ٽاري هٿ ۾ هئي ۽ مرڻ وقت بہ هو هن وڻ جي هيٺان ستل هو. ان کان سواءِ هندستان ۾ وهمي ماڻهو هن وڻ جي ٽاريءَ کي ڏائڻ سڃاڻڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن، جيڪي ٻارهن سالن کان وڏي ناريءَ جا نالا هن وڻ جي ٽاريءَ تي لکي، هڪ مقرر وقت تائين اهي ٽاريون پاڻيءَ ۾ رکندا آهن. ڪن هنڌن تي اهو مقرر مدو ساڍا چوڏهن ڪلاڪ ٻڌايو وڃي ٿو. بعد ۾ جنهن ناريءَ جي نالي واري ٽاري وڌي وڃي، ان کي ڏائڻ سمجهندا آهن، جڏهن تہ حقيقت ۾ وڻ کان ڪٽيل ڪابہ ٽاري ناهي وڌندي، اهي فقط انهن ماڻهن جا وسوسا هوندا آهن. هي وڻ هماليہ جي ماٿرين ۾ 500 فوٽن جي اوچائيءَ تي ٿيندو آهي، جيڪو 30 ميٽرن تائين ڊگهو پڻ ٿئي ٿو. هن وڻ جا پن 10 کان 30 سينٽي ميٽر ڊگها ۽ 5 کان 8 سينٽي ميٽر ويڪرا هوندا آهن، جيڪي مرڪب هوندا آهن، جنهن ۾ 12 کان 15 جوڙ هوندا آهن. هيءُ وڻ فيبروريءَ کان اپريل تائين پن ڇڻي وڃڻ سبب پنن کان خالي نظر ايندو آهي ۽ اپريل کان مئي تائين نوان پن ڪڍندو آهي. هن وڻ جو ڪاٺ مضبوط ٿيندو آهي، ريلوي جي پٽڙين ۾ پيل سليپر هن وڻ جي ڪاٺ مان تيار ڪيا ويندا آهن. عمارتن لاءِ هن وڻ جو ڪاٺ وڌيڪ ڪارائتو سمجهيو ويندو آهي. هن وڻ مان خاص قسم جو ڦل ملندو آهي، جنهن کي سڪڻ کانسواءِ پيهي سيرو ٺاهي سگهجي ٿو. هن وڻ جي ڪاٺي ڳاڙهي ۽ ميوو ڪارو ٿيندو آهي. هي وڻ پاڪستان کانسواءِ ديرادون، ميسور ۽ بنگال ۾ پڻ ٿئي ٿو. هن وڻ جا ڇوڏا، کؤنر، پن ۽ تيل کارا هجڻ ڪري حڪيمن مطابق پيٽ جي ڪيڙن لاءِ بهتر علاج آهن. ان کانسواءِ هن جي ميوي، پن ۽ ڇوڏي مان ٺهيل دوائون السر، زخمن، قبضي، مٿي جي سور، ڪن جي سور، بدن جي ساڙي، سلھہ جي زخمن، ڏندن جي سور، اکين جي سڙڻ ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين لاءِ فائديمند آهن.