
شام

شام ۾ آپاميا جا کنڊر
شام (Syria): شام ملڪ جو سرڪاري نالو الجمهوريه العربية السريا (Syrian Arab Republic) آهي. عربيءَ ۾ شام جي معنيٰ آهي ‘کاٻي طرف’. يونانين هن کي ‘سيريا’ جو نالو ڏنو. هيءُ ملڪ اولھہ ايشيا وچ اوڀر ۾ آهي. هن جي اتر ۾ ترڪي، اوڀر ۾ عراق، ڏکڻ ۾ اردن، ڏکڻ اولھہ ۾ اسرائيل، اولھہ ۾ لبنان ۽ رومي سمنڊ واقع آهن. شام رومي سمنڊ جي اڀرندي ڪناري تي واقع آهي.
شام جي اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگهہ 500 ڪلوميٽر ۽ اولھہ کان اوڀر طرف ويڪر 470 ڪلوميٽر آهي. ارضياتي حوالي سان هن ملڪ جي زمين گهڻي ڀاڱي ريگستاني يا نيم ريگستاني آهي. رومي سمنڊ ويجهو انصاريه جابلو سلسلو، وچئين سوراخ وري وادي ۽ لبنان جي ٽڪرين وچ ۾ موجود ڪجهہ ذرخيز واديون ۽ چراگاھہ آهن، جن ۾ هما، حمص، دمشق واديون قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ حماد، فرات، جبل دروز، ۽ هوران خشڪ ريگساني ۽ خشڪ جابلو علائقا آهن. باقي ملڪ جا اتريان حصا بالخصوص هيما، لطاڪيا، زاويا وغيرہ نيم ريگستاني آهن، جن ۾ گاھہ جا ميدان پکڙيل آهن. هن ملڪ سان ڀونوچ سمنڊ جو ڪنارو پڻ لڳي ٿو، جيڪو تقريباً 193 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. مجموعي طور هن جي جاگرافيائي پکيڙ 71498 چورس ميل آهي. شام جي موجودہ آبادي 22.85 ملين آهي، جنهن مان وڏو تعداد سُني مسلمانن جو آهي. ان کان سواءِ شيعه، دروز ۽ عيسائي بہ وڏي تعداد ۾ رهندڙ آهن. هن ملڪ جا مشھور ۽ مرڪزي شھر دمشق (گاديءَ جو هنڌ)، حلب، حمص ۽ حمات آهن، جيڪي صدين کان وٺي علم ۽ فن جا اهم مرڪز پئي رهيا آهن. مصر جي شھر قاهره کان پوءِ دمشق اسلامي دنيا جو ٻيو وڏو علمي ۽ ثقافتي مرڪز ليکيو وڃي ٿو.
شام ملڪ 640ع ۾ مشھور مسلمان سپھہ سالار بن وليد'>خالد بن وليد جي هٿان فتح ٿيو، جڏهن تہ اميه گهراڻي جي دور ۾ شام جي موجودہ گاديءَ واري شھر دمشق کي دارالحڪومت بنايو ويو.
شام جون هن وقت گهرو حالتون تمام خراب ٿي ويون آهن. جتي مسلسل هلندڙ گهرو ويڙھہ سبب هن مھل تائين اٽڪل 70 لک ماڻهو دربدر ٿي، پناھہ گيريءَ واري حالت ۾ يورپي ۽ پاڙيسري ملڪن جو رخ ڪيو آهي. شام جي پاڙيسري ملڪن جھڙوڪ: ترڪي، اردن، لبنان ۽ عراق ۾ لکين شامي پناهگير ڪئمپن ۾ رهن ٿا. گڏيل قومن واري اداري جي رپورٽ موجب هڪ طرف 70 لک ماڻهو شام مان هليا ويا آهن، جڏهن تہ ان کان سواءِ شام ۾ 40 لک ٻار امداد لاءِ حيران ۽ پريشان آهن.
شام، جنهن جو نالو سيرين عرب ريپبلڪ بہ آهي، اهو 1958ع کان 1962ع تائين مصر سان هڪ ملڪ يونائيٽيڊ عرب ريپبلڪ جي حيثيت ۾ رهيو. ۽ بعد ۾ ٻيهر پنھنجي آزاد حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. سال 1967ع ۾ اسرائيل عرب جنگ ۾ شام بہ پنهنجا جولاب وارا جبل وڃائي ويهي رهيو، جن تي اسرائيل قبضو ڪري ورتو. ان وقت ملڪ جو صدر حافظ الاسد هو. هن وقت سندس پٽ بشارت الاسد ملڪ جو صدر آهي، جيڪو سال 2000ع کان ملڪ جو اقتدار سنڀالي ويٺو آهي. جيتوڻيڪ شام عرب ليگ جو ميمبر آهي، پر شام ۾ هلندڙ گهرو ويڙھہ ختم ڪرائڻ ۾ ڪاميابي نہ حاصل ڪري سگهيو آهي، جتي جولاءِ 2011ع کان وٺي مسلسل گهرو لڙائي جاري آهي، ۽ اتي شام جي حڪومت سان جنگ ڪندڙ باغي گروپ ‘فري سيرين’ آرمي، ويڙھہ ۾ مشغول آهي. هيومن رائيٽس واچ، سال 2010ع ۾ سموري دنيا کي هڪ رپورٽ جاري ڪري ٻڌايو ته، هوند شام ۾ خانہ جنگي هلندي رهي، تہ شام تباھہ ٿي ويندو. شام ۾ هلندڙ ڊگهي ويڙھہ دوران چار لک ماڻهو مارجي چڪا آهن.
اهي ساڳيا انگ گڏيل قومن واري اداري جي عيوضي اسٽيفن ڊيمسٽورا سال آگسٽ 2016ع ۾ پنھنجي رپورٽ ۾ لکيا آهن. هن اهو بہ لکيو آهي تہ ٻہ سال اڳ هڪ سال ۾ اڍائي لک ماڻهو مارجي ويا هئا. گڏيل قومن جي هڪ ٻي رپورٽ موجب شام ۾ هلندڙ گهرو ويڙھہ جا 6 اهم نقطا آهن. انهن ۾ اقتصادي خراب حالتون، سني ۽ شيعا گروپن جي وچ ۾ ويڙھہ، ڪجهہ ٻاهرين ملڪن جي مداخلت، خاص طور تي آمريڪا ۽ روس، جيڪي مختلف ويڙهاڪ گروپن جي امداد ڪري رهيا آهن، ۽ ايران، جيڪو هڪ مزاحمتي گروپ جي حمايت پيو ڪري، ٻيو هٿياربند مزاحمتي گروپ، جن ۾ داعش شامل آهي وغيرہ وغيرہ. اهڙين حالتن سبب شام جهڙو تاريخي ملڪ تباهيءَ سان دوچار آهي. جنهن جي گاديءَ واري شھر دمشق ۾ حضرت علي عليہ السلام جي دلير نياڻي بيبي زينب عليہ السلام جي مزار مقدس موجود آهي.
شام، بنيادي طور زرعي ملڪ آهي، هتي ڪڻڪ، جؤ ۽ داليون وڏي مقدار ۾ ٿين ٿيون. ان کان سواءِ گجر، زيتون ۽ تماڪ جي پوک بہ وڌيڪ ٿئي ٿي. ريشمي ڪپڙي ۽ شيشي سان ٺهيل آرائشي شين جي ڪم لاءِ هي ملڪ گهڻو مشھور آهي. حلب جي بلوري ٿانون ۽ آرائشي شين جي يورپ سميت ايشيا ۾ بہ گهڻي گهرج آهي. زرعي علائقن سان گڏ دمشق ۽ حلب ۾ ننڍيون ننڍيون مختلف صنعتون پڻ قائم آهن. عراقي پيٽروليم ڪمپني جي پائيپ لائين شان مان گذري ٿي، جنهنڪري هن ملڪ کي هڪ وڏي رقم رائلٽي طور ملي ٿي.
تاريخي اعتبار کان شام هڪ قديم تهذيبي ۽ ثقافتي مرڪز آهي. هي ملڪ پنھنجي ذرخيزي ۽ خوشحاليءَ جي ڪري ڪشش جو سبب پئي رهيو آهي. شام جي سرڪاري ٻولي عربي آهي. جڏهن تہ ڪردش، آرميني ۽ فرانسيسي پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون.