شانت رس

شانت رس (Quietistic): شاعريءَ جو اهڙو قسم، جنهن جي پڙهڻ سان من، دنيا جي ڪاروهنوار کان آجائي ۽ سڪون ماڻي سگهجي ۽ دنياوي خفن کان پري رهڻ جو اظهار ملي. شانت رس، هندي سينگار رس شاعريءَ جو مکيہ انگ آهي. سنڌي سگهڙن ۽ شاعرن بہ سينگار شاعريءَ جي ٻين قسمن سان گڏ شانت رس کي بہ ڪم آندو آهي.
شاھہ جو هيٺيون بيت ان رنگ جو ساکي آهي:
سيويو جن سبحان، وير نہ وڙهي تن سين،
ڏئي توڪل تڪيو، آر لنگهيا آسان،
توبھہ جي تاثير سين، تري ويا طوفان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو.
(سريراڳ، شاھہ جو گنج)


لفظ شانت رسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو