شاهاڻي اسڪول ناٽڪ منڊلي

شاهاڻي اسڪول ناٽڪ منڊلي: هن نالي سان ناٽڪ منڊلي شاهاڻي اسڪول ڪراچيءَ جي شاگردن 1927ع ۾ قائم ڪئي، جيڪا پنھنجي اسڪول ۾ مختلف ناٽڪ پيش ڪندي هئي. هن ناٽڪ منڊليءَ طرفان پيش ڪيل اڪثر ناٽڪن جو هدايتڪار پروفيسر منگهارام ملڪاڻي هو. جنهن جي هدايتڪاريءَ هيٺ پيش ڪيل ڪيترن ئي ناٽڪن شاگردن جي ذهنن تي اثر ڇڏيا. انهن مان ‘ٽِي پارٽي’ نالي هڪ مزاحيہ ناٽڪ تمام گهڻو مشھور ٿيو هو.


لفظ شاهاڻي اسڪول ناٽڪ منڊليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو