شاهد

شاهد: شاهد جي لغوي معنيٰ آهي ‘شاهدي ڏيندڙ، گواهه، ساکي، اکين ڏٺي ڳالهه ڪندڙ’. ڪنهن به ماڻهوءَ يا واقعي کي سچو يا ڪوڙو هئڻ جي گواهي ڏيندڙ. اصطلاحي مطلب ۾ شاهد ان شخص کي چيو ويندو آهي، جيڪو انصاف جي قيام لاءِ عدالت کي معاملي جي اصل صورتحال کان واقف ٿيڻ ۾ مدد ڏئي، ڇو ته اکين ڏٺو شاهد هئڻ سبب هو ان معاملي جي حقيقت کي گهڻو ويجهڙائيءَ کان واقف هوندو آهي. اسلام ۾ شاهد (گواهه) لاءِ بنيادي شرط لاڳو آهي ته اهو شخص، ماضيءَ ۾ ڪوڙو يا فريبي نه رهيو هجي ۽ ان جي ضمانت ان جا واقفڪار ڏيڻ.
دين اسلام ۾ شاهد يا گواهه لاءِ مختلف معاملن ۾ مختلف تعداد مقرر آهي. مردن ۽ عورتن لاءِ شاهديون به مختلف آهن. زنا جي معاملي جي سزا ۾ شرعي حد مقرر ڪرڻ لاءِ چئن مرد شاهدن جي ضرورت هوندي آهي. ٻين معاملن چوري، قتل، شادي، طلاق يا غلامن جي رهائيءَ ۾ ٻن شاهدن جو هجڻ لازمي آهي. نسواني مامرن جهڙوڪ: ٻار جي پيدائش يا عورتن جي جسماني نقص وغيره ۾ شافعي فرقي مطابق چار شاهد عورتون، مالڪي فرقي مطابق ٻه، حنفي مسلڪ مطابق هڪ خاتون شاهد جي ضرورت هوندي آهي. مال جي معاملن ۾ ٻن مردن يا وري هڪ مرد ۽ ٻن عورتن جي گواهي لازم آهي. ٻن عورتن جي گواهي هڪ مرد جي برابر آهي.
ڪو به شاهد پنهنجي شاهدي ڏيڻ متعلق آزاد هوندو، پر ان جو ذميوار به پاڻ هوندو، پر زنا جي معاملي ۾ ڪوڙي شاهدي ثابت ٿيڻ تي سزا پڻ مقرر آهي.


لفظ شاهدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو