
شاهدہ ملڪ
شاهدہ ملڪ: نامياري هدايتڪاره ۽ اداڪارہ شاهده ملڪ، ڪراچي ٽيليويزن تان پنھنجي فني سفر جو آغاز ڪيو. ڪجهہ عرصو لاهور وڃي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪيائين. مگر پوءِ واپس ڪراچي موٽي آئي. هدايتڪار صمد شيخ، کيس پنھنجي فلم ‘مورک’ ۾ هيروئن جو ڪردار ڏنو. تنهن کانپوءِ پنھنجي هدايتڪاريءَ هيٺ فلم ‘همت’ ٺاهيائين ۽ ان ۾ مرڪزي ڪردار بہ ادا ڪيائين. سندس اداڪاري کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. هن جن سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو، انهن ۾: مورک، ڦل ماڇي، الھہ بچايو، هو جمالو، ڌرتي منهنجي ماءُ ۽ همت شامل آهن.هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.