شاهد آفريدي

شاهد آفريدي

شاهد آفريدي

شاهد آفريدي: مشھور ڪرڪيٽر شاهد آفريديءَ جو پورو نالو محمد شاهد خان آفريدي آهي. سندس جنم پهرين مارچ 1980ع تي خيبر ايجنسيءَ، خيبر پختونخوا ۾ ٿيو. شاهد آفريدي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رهيو آهي ۽ سندس اڳواڻيءَ ۾ ڪرڪيٽ جا ڪيترائي عالمي مقابلا ٿيا. کيس قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ 1996ع ۾ چونڊيو ويو، انهيءَ کان اڳ هو مقامي طور تي ڪرڪيٽ کيڏندو هو. شاهد آفريديءَ کي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ مخصوص انداز جي ڪري ‘بوم بوم’ جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي.
شاهد آفريدي آل رائونڊر رانديگر آهي. هو ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جو رانديگر آهي. 2010ع ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيائين ۽ 2011ع ۾ کيس ون ڊي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو. شاهد آفريدي ون ڊي انٽرنيشنل ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽسمين جو رڪارڊ بہ ٺاهي چڪو آهي. کيس اهو پڻ اعزاز حاصل آهي تہ هن سري لنڪا جي بالر ملنگا جي هڪ اوور ۾ 32 رنسون ٺاهيون، جيڪو ڳرو اوور ثابت ٿيو ۽ رڪارڊ ۾ شامل ٿي ويو. شاهد آفريدي ورلڊ ڪپ 2011ع ۾ 21 وڪيٽون حاصل ڪري ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون ڪيرائيندڙ بالر بڻيو. ٽي ٽوئنٽي 2012ع واري ورلڊ ڪپ ۾ سندس ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ نہ رهي، سڄي ٽورنامينٽ ۾ 64 رنسون ۽ ڏھہ وڪيٽون ورتائين. قومي ٽيم ۾ کيس هن وقت بہ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي مئچن ۾ ترجيح ڏيندي کيڏايو وڃي ٿو. 2013ع ۾ هن ويسٽ انڊيز خلاف گيانا ون. ڊي مئچ ۾ بھترين پرفارمنس ڏيندي 7 رانديگر آئوٽ ڪيا ۽ پنھنجي بالنگ اوورن ۾ ڪل 12 رنسون ٺاهڻ ڏنيون.
هن جولاءِ 2014ع ۾ لارڊز ۾ ٻہ سئو ساله جشن (سالگرھہ) جي موقعي تي رٿيل ڪرڪيٽ ميچن ۾ پڻ حصو ورتو. ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ (2015) دوران آسٽريليا کان ميچ هارائڻ بعد ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿيڻ سبب هن ون ڊي انٽرنيشنل تان مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. ساڳيءَ ريت آءِ سي سي ورلڊ ٽي- ٽوئنٽي ٽورنامينٽ (2016) ۾ انڊيا، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا کان ميچ هارائڻ بعد ٽي- ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان پڻ استعيفا ڏيڻ جا افواھہ پکڙيا، بعد ۾ هن ڪپتاني تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان ۾ راندين جي بحاليءَ لاءِ رٿيل پاڪستان سپر ليگ جو پهريون سيزن 2015ع ۾ لاهور ۾، ۽ ٻيو سيزن 2017ع ۾ دبئيءَ ۾ کيڏيو ويو، جنهن جو فائنل لاهور ۾ ٿيو. پاڪستان سپر ليگ جي ٻنهي سيزن ۾ شاهد آفريدي شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو. مارچ 2014ع ۾ هن شاهد آفريدي فائونڊيشن نالي هڪ تنظيم قائم ڪئي، جنهن جو مقصد صحت ۽ تعليم لاءِ سهولتون ميسر ڪرڻ آهي. ان کان سواءِ يونيسيف پاران وزيرستان جي قبائلي علائقن ۾ هلايل پوليو خلاف مھم جي سرواڻي ڪري رهيو آهي.
سندس زندگيءَ تي ‘مين هون شاهد آفريدي’ نالي سان هڪ دستاويزي فلم پڻ منظرعام تي اچي چڪي آهي.


لفظ شاهد آفريديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.03.01  عيسوي

مشهور ڪرڪيٽر شاهد آفريديءَ جو پورو نالو محمد شاهد خان آفريدي آهي. سندس جنم پهرين مارچ 1980ع تي خيبر ايجنسيءَ، خيبر پختونخوا ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خير محمد ڏاهري
ڀڳت هاسارام پنجواڻي
عظيم سنڌي
شيخ قائم خان خانبهادر
ذاڪر حسين طبله نواز
ڏنگر فقير
رتنا گوديا رولاڪ
پيرل فقير خوشدل ستاري
بشير احمد شاد ڊاڪٽر
صادق حسين قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون