استاد شاهد علي خان(ستار نواز)

استاد شاهد علي خان(ستار نواز)

شاهد علي خان استاد ستار نواز

شاهد علي خان، استاد (ستار نواز): نامياري ستار نواز شاهد علي خان جو جنم، پهرين جنوري 1977ع تي شاھہ فيصل ڪالوني (ڪچو قلعو) حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس والد استاد عابد علي خان پڻ ناليوارو ستار نواز رهيو آهي. هن 11 سالن جي ڄمار کان هن ساز کي وڄائڻ شروع ڪيو. شاهد خان سنڌ جي وڏن ناليوارن راڳين سان هن ساز تي سنگت ڪري چڪو آهي، خاص ڪري عابدہ پروين، شرافت علي خان، غلام علي خان، فتح علي خان، امير علي خان، ذوالفقار علي خان، مظهر علي خان ۽ ٻين ڪيترن راڳين سان سنگت کان سواءِ 200 کان مٿي ڪيسيٽن ۾ پڻ ستار وڄائي چڪو آهي. پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تي 1995ع تي متعارف ٿيو. ڪانٽريڪٽ بنياد تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ستار جي وڄت جا فرائض سر انجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.01.01  عيسوي

نامياري ستار نواز شاهد علي خان جو جنم، پهرين جنوري 1977ع تي شاهه فيصل ڪالوني (ڪچو قلعو) حيدرآباد ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي نواز خان چاچڙ
پيرزادو شريف الدين
حفيظ قريشي1
فھميدہ رياض
سر عبدالرشيد جسٽس
مولانا آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي
بزرگ بن شھريار1
شاھہ محمد مهيسر ڊاڪٽر
جمشيد ٽاٽا
اسد ڪورائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون