شاهد ڀٽو

شاهد ڀٽو

شاهد ڀٽو

شاهد ڀٽو (موسيقار): شاهد احمد ولد لعل محمد ڀٽو، 20 جنوري 1958ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ شڪارپور مان، انٽر 1976ع ۾ سکر مان، ايم. اي (ايڪنامڪس) سنڌ يونورسٽيءَ مان ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي موسيقيءَ سان چاھہ هئس، تنهنڪري احمد بخش مسرور بدويءَ کان موسيقيءَ جي ڪجهہ سکيا ورتائين. 81/1980ع دوران ڪراچيءَ ۾ آيو تہ موسيقي جي مڪمل سکيا ورتائين. ڪراچي ريڊيو تان نثار ميمڻ، شيخ اياز جو ڪلام ’هڙڪ هلو ڌيمان هلو‘ 1982ع ۾ سندس ڪمپوزيشن ۾ رڪارڊ ڪيو ۽ کيس ’ٻارڙن جي دنيا‘ جي پروگرام جو ڪمپوزر مقرر ڪيو ويو. 1985ع ڌاري بيدل مسرور ٻارن جي پروگرام جا ٽي. ويءَ تي گيت ڳارايا. هو گٽار، هارمونيم ۽ ڪي بورڊ کي مهارت سان وڄائيندو آهي. بيدل مسرور ۽ شاهد ڀٽو گڏجي ’وائيس گروپ‘ نالي هڪ تنظيم ٺاهي. بيدل مسرور ان جو صدر ۽ شاهد ڀٽو ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1991ع کان پاڪستان ٽيليويزن تي ڪمپوزر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ نثار بزمي ۽ فيروز الدين کان بہ ڪجهہ تربيت حاصل ڪئي اٿائين. پاڻ تمام سٺو ڪمپوزر آهي. کيس پي. ٽي. وي طرفان 1999ع جو بھترين موسيقار جو اوارڊ ڏنو ويو، سندس فن جو سفر جاري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.20  عيسوي

شاهد احمد ولد لعل محمد ڀٽو، 20 جنوري 1958ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيف ﷲ ميربحر
جوڻيجو منصور قادر
راهوجو محبوب رڪ
احمد رضا شاھہ جيلاني
اڪبر اديب
حبيب الرحمان ڏيپلائي
اختر بلوچ
ستار حسين خان
احمد متقي
جِم جِي شيفر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون