
شاهراهه فيصل
شاهراھہ فيصل: هي شاهراھہ ڪراچيءَ جي قديم رستن مان هڪ آهي، جنهن جو اڳوڻو نالو ڊرگهہ روڊ هو، جنهن جو هن وقت بہ ڪراچيءَ جي مشھور ۽ اهم رستن ۾ شمار ٿئي ٿو. ايئرپورٽ جي هن شاهراھہ تي هجڻ سبب پاڪستان توڙي دنيا جي ماڻهن کي ڪراچي ايئرپورٽ ڏانهن اچ وڃ لاءِ هن شاهراھہ کي استعمال ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري هيءَ شاهراھہ هر وقت ملڪي توڙي غير ملڪي سياسي، سماجي توڙي تجارتي ماڻهن جي گذر جو مرڪز رهي ٿي. گهڻو وقت اڳ هن شاهراھہ واري جاءِ تي پٿرائين علائقي مان ڪچو رستو گذرندو هو، جيڪو ڪراچيءَ کي ملير سان ڳنڍيندو هو. ملير وارو علائقو هن وقت ڪراچيءَ جي آبادي ۽ انڊسٽريل زون وڌڻ سبب ڪراچيءَ سان ڳنڍجي چڪو آهي، پر ان دور ۾ ملير جي ڀاڄين ۽ ميون جي پوکيءَ ڪري زرعي اهميت هئي. هن شاهراھہ لاءِ ڪراچي ۽ ملير کي ڳنڍڻ واري حوالي کان سواءِ هڪ ٻيو بہ حوالو عام ٻڌو وڃي ٿو تہ هن شاهراھہ تي قائم پاڪستان ايئر فورس جو مستقل پي. اي. ايف بيس آهي، جنهن جو بنياد 1918ع ڌاري ان وقت پيو، جڏهن برصغير ۾ رائل فورس قائم ٿي، جنهن جا برصغير ۾ 8 اسڪوارڊ قائم ٿيا. انهي عرصي ۾ لاهور ۾ هڪ ايئر ڪرافٽ رپيئر ڊپو بڻايو ويو. ڪراچي ۽ بمبئيءَ ۾ بہ خاص ڊپو قائم ڪيا ويا. اڳتي هلي 1922ع ۾ بنيادي يونٽ لاهور کان ڊرگ روڊ (موجودہ شاهراھہ فيصل) منتقل ڪري ان جو نالو ايئر ڪرافٽ ڊپو انڊيا رکيو ويو، جنهن جو پهريون ڪمانڊنگ آفيسر چارلس بي بريزارا هو. ٻيءَ عالمي جنگ ۾ هن بيس تان انڊيا، برما ۽ ملايا ۾ جنگ وڙهندڙ فوجي يونٽن کي مدد ڪئي ويندي هئي. اڳتي هلي 1938ع کان هن کي سول ايئر پورٽ طور ڪتب آڻڻ شروع ڪيو ويو. هن شاهراھہ جو پراڻو نالو ‘ملير’ 1981ع تائين قائم رهيو. اڳتي هلي ‘ڊرگ روڊ’ نالو اختيار ڪيو ويو، جيڪو 1997ع ۾ بدليو، جو مٿس سعودي عرب جي تڏهوڪي بادشاھہ شاھہ فيصل جي نالي پٺيان ’شاهراھہ فيصل‘ نالو ڏنو ويو. شاهراھہ فيصل جو آغاز پراڻي ايئرپورٽ جي اسٽارگيٽ کان ٿئي ٿو، جيڪو اٺ ميلن جي مفاصلي تي ڪلب روڊ تي ختم ٿئي ٿو. اسٽارگيٽ کان وٺي ابراهيم رحمت ﷲ روڊ ڪارساز تائين هن شاهراھہ جي ويڪر 150 فوٽ ۽ ڊيگهہ 3.90 ميل آهي، ڪارساز مهراڻ چونڪ کان عباسي شھيد ڪراسنگ (گورا قبرستان) تائين ويڪر 240 فوٽ ۽ ڊيگهہ 3.24 ميل ۽ گورا قبرستان کان فليگ اسٽاف هائوس تائين ويڪر 150 فوٽ ۽ ڊيگهہ 1.26 ميل آهي. پراڻي ايئرپورٽ جي اسٽارگيٽ يعني شاهراھہ فيصل جي شروعات کان صدر ڏانهن ايندي پهريون اسٽاپ ڪالوني گيٽ جو آهي، جنهن جي ويجهو ايئرپورٽ، ٽيليفون ايڪسچينج ۽ فليٽ قائم آهن. جنهن کان پوءِ ناٿا خان ڳوٺ جو اسٽاپ آهي. ڪارساز اسٽاپ جي آسپاس وارو علائقو پاڪستان نيويءَ جي هٿ هيٺ آهي. ساڄي پاسي سلطان بخاريءَ جي مزار آهي. نرسري اسٽاپ کانپوءِ گورا قبرستان اچي ٿو، جيڪو ڪراچيءَ ۾ عيسائين جو تمام وڏو قبرستان آهي. ان کان اڳتي فور اسٽار هوٽل ‘ريجنٽ پلازه’ آهي، جنهن جو پهريون نالو تاج محل هو. پراڻي نقشي ۾ ڊرگ روڊ جي پڇاڙي اها ڏيکاري وئي آهي ۽ ان کي ‘هاسپيٽل روڊ’ لکيو ويو آهي.