شاهلاڻي (ذات): نوٿاڻي بگٽين مان شاهل بن شمبو جو اولاد پاڻ کي ‘شاهلاڻي’ سڏائي ٿو ۽ ان جي هڪ پٽ محمد عليءَ جي اولاد کي ‘محمد علاڻي’ سڏيو وڃي ٿو. شاهلاڻي، هيبتاڻيءَ جي پڳ هيٺ آهن ۽ سندن وڏيرو مير علي شاهلاڻي آهي. هڪ ٻئي حوالي موجب چانڊيا ذات ۾ بہ ‘شاهلاڻي’ آهن، جيڪي تعلقي قنبر ۾ رهن ٿا.
شاھہ لطيف ادبي سنگت لاڙڪاڻو: هن ادبي تنظيم جو بنياد 1980ع ۾ پيو. جنهن جو صدر مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي ۽ جنرل سيڪريٽري مظفر علي شاھہ هو. هن سنگت طرفان شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت پروگرام ڪرائڻ سميت ٻيا ڪيترائي وڏا پروگرام ڪرايا ويا. هن سنگت طرفان 15 روزہ گڏجاڻيون ڪيون وينديون هيون. هيءَ سنگت ڪيترو وقت فعال رهڻ بعد بند ٿي وئي.