شاهل محمد ڪلهوڙي جو مقبرو

شاهل محمد ڪلهوڙي جو مقبرو

شاهل محمد ڪلهوڙي جو مقبرو

شاهل محمد ڪلهوڙي جو مقبرو (ماڳ): هيءُ مقبرو لاڙڪاڻي شھر کان اولھہ طرف، گهاڙ واھہ جي اترئين ڪپ تي ڳوٺ شاهل محمد، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ واقع آهي.
مقبري جي چوڌاري ڪنگرن سان ڀت 8.6 فوٽ اوچي آهي، احاطي جي ڀت ۾ اولھہ طرف پانيلن سان دروازو، جنهن تي کڻدار ونگون
(Recessed Arch) ٺهيل آهن. ڪي کڻ بعد ۾ ٺهيل لڳن ٿا. حجري کان وٺي ٻاهرين دروازي تائين فرش پڪين سرن جو آهي. مهاڙيءَ جي وچ تي 13.6 فوٽن جو ونگ ڏنل آهي، مقبري جي اوچائي فرش کان مٿي ڪانس (Cornice) تائين، پر ٻيڙٻني (Parapet) کان هيٺ 17 فوٽ آهي. اٺ ڪنڊين برجين سميت ماپ ڪبي تہ 21.10 فوٽ بيهندي. مقبري کي هاڻي ٻہ در، هڪ اوڀر ۽ ٻيو ڏکڻ ۾ آهن. احاطي اندر اڀرندي طرف هڪ دالان ٺهيل آهي، جنهن جي ڇت پٽين ۽ ڪامن تي ٻڌل آهي. مقبري کي دروازو ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ ونگن سان ۽ ڪاٺ جو ٺهيل آهي. دروازي واري ونگ 6.5 فوٽ ويڪري ۽ مقبري جي ڪمري واري دروازي جي وچ تي ٺهيل آهي. ٿلهي تي ٻہ قبرون آهن، جن مان اولھہ واري قبر ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي آهي، جڏهن تہ ٻي سندس پٽ، شاھہ حسن جي چئي وڃي ٿي. اڏاوت جا انگ اندر بہ ٿوري گهڻي فرق سان ساڳيا رکيا ويا آهن. ڪنڊن وٽ ڪنڊ- جوڙ (Squinch) ٺاهي ان جي مٿان اٺڪنڊو ڳچ، گنبذ ٺهيل آهي، گنبذ گول ٺهيل آهي. ڳچ (Drum) ۽ گنبذ تي خوبصورت ٽائيلس جو ڪم ٿيل هو، پر تازي دور ۾ جڏهن ماڳ کي ٻيهر ڏٺو ويو تہ سرن جي جاءِ تي گنبذ تي ساوا ۽ آسماني رنگ جا پٽا نڪتل هئا، جنهنڪري روضي جي خوبصورتي متاثر ٿي آهي. ڳچ جي هر هڪ ڪنڊ تي ڪلس ٺهيل آهي، جيڪي خوبصورت ٽائلس جا آهن. فرش کان وٺي اندر گنبذ تائين ماپ 30.6 آهي. اندر روضو 15.6 فوٽن جو آهي، گنبذ جي چوٽيءَ وٽ فانوس آهي. روضي جي ڪل ماپ هيٺان کان مٿي تائين 35 فوٽ بيهي ٿي. هن جي اوڀر ڏکڻ ۾ احاطي کان ٻاهر چاڪر کهاوڙ جو مقبرو ٺهيل آهي. هيءَ مقبرو ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جو ٺهرايل آهي. هي ماڳ ''20'36°27 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ ''00'05°68 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هن مقبري جي مرمت عبدالله بلوچ، اوقاف کاتي حڪومت سنڌ جي وزير جي حڪم سان، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾، سال 1976ع ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو