شاهنامهء سنڌ (قلمي): هي ڪتاب سنڌي نظم ۾ هزهائينس مير محمد حسن علي خان ٽالپر ابن مير محمد نصير خان ٽالپر جي تصنيف آهي. هن مثنويءَ ۾ سنڌ جي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن حاڪمن جو تفصيلي بيان آهي. هن مثنويءَ کي فردوسيءَ جي شاهنامي واري وزن بحر تي تيار ڪيو ويو. مثنويءَ ۾ ڪل 56 باب آهن، جن ۾ آخري ڪلهوڙن حاڪمن ۽ ٽالپرن جي پهرين چؤياري (مير فتح علي خان ٽالپر، مير غلام علي خان ٽالپر، مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر) جي حاڪمن جو تفصيلي احوال موجود آهي. ان کانسواءِ هن ۾ ڪلهوڙا حاڪمن جي زوال، مير بهرام خان ۽ مير صوبدار خان جي شهادت، ميان سرفراز خان جو تخت تان لهڻ ۽ قيد ٿيڻ، ميان غلام نبيءَ جو تخت تي وهڻ، مير بجار خان جو سنڌ ۾ اچڻ، ميان غلام نبيءَ جو جنگ ۾ مارجڻ، ميان عبدالنبيءَ جو تخت نشين ٿيڻ، ميان غلام نبيءَ جي پٽن کي ميان عبدالنبيءَ جو مارائڻ، ميان عبدالنبي جو قيد ۾ ميان سرفراز خان کي پٽ، ڀائٽيي ۽ چاچي سميت قتل ڪرائڻ، تيمور شاهه جي سنڌ تي ڪاهه، ميان عبدالنبيءَ جو مير بجار خان کي شهيد ڪرائڻ، ميان صادق عليءَ جو تخت تي ويهڻ، ميان عبدالنبي جي مدد خان پٺاڻ کي سنڌ جي حملي ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ، مدد خان جا سنڌ ۽ سنڌ جي عوام تي ظلم تشدد ڪرڻ، ميان عبدالنبيءَ جو مير عبدالله خان، مير فتح خان ۽ مير مرزي فقير کي دعوت ڏئي سڏرائي قتل ڪرائڻ، هالاڻيءَ جي جنگ لڳڻ، ڪلهوڙن جي شڪست ۽ ٽالپرن جي فتح، ٻن سالن کان پوءِ حيدرآباد جو قلعو فتح ٿيڻ، مير فتح علي خان جو سڄي سنڌ جو حاڪم ٿيڻ، مير فتح عليءَ جو دؤر ۽ سندس وفات، مير غلام علي خان جو تخت نشين ٿيڻ، مير غلام علي جو دؤر ۽ سندس وفات، مير ڪرم علي خان ٽالپر جو تخت نشين ٿيڻ ۽ مير ڪرم علي خان جو دؤر ۽ سندس وفات بابت تفصيلي معلومات موجود آهي. مير عظيم الدين ۽ مير صوبدار خان جون مثنويون فارسيءَ ۾ آهن، جڏهن ته مير حسن علي خان جي مثنوي سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي. هن مثنويءَ جا چار قلمي نسخا موجود آهن، جن مان پهريون نسخو ميرزا غلام رسول بيگ جو هٿ اکر، ٻيو حسن بخش مرڙاڻيءَ جو هٿ اکر ۽ ٽيون ۽ چوٿون ٻئي ميرزا قربان علي بيگ ڪربلائي ابن ميرزا قاسم علي بيگ جا هٿ اکر آهن. اهي چارئي نسخا نامور تاريخدان، محقق ۽ شاعر مرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ آهن، جيڪي اڃا تائين قلمي صورت ۾ آهن. هن مثنويءَ جو اختصار پهرين 1938ع ۾، پوءِ 1952ع ۾، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد پاران شايع ٿيو هو. هي اختصار غلام نبي محمد وريل، حيدرآباد جي وڪيل تيار ڪيو هو. ڪتاب جي آخر ۾ مکيه ڳالهين ۽ ماڻهن بابت، معنيٰ ۽ شرح به ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جو نالو ‘سنڌ جو شاهنامون’ يا ‘ڪلهوڙن جي هار’ ۽ ‘مثنوي فتح نامه سنڌ’ به مشهور آهي.