شاهنامه فردوسي: هي ڪتاب فارسي نظم ۾ ايران جي قديم تاريخ بابت هڪ اهم ماخذ آهي. شاهنامه فردوسيءَ جو ليکڪ ابو قاسم فردوسي (1020-940) هو. هن ڪتاب جي دور جو تعلق محمود غزنويءَ (997هه- 1030ع) سان هو. عالمن جي راءِ آهي ته، فردوسيءَ جو هي عظيم يادگار ’شاهنامه‘ ايران جي تاريخ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. پاڻ نه رڳو هن ڪتاب ۾ ايران جي قديم تاريخ کي محفوظ ڪيو اٿس، پر فارسي زبان کي به نئين زندگي ڏئي ويو. علم، شعر، تاريخ ۽ اخلاق جي اعتبار سان، فردوسي غزنوي عهد جي سموري ادبيات جو محور نظر اچي ٿو. پاڻ هي ڪتاب پنهنجي ڳوٺ ۾ ويهي لکيو ۽ ان جو پهريون نسخو احمد بن محمد بن ابي بڪر خالنجيءَ جي نالي منسوب ڪيائين. فردوسي ‘شاهنامه’ جو ٻيو نسخو تيار ڪري، سلطان محمود غزنويءَ جي خدمت ۾ پيش ڪيو. محمود هن محنت کي ايران جي قديم تاريخ طور ڏٺو ۽ ڪتاب ۽ ان جي لکندڙ کي خاص اهميت نه ڏيندي، مختصر انعام جو اعلان ڪيائين. فردوسي مايوس ٿي غزني ڇڏي ايران ڏي موٽي ويو. (تاريخ ايران، جلد دوم، ص 166) هن ڪتاب ۾ سٺ هزار شعر آهن. هن ۾ فردوسيءَ، ايران جي پهرئين داستاني بادشاهه ڪيومرث کان وٺي، آخري ساساني بادشاهه يزدگرد (ٽئين) تائين، پنجاهه بادشاهن جو احوال لکيو آهي. ان جو مکيه حصو ڪياني بادشاهه ڪيڪائوس جي باري ۾ آهي. رستم سندس دور ۾ ٿي گذريو. اهو ڪردار ۽ ان جي متعلق روايتون شاهنامي جي جان آهن. واقعا لکندي مصنف ڀروسي جوڳا ذريعا ڪم آندا آهن.
ايران جي نامور محقق ڊاڪٽر صفا ‘شاهنامه’ جي ڪجهه خوبين جو ذڪر ڪيو آهي. (1) فردوسيءَ ايران جي قومي روايتن کي پوري ايمانداري ۽ ذميداريءَ سان ڪتاب ۾ آندو آهي. (2) شاهنامي ۾ فطرت جا منظر، جنگي ميدان، پهلوانن جا ڪردار ۽ انهن جي مقابلن جي ڪهاڻين کي نهايت سليقي سان پيش ڪيو ويو آهي. (3) شاهنامي، جي تمهيد ۽ هر داستان جي آغاز ۾، حمد ۽ نعت، حڪمت ۽ عظمت ۽ عبرت انگيز ڳالهيون شامل آهن. (4) شاهنامي ۾ بيان جي سادگي پنهنجو مثال پاڻ آهي. ايترا سال گذرڻ کانپوءِ به، اڄ تائين اهو هر ايرانيءَ جي لاءِ سمجهڻ ۾ آسان آهي. هي ڪتاب رڳو ايراني بادشاهن جي منظوم تاريخ ڪونهي، بلڪ دنيا ۾ لکيل جنگي داستانن بابت، تحرير ڪيل ڪتابن ۾ هڪ مثالي ڪتاب آهي. فردوسيءَ واقعه نگاري، منظرڪشي، جذبات نگاري ۽ ڪٿي وري اختصارنگاريءَ ۾ به پورو حق ادا ڪيو آهي. (فارسي ادب ڪي مختصر ترين نگاري، ص (30-32) ايڊورڊ جي برائون پنهنجي ڪتاب ۾ ‘شاهنامه ۽ ان جي لکندڙ توڙي دور’ جو ڀرپور جائزو پيش ڪيو آهي.