شاهنواز خان (خطاب): هيءُ خطاب احمد شاھہ ابداليءَ طرفان ميان نور محمد خان ڪلهوڙي کي مليو. غلام رسول مھر پنھنجي ڪتاب ‘ڪلهوڙا دور '>تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور ’ جي پهرين جلد ۾ لکي ٿو تہ: “جڏهن نادر شاھہ افشار کانپوءِ حڪومت احمد شاھہ ابداليءَ سنڀالي، تڏهن هن سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد خان ڪلهوڙي کي ‘شاهنواز خان’ جو خطاب ڏنو. هن خطاب ڏيڻ جو مقصد هي هو تہ جيڪو خراج نادر شاھہ کي ادا ڪيو ويندو هو، هاڻي اهو آئيندہ احمد شاھہ کي ادا ڪيو وڃي، پر ميان نور محمد خراج ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهنڪري احمد شاھہ خود حملو ڪيو. اهو ٻڌي ميان نور محمد جيسلمير طرف هليو ويو ۽ اتي 1755ع ۾ وفات ڪيائين. هيڏانهن ديوان گدومل احمد شاھہ کي ٿڌو ڪري ڇڏيو. هيءُ واقعو 1167ھہ/1754ع ۾ رونما ٿيو.