شاهنواز خان شھيد: جڳ مشھور تصنيف ‘مآثر الامراء’ جي مصنف خان شھيد'>شاهنواز خان شھيد خوافي جو اصل نالو عبدالرزاق حسين هو. هو سرڪار طرفان ڏنل لقب ’شاهنواز خان‘ سان مشھور هو. هن جا وڏا اصل ۾ ايران جي شھر خراسان جي هڪ ڳوٺ خواف سان تعلق رکندا هئا، جيڪي شهنشاھہ جلال الدين محمد اڪبر جي زماني ۾ هندستان آيا ۽ هتي وڏي عزت حاصل ڪيائون. شاهنواز خان لاهور ۾ 28 رمضان المبارڪ 1111ھہ/ 8 مارچ 1700ع تي پيدا ٿيو. هو اڃا جوان هو تہ اورنگ آباد هليو ويو، جتي پهرين خودمختيار نظام نواب آصف جاه هن کي برار شھر جو وزير مقرر ڪيو. 1155ھہ/1742ع ۾ شاهنواز بغاوت ۾ ملوث ٿي ويو، جيڪا نواب آصف جاھہ جي پٽ ناصر جنگ پنھنجي پيءُ خلاف ڪئي هئي ۽ جڏهن اها بغاوت ناڪام ٿي، تڏهن شاهنواز خان کي سندس عهدي تان برطرف ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هو پنج سال پنھنجي تصنيف ‘مآثرالامراء’ جي تحقيق ۾ مصروف ٿي ويو. نواب آصف جاھہ پنھنجي حڪومت جي خاتمي کان ٿورو پهرين 1160ھہ/1747ع ۾ سندس غلطي معاف ڪري کيس انهيءَ عهدي تي بحال ڪيو، جنهن تي هو پوءِ جي ٻن بادشاهن نواب ناصر جنگ ۽ نواب صلابت جنگ جي دؤر ۾ بہ برابر فائز رهيو. 1170ھہ/1756ع ۾ شاهنواز خان هڪ فرانسيسي جماعت جي تمام گهڻي مخالفت ڪئي ۽ انهن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ٿوري عرصي کان پوءِ 3 رمضان 1171ھہ/11 مئي 1758ع ۾ هڪ فرانسيسي ڪرنل بسي (Bussy) جي سپاهين جي هٿان مارجي ويو، پر ڪن روايتن ۾ ڄاڻايل آهي تہ شاهنواز خان کي خود فرانسيسي ڪرنل بسي پنھنجي هٿ سان گوليون هڻي شھيد ڪري ڇڏيو هو.
هن جي فقط ٻن تصنيفن جو پتو پوي ٿو: (1) ‘مآثر الامراء’ ۽ (2) ‘بھارستان سخن’. سندس تاريخي ڪتاب ‘مآثر الامراء’ جو ٽن ڀاڱن ۾ اردو ترجمو، اردو بورڊ پاران شايع ڪيو ويو آهي.