شاهنواز خان فيروزجنگ خطاب

شاهنواز خان فيروزجنگ (خطاب): جڏهن تيمور شاھہ ٽيھہ هزار افغاني سپاهي موڪلي سنڌ تي قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو، تہ ان وقت مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر ارڙهن هزار سنڌين جي مدد سان افغانن کي شڪست ڏني، اهو ٻڌي افغاني بادشاھہ تيمور شاھہ کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ لشڪر ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو. پر مير بجار خان روهڙيءَ پهچي تيمور شاھہ جي اچڻ کان پهريان ٻيڙين جي پل تيار ڪرائي ڇڏي ۽ تيمور شاھہ جي پهچڻ شرط وڃي وٽس حاضر ٿيو ۽ جنگ کي ٽاري ڇڏيائين. تيمور شاھہ، مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر مان گهڻو مطمئن ٿيو ۽ بروقت ميان عبدالنبيءَ جي نالي سنڌ جي حڪومت جو فرمان جاري ڪري، ميان عبدالنبيءَ کي ‘شاهنواز خان فيروز جنگ’ جي خطاب سان نوازيائين. ڪن تاريخدانن ڄاڻايو آهي تہ تيمور شاھہ سنڌ مان وڃڻ وقت ميان عبدالنبيءَ کي ‘معتمد الدوله شاهنواز خان فيروز جنگ’ جو خطاب ۽ خلعت عطا ڪئي. اهو واقعو 1194ھہ/1780ع جو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو