شاهنواز مھيسر
شاهنواز مھيسر: نامياري ليکڪ ۽ اديب شاهنواز ولد غلام محمد مھيسر 07 فيبروري 1946ع تي ڳوٺ بکر مھيسر، تعلقي ميري خان، ضلعي قمبر- شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ، رتيديري ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ايم. اي (معاشيات) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان 1971ع ۾ حاصل ڪئي. 1972ع ۾ سکر ۾ ليبر آفيسر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پاڪستان سيڪريٽريٽ سروسز ۾ شامل ٿيو. 1977ع ڌاري لاهور ۾ تربيت حاصل ڪرڻ بعد دفاعي کاتي، راولپنڊي ۾ سيڪشن آفيسر ٿيو. 1986ع ۾ مواصلات واري وزير جو اسٽاف آفيسر، غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي نگران حڪومت ۾ ثقافت، سياحت ۽ راندين جي وفاقي وزير جو اسٽاف آفيسر ۽ بينظير ڀُٽو جي پھرئين دور ۾ سندس اسٽاف آفيسر رهيو. ان کانسواءِ ڊپٽي سيڪريٽري تعليم، جوائنٽ سيڪريٽري ثقافت کاتو، 1993ع ۾ مڪاني کاتي سنڌ جو سيڪريٽري، سينئر ميمبر چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم، 1995ع ۾ انچارج سيڪريٽري پاڪستان اسٽيل ملز، 1997ع ۾ ڪيبينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري سميت مختلف عھدن تي رهيو. 2006ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. سندس، سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ‘وڃايل ورثو تاريخ جي تناظر ۾’، (2) ‘تقسيم هند ۽ سنڌ ۾ نسلي ويڇا’، (3) ‘ڪجهه پنھنجا قصا، ڪجهه پرين جي پچار ’ (آتم ڪٿا)، (4) ‘ڀٽو خاندان جو الميو’، (5) ‘چين جي ياترا’ (سفرنامو)،
(6) ‘Myth and Reality of Bangladesh’،
(7) ‘Sindh Valley Civilization-Glorious Past’،
(8) ‘Palestine an Apathy of the Muslim World’،
(9) ‘History, Geography and Culture of the world Part-1: Asia, Australia and Pacific’،
(10) ‘History, Geography and Culture of World Part II: Africa and Europe’ ۽
(11) ‘History, Geography and Culture of the World Part III: America and Antartica’ شامل آهن.
سندس ڪم جي مڃتا طور کيس ‘بزمِ روح روهاڻ’ پاران حميد سنڌي ايوارڊ سميت ٻيا ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.
1946.02.07 عيسوي
نامياري ليکڪ ۽ اديب شاهنواز ولد غلام محمد مھيسر 07 فيبروري 1946ع تي ڳوٺ بکر مھيسر، تعلقي ميري خان، ضلعي قمبر- شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.