شاهن باڊاهي
شاهن باڊاهي: مشھور شاعر ۽ براڊڪاسٽر شاهن باڊاهيءَ جو پورو نالو شاهه محمد ولد عبداللطيف ميمڻ آهي. هن 2 فيبروري 1950ع تي باڊهه شھر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم باڊهه ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي ۽ ايم. اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان صحافت جي شعبي ۾ ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1968ع ڌاري ڪئي. 1972ع ۾ تعليم کاتي ۾ ڪراچيءَ ۾ پرائمري استاد ۽ 1974ع ۾ JST مقرر ٿيو. 1978ع ۾ روزاني هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر ٿيڻ سان صحافت جي شروعات ڪئي. هيءُ 1982ع ۾ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۾ خبرن واري شعبي ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ اتان نيوز ڪاسٽر جي حيثيت سان ڪافي عرصو سنڌيءَ ۾ به خبرون پڙهندو رهيو. جنھن بعد حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور، لاهور ۽ لاڙڪاڻو ريڊيو اسٽيشن تي نوڪري ڪئي ۽ ترقي ڪري نيوز ايڊيٽر ۽ ڊپٽي ڪنٽرولر نيوز ٿيو. جنھن عھدي تان لاڙڪاڻي ريڊيو تان نوڪري دوران 2008ع ۾ بيماريءَ سبب رٽائرڊ ڪيائين. هُو لاڙڪاڻي ۾ قائم ريڊيو اسٽيشن ۽ ايس ٽي اين (شاليمار ٽيليويزن نيٽ ورڪ) جي بنياد وجهندڙن مان هو. هن ريڊيو اسٽيشن ۽ ايس. ٽي. اين جو لاڙڪاڻي ۾ بنياد رکڻ لاءِ تڏهوڪي وزيراعظم شھيد بينظير ڀٽو کي ڊرافٽ ٺاهي ڏنا هئا. سندس شاعري سينگار علي سليم، فوزيه سومري، برڪت ڀٽ، غلام علي سنديلي، شبير سمي ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي. هن باڊهه شھر ۾ علمي ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ جو بنياد وڌو. سندس شاعريءَ جا ڪتاب ‘کِل ته سھي’ (1974ع)، ‘جيون سارو ڳوڙها’ (2013ع) ۽ مختلف اخبارن ۾ ڇپيل ڪالمن تي مشتمل ”جوڳي ڏاڍي ذات“ (2023ع) ڇپيل آهن. کيس ادبي خدمتن عيوض ‘سنڌ فنڪار تنظيم’ طرفان 1990ع ۾ ‘محمد يوسف ايوارڊ’، 1991ع ۾ ‘سنڌ فنڪار ايوارڊ’، 1992ع ۾ ‘سنڌ فنڪار ايوارڊ’، ‘سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ’ طرفان 1997ع ۾‘ سنڌ ايڪسيلينٽ ايوارڊ’، ‘ڊراما آرٽسٽ فورم’گهوٽڪيءَ طرفان 1993ع ۾ ‘بھترين ڪارڪردگي ايوارڊ’، ‘مھراڻ ادبي ڪائونسل’ باڊهه طرفان 1994ع ۾ ‘بھترين ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ’، ‘سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم’ طرفان 1994ع ۾ ‘لوڪ ادب ۾ مڃتا طور سنَد’، ‘سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ’ طرفان 2013ع ۾ ‘لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ’ سميت، ٻيا ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليل آهن. هن 27 سيپٽمبر 2013ع تي وفات ڪئي. کيس قاسم آباد، حيدرآباد جي گل شاهه قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس هڪ پٽ ممتاز ميمڻ صحافي ۽ اديب آهي.
1950.02.02 عيسوي
مشھور شاعر ۽ براڊڪاسٽر شاهن باڊاهيءَ جو پورو نالو شاهه محمد ولد عبداللطيف ميمڻ آهي. هن 2 فيبروري 1950ع تي باڊهه شھر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
2013.09.17 عيسوي
شاهن باڊاهي 27 سيپٽمبر 2013ع تي وفات ڪئي. کيس قاسم آباد، حيدرآباد جي گل شاهه قبرستان ۾ دفنايو ويو.