شاهه اسماعيل صوفي ٺٽوي : سندس اصل نالو اسدالله عرف شاهه اسماعيل صوفي ولد شاهه نعمت الله ولد شاهه محمد يوسف ولد شاهه محمد يعقوب ولد شيخ شاهه ابوالقاسم هروي هو . هن بزرگ جا وڏا هرات مان ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيا. هن خاندان جا بزرگ صاحب تقويٰ ۽ ڪماليت جا ٿي گذريا آهن، جن مان شاهه اسماعيل وقت جو وڏو بزرگ ڪرامتن ۽ وڏي ڪمالات جو مالڪ هو. هندستان مان شاهه عاشق الله نالي هڪ وحدةالوجودي صوفي ٺٽي ۾ آيو ۽ کانئس ان کان تصوف جو فيض حاصل ڪري خلافت جو خرقو ورتائين ۽ هن جا شاهه عنايت صوفي جھوڪ واري سان دوستي ۽ اخلاص جا گھاٽا تعلقات هئا. شاهه اسماعيل صوفي گھڻو ڪري مثنوي روميءَ جو درس ڏيندو هو. روايت مشهور آهي ته هڪ ڏينهن درس ڏيندي اوچتو ئي سندس حالت خراب ٿي وئي ۽ سندس سموري بدن تي چهبڪ جي ڌڪن جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا، هڪدم وڏي چادر گھرائي بدن تي اوڍيائين. آخر معلوم ٿيو ته ٺٽي جي ڪوٽواليءَ ۾ ڪنهن ڏوهاري کي ڦٽڪن جي سزا ملي رهي هئي، جنهن جو اثر شاهه صاحب جي بدن تي ظاهر ٿي رهيو هو. شاهه اسماعيل صوفي عام ماڻهن جو خدا ڪارڻ علاج به ڪندو هو. بعض حالتن ۾ مرڻ جي ويجھو ماڻهن لاءِ دوا وٺڻ لاءِ ايندا هئس ته علاج اهڙو ڪندو هو، جو اُهي بيمار چڱا ڀلا ٿي پوندا هئا. سندس خاص مريدن مان شاهه عبداللطيف صوفي ۽ شاهه محمد مسعودي ولهاري آهن. شاهه اسماعيل ڪڏهن ڪڏهن صوفياڻي انداز ۾ شعر به چوندو هو. ٻارهين صديءَ جي وچ ڌاري وفات ڪيائين.