شاهه بابا مرزا، ترخان: ترخان شهزادو، مرزا جان بابا بيگ ترخان جو پٽ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان اول جو پوٽو هو. مرزا عيسيٰ ابتدا ۾ مرزا صالح کي پنهنجو ولي عهد مقرر ڪيو، ليڪن ان جي قتل ٿيڻ ڪري، عيسيٰ مرزا جان بابا کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو. پر مرزا عيسيٰ جي گهر واري ماهه بيگم ڪوشش ڪري مرزا محمد باقيءَ کي ولي عهد مقرر ڪرايو. پر هن احسان فراموش پٽ پنهنجي ماءُ ماهه بيگم، جنهن کيس تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻايو، ان کي بکيو ۽ اڃيو قيد ۾ رکي مارائي ڇڏيو (هيءَ اها ئي ماهه بيگم هئي، جيڪا مرزا شاهه حسن جي زال هئي، جنهن مڙس جي مرڻ کانپوءِ مرزا عيسيٰ سان شادي ڪئي هئي) ۽ اڳتي هلي پنهنجي ڀاءُ مرزا جان بابا کي به وڏي بيدرديءَ سان قتل ڪرائي ڇڏيو. مرزا باقي جهڙي ظالم، بدڪردار ۽ سفاڪ انسان سنڌ جو حاڪم ٿيندي ئي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي. هن ارغونن توڙي ترخانن بلڪ پنهنجي ڀائرن، ڀائٽين ۽ ناٺين سميت ڪيترن ئي بيگناهن کي بيدرديءَ سان قتل ڪرايو. انهي واقعي کانپوءِ مرزا جان بابا جو پٽ مرزا شاهه بابا ڏاڍو پريشان ٿي ويو ۽ سنڌ ڇڏي هندستان هليو ويو.
انهيءَ دوران مرزا باقي بيگ خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ تخت تي مرزا جاني بيگ ويٺو. مرزا جاني بيگ نسبتاً بهتر حاڪم هو. هن مرزا باقي جي ڪيل ظلمن جو ازالو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ارغونن ۽ ترخانن کي وڏي عزت ۽ مان ڏيڻ شروع ڪيو. جڏهن مرزا جاني بيگ اڪبري درٻار ۾ هندستان پهتو ته، اتي مرزا شاهه بابا کي موجود ڏٺائين. جاني بيگ جي منٿ ميڙ کانپوءِ، هو ٺٽي موٽي آيو. جاني بيگ جي ننڍي پڦي، شاهه بابا جي نڪاح ۾ آئي. ان کانپوءِ مرزا شاهه بابا سُکي زندگي گذارڻ لڳو. (مڪلي نامه، ص 528، حسام الدين راشدي)