شاهه بهارو جهنجهڻ لائبرري لاڙڪاڻو: ارڙهين صديءَ جي اوائل ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪم، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي نائب ۽ سپهه سالار شاهه بهاري وٽ هڪ وڏي لائبرري هئي، جنهن ۾ هزارين ناياب قلمي ڪتاب رکيل هئا. لائبرريءَ لاءِ ڪاتب طور مدد خان آچو وٽس مقرر ٿيل هوندو هو. شاهه بهاري 1134هه/ 1721ع ۾ حج کان واپسيءَ تي ڪيترائي عربي زبان ۾ ديني ڪتاب خريد ڪري پنهنجي ڪتبخاني ۾ اضافو ڪيو. شاهه بهاري جي هيءَ لائبرري سنڌ جي تمام وڏين ۽ قديم لائبررين ۾ شمار ٿيندي هئي. وقت گذرڻ سان هيءَ لائبرري آهستي آهستي ختم ٿي وئي.