شاهه حبيب: (شاهه لطيف جو والد)شاهه حبيب پنهنجي وقت جو ڪامل بزرگ ۽ وڏي مرتبي ۽ شان وارو، زماني جو قطب، ولايت جي سڀني صفتن سان سينگاريل ۽ سلوڪ جو سچو سرواڻ هو، سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو والد هو. شاهه حبيب جي ولادت جو تاريخ ۾ ڪٿي به ڪو پتو نه ٿو پوي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته شاهه حبيب هڪ روحاني شخص ۽ طريقت جو صاحب هو، ڪيترائي ماڻهو سندس صحبت مان رتا ۽ فيض حاصل ڪيائون. هرات جي هڪ سيد گهراڻي جي سَرڪَردي سيد علي هراتيءَ جي پٽ سيد حيدر جي اولاد جي هڪ شاخ، سنڌ ۾ متعلوي يا مٽياروي سيدن جي نالي سان مشهور آهي، جنهن مان جڳ مشهور شاعر ۽ عارف شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو پيدا ٿيو، جنهن جو تڙپوٽو شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو. شاهه حبيب، شاهه ڪريم جو پڙپوٽو هو.
شاهه حبيب جو شجرو هن ريت آهي: شاهه حبيب پٽ سيد عبدالقدوس پٽ جمال شاهه پٽ شاهه عبدالڪريم پٽ سيد لعل محمد شاهه پٽ عبدالمومن شاهه پٽ سيد هاشم پٽ سيد حاجي پٽ سيد جلال محمد جڙار شاهه پٽ سيد شرف الدين پٽ سيد مير علي پٽ حيدر پٽ علي پٽ محمد پٽ حسين پٽ علي پٽ يوسف پٽ حسين پٽ ابراهيم پٽ علي الجواري پٽ حسين الاڪبري پٽ جعفر ثاني پٽ امام موسى ڪاظمؑ پٽ امام جعفر صادقؑ پٽ امام محمد باقرؑ پٽ امام زين العابدينؑ پٽ امام حسينؑ پٽ امام علي ابن ابي طالبؑ پٽ عبدالمطلب پٽ هاشم.حبيب الله شاهه (شاهه حبيب) جو ڏاڏو جمال شاهه پنهنجي والد شاهه ڪريم جي وقت ۾ مٽياريءَ ۽ هالن طرف گهڻو گذارڻ لڳو. هو هالن ۾ هو ته ڪن ڌاڙيلن ڪنهن مائيءَ جي مال تي ڌاڙو هنيو ۽ جڏهن جمال شاهه ڌاڙيلن جي پويان واهرو ٿي ويو ته ڌاڙيلن کيس شهيد ڪري ڇڏيو، جمال شاهه کي ‘گولي پير جي مقام’ ۾ دفن ڪيو ويو. هي قبرستان شهدادپور تعلقي جي ديهه ۽ تپي ‘جما’ ۾، ڀٽ شاهه کان 9 ميل کن اتر طرف آهي. سندس شهادت کانپوءِ سندس ٻار ٻچا بلڙيءَ (سيدپور) ۾ وڃي پنهنجي ڏاڏي شاهه ڪريم وٽ رهيا. جمال شاهه کي عبدالقدوس نالي پٽ هو، جيڪو پنهنجي وقت جو عابد ۽ درويش هو، هن بلڙيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون ٿيو. عبدالقدوس کي ٻه پٽ هئا. هڪ حبيب الله شاهه (شاهه حبيب) ۽ ٻيو عبدالرشيد شاهه. هنن ٻنهيءَ کي اولاد ٿيو. دينداريءَ درويشيءَ جي ورڇ شاهه حبيب کي ملي. شاهه عبدالڪريم کان پوءِ جملي ‘ڪريم پوٽن’ ۾ شاهه حبيب ئي زهد ۽ عبادت، فقر ۽ فضيلت جو صاحب ٿيو ۽ سندس اعلى اخلاق، فيض ۽ فقيريءَ جو خاص طرح سندس پٽ شاهه عبداللطيف تي گهرو اثر پيو.
ڪريم پوٽن مان شاهه حبيب ئي صرف شاعر ٿيو، جنهن ڪجهه بيت چيا، جيڪي ‘شاهه جي رسالي’ ۾ شامل آهن. شاهه حبيب جي عارفانه شاعريءَ جو شاهه لطيف تي به اثر پيو. روايت آهي ته هڪ دفعي شاهه لطيف ڪيترا ڏينهن گهر نه آيو. جنهن تي شاهه حبيب پريشان ٿي کيس ڳولڻ لاءِ نڪتو. ڳولا ڪندي هن شاهه لطيف کي واريءَ جي هڪ ڀٽ ۾ ليٽيل ڏٺو. سندس سمورو جسم واريءَ سان ڍڪيل هو. صرف ٻانهن ئي نظر اچي رهي هئي. جنهن تي شاهه حبيب بيت جي هيٺين سٽ چئي:
‘لڳي لڳي واءَ، ويا انگـڙا لٽجي’
شاهه لطيف واريءَ اندران جواب ڏيندي چيو ته:
‘پئي کـڻي پَساهه، پَسڻ ڪارڻ پرينءَ جي’
ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شاهه حبيب شاعريءَ سان شغل رکندو هو.
شاهه حبيب پنهنجي والد جي حياتيءَ ۾ يا سندس وفات کان پوءِ ڪجهه عرصو اچي مٽياريءَ ۾ رهيو هو. ڪن روايتن مطابق شاهه حبيب هڪ شادي پنهنجن مائٽن مان ڪئي ۽ ٻيءَ شادي ٻاهران ڏيرن مان ڪئي. شاهه صاحب کي ٻي گهر واريءَ مان ٽي فرزند ٿيا، جن مان فقط شاهه عبداللطيف ڀٽائي باقي بچيو. پهرين گهر واريءَ مان ڪن حوالن مطابق کيس جمال شاهه نالي فرزند ٿيو ۽ ڪن حوالن موجب جمال شاهه ۽ مصري شاهه نالي ٻه فرزند ٿيا. پٽن کان سواءِ شاهه حبيب کي ‘بيبي بتول’ نالي هڪ نياڻي به هئي، جيڪا شاهه عبداللطيف جي سڳي ڀيڻ هئي. مير عبدالحسين سانگيءَ ڪتاب ‘لطائف لطيفي’ ۾ لکيو آهي ته، “شاهه حبيب کي ٻه نياڻيون هيون، پر اها پڪ نه آهي ته اهي ڪهڙيءَ
گهر واريءَ مان هيون، پر ٻنهي جي شادي شاهه حبيب جي زندگيءَ
۾ ٿي.”
شاهه حبيب پنهنجي والد جي زندگيءَ ۾ ئي ڪجهه وقت لاءِ مٽياري شهر ۾ رهيو، پر بعد ۾ مٽيارين جي درويش سخي هاشم شاهه جي چوڻ تي ‘سئي قندر’ جي رهاڪو عرس فقير ڏيري جي نياڻيءَ سان نڪاح ڪيائين ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين، جتي شاهه حبيب کي اولاد ٿيو. جڏهن شاهه عبداللطيف ڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو ته سندن نانو عرس فقير ڏيرو وفات ڪري ويو، جنهن کانپوءِ ان راڄ ۾ شاهه حبيب گھڻو نه ترسيو ۽ پنهنجي معتقد، ڪوٽڙيءَ مغل جي رئيس مرزا بيگ مغل جي اسرار تي سندس ڳوٺ ڪوٽڙي مغل، جيڪا سئي قندر کان اٺ، نو ميل پري اولهه، ڏکڻ طرف ۾ واقع هئي، لڏي وڃي رهائش اختيار ڪئي. ‘لطائف لطيفيءَ’ ۾ سانگي لکي ٿو ته، “شاهه حبيب ڪوٽڙي مغل شهر لڳ ٻاهران پنهنجو گهر ڪيو.” شاهه حبيب جي جوڙيل اُن لانڍيءَ جا ٽٽل ڦٽل آثار اڃا موجود آهن.
شاهه حبيب بابت اهو پڻ مشهور آهي ته سندس دعا ۾ وڏو اثر هو، امير توڙي غريب وٽس حاجتون کڻي ايندا هئا ۽ شاهه حبيب انهن لاءِ خدا جي بارگاهه مان دعا گهري، سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٻاڏائيندو هو. مير عبدالحسين سانگي پنهنجي ڪتاب ‘لطائف لطيفي’ ۾ لکي ٿو ته، “ڪوٽڙي وارو مرزا بيگ مغل، شاهه حبيب جو خاص مريد هو ۽ اڪثر کيس دعا لاءِ پنهنجي گهر وٺي ويندو هو. هڪ دفعي مرزا جي ڌيءُ (سيده/ سعيده بيگم) کي بخار ٿي پيو ۽ ڪنهن دوا جو مٿس اثر نه پئي ٿيو. آخر مرزا، شاهه حبيب وٽ آيو ۽ پنهنجي ڌيءُ جو احوال ٻڌائي، شاهه حبيب کي هلي دعاءِ خير ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين، پر شاهه حبيب خود ضعيف ۽ بيمار هجڻ ڪري پنهنجي پٽ شاهه لطيف کي مرزا مغل سان گڏ دعا لاءِ موڪليو. شاهه لطيف جڏهن مرزا مغل بيگ جي حويليءَ ۾ پهتو ته مرزا پردي جو انتظام ڪرايو ۽ پردي مان پنهنجي ڌيءُ جو هٿ شاهه لطيف جي هٿ ۾ ڏئي دعا لاءِ چيائين. شاهه لطيف ان خاتون جي آڱر هٿ ۾ وٺي چيو:
‘جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نڪي لوڏو.’
اهو ٻڌي مرزا مغل بيگ کي مَٺيان لڳي ۽ روايتن موجب شاهه لطيف جو دشمن ٿي بيٺو، پر اڳتي هلي سيده / سعيده بيگم سان شاهه لطيف جي شادي مرزا مغل بيگ جي مرڻ کان پوءِ ٿي، جنهن کي دل قبيلي وارن قتل ڪيو هو. مرزا مغل جي قتل بابت شاهه لطيف جي فقيرن هي ماده تاريخ چئي:
‘بود خبيث’ 1124هه/1712ع اهو ٻڌي شاهه لطيف پنهنجي فقيرن کي ايئن چوڻ کان سخت منع ڪئي ۽ في البديهه هيءَ ماده تاريخ چئي:
‘يڪ مغل بهه بوده’1124هه/1712ع شاهه حبيب، شاهه لطيف کي پنهنجي صحبت ۽ رفاقت ۾ رکي، سڄو توجهه سندس تربيت تي ڏنو ته جيئن هو ذهني، اخلاقي ۽ روحاني طرح اعلى درجي کي پهچي. شاهه حبيب پنهنجي پٽ شاهه لطيف کي هميشه پاڻ سان گڏ رکيو ۽ جتي ويو، اتي وقت جي عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ کيس ويهاريائين. کيس اباڻي ماڳ مٽياري ۽ خاص طرح وڏي ڏاڏي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي مزار تي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو ۽ اتي شاهه ڪريم جي فقيرن سان ملايائين. ٻئي طرف ميين شاهه عنات رضويءَ سان خاص طور ملائڻ لاءِ کيس شاهپور نصرپور تائين گهمايائين. جنهن کان شاهه لطيف متاثر ٿيو ۽ ٻنهي اعليٰ شاعرن، شاعريءَ ۾ هڪ ٻئي جو اثر ورتو. اهڙيءَ طرح جوانيءَ ۾ سالم طبع ۽ ذهين شاهه لطيف پنهنجي پيءُ شاهه حبيب سان گڏ انهن سفرن ۽ صحبتن مان گهڻو ڪجهه پرايو.
شاهه حبيب، وقت جو عالم، فاضل ۽ روحاني رمز ڄاڻندڙ هو، سندس سلوڪ جي راهه ۾ سفر طئي ٿيل نظر اچي ٿو. سندس ڪجهه شعر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جي رسالي مان جدا ڪري ڏنا آهن، جن مان سندس روحاني منزل ۽ شعري پختگيءَ جا چٽا اُهڃاڻ نظر اچن ٿا. اُهي هيٺينءَ ريت آهن:
آيلِ ٻاروچن جو، رويو پڇان راهُه،
وارِي وسِي واٽ وئي، مٿان موريو گاهُه،
مِروئَن ڪريان منٿون، کِين نه منهنجو ماهُه،
هيڪِلِين حبيب چئي، ٻيلِي آهه الله،
سرتيون وڃي ساهُه، ته ٿيان حوالي هوت جي.
-
پِنبڻيون پيرَ ڪري، پرُ پيراڻي لوءِ،
سيد پير سَڀين پرين، مرشد مِٺو هوءِ،
جي آيا اڳي پوءِ، سي رَسئا حق حبيب چئي.
-
پِنبڻيون پير ڪري، ڪر پناهه ڏي پنڌ،
نِمَ کٿوري ڪيوڙين، وڻين مُڪو ڳنڌ،
آهم آسا بند، پيراڻي پيزار سين.
-
پِنبڻيون پير ڪري، پر پيراڻي پار،
ڏِٺي جن ڏئار، رهي نه رتيءَ جيتري.
جڏهن شاهه حبيب جي فرزند شاهه لطيف واريءَ جي ڀٽ تي دائمي سڪونت جي تياري ڪري جايون ٺهرائڻ شروع ڪيون. اهڙيءَ ريت ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ڀٽ تي ويهڻ وارو مرحلو اڃا پورو ٿيو ئي مس هو، جو شاهه حبيب سخت بيمار ٿي پيو. شاهه لطيف سڄو ڌيان پنهنجي شفيق والد ۽ مرشد جي چڱڀلائيءَ لاءِ دوا درمل ۽ خدمت طرف ڪيو، سندس سڀئي فقير به شاهه حبيب جي صحت لاءِ دعا گهرندا رهيا. شاهه لطيف گهڻو وقت حويليءَ ۾ اندر پنهنجي والد جي خدمت ۾ پئي گذاريو. آخر شاهه حبيب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو ۽ شاهه لطيف حويليءَ مان ٻاهر اچي، سڀني کي ڄاڻ ڏنو. جڏهن سندس فقيرن اڳتي وڌي کانئس حال پڇيو تڏهن جواب ڏنائين:
اوٺي اٻهرا ٿيا، بيٺا تنگ ڪشينِ،
ڪڇن پڇن ڪينڪي، ورندي وات نه ڏينِ،
لاکيڻا، لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏينِ،
نيڻ نماڻا کڻيو، هنجهون ٿا هارينِ،
سي جُنگ جواب نه ڏينِ، ڏاڍي ڪيف ڪڪوريا.
شاهه حبيب جي ولادت بابت ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪا تاريخ يا سن ڄاڻايل نه آهي. پر اها پڪي پختي روايت موجود آهي ته شاهه حبيب جي عرس فقير ڏيري جي نياڻيءَ سان شادي، سخي هاشم شاهه ڪرائي ۽ ان درويش جي دعا سان ئي شاهه لطيف ڄائو. سخي هاشم شاهه پنهنجي وقت جو عالم، فاضل ۽ الله وارو هو. سندس ولادت 12 ربيع الاول 1057 هه/ 1647ع ۾ مٽيارن جي موجوده پيرزاده محلي۾ واقع وڏي حويلي ۾ ۽ وفات 12 ربيع الاول 1120 هه/ 1708ع ۾ اُتي ئي ٿي. هڪ روايت اها به موجود آهي ته شاهه حبيب، سخي هاشم جي والد سيد آدم شاهه (ولادت: 27 شعبان 1018 هه/ 1609ع - وفات: 3 ربيع الثاني 1090 هه/ 1679ع) کان مٽياريءَ جي ربي مسجد ۾ ديني درس به ٻڌندو هو ۽ وٽانس ڪجهه روحاني فيض به حاصل ڪيو هئائين. ان حوالي هيٺ شاهه حبيب کي سخي هاشم شاهه جو همعصر سمجهي سگهجي ٿو. ان موجب اندازاً سندس پيدائش 65 - 1064 هه/ 54 - 1653ع کان 1071هه/ 1660ع جي وچ ڌاري ٿي هوندي. ساڳئي وقت حبيب شاهه جي وفات بابت روايت موجود آهي ته هن 1144هه/1731ع ۾ هيءُ جهان ڇڏيو ۽ شاهه لطيف پاڻ پنهنجي والد کي ڀٽ تي ان هنڌ دفنايو، جتي هن وقت شاهه حبيب جي مزار آهي. شاهه حبيب جي وفات تي هڪ عالم ۽ شاهه لطيف جي مريد ميان محمد صادق ٺٽويءَ هڪ تاريخي ماده چيو هو. انهيءَ عربي تاريخي ماده مان شاهه حبيب جي وفات جو سن 1144هه/1731ع نڪري ٿو:
‘الموت جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب’ 1144هه /1731ع
(ترجمو: موت هڪ پـُل آهي، جيڪا هڪ دوست کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي.)
شاهه حبيب جي وفات 1144هه1731ع ۾ ئي ٿي، پر انهيءَ تاريخي مادي کي ڪن مؤرخن وري هن طرح لکيو آهي، جنهن مان وري 1155هه/1742ع سن نڪري ٿو، جيڪو درست نه آهي.
‘الموت جسر يوصل الحبيب الي لقاء الحبيب’
1155هه/ 1742ع
مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، مولانا دين محمد وفائي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، تحقيق بعد شاهه حبيب جي وفات جو سال 1144هه/ 1731ع درست ڄاڻايو آهي.