شاهه حسن: شاهه حسن ولد شاهه وجيھ الدين جي مزار شاهه جميل جي رانڪ جي پيرانديءَ کان آهي. شاهه حسن چار پٽ ڇڏيا: (1) شاهه حسن، (2) شاهه ڪهور، (3) شاهه آري، (4) شاهه لال ڇتو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 620-621). تاريخدانن جو اندازو آهي ته هن بزرگ جي پيدائش ڇهين صدي هجريءَ جي آهي. روايتن موجب هن ٻه شاديون ڪيون ۽ اولادي ٿيو. سندس هڪ پٽ اسماعيل شاهه جو نالو نمايان ڏسجي ٿو. گل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ۾، ٻيٽ هالو تبرڪو تي، بزرگ شاهه حسن جي مزار جي نشاندهي ڪري ٿو. لکت موجب شاهه حسن جي وفات 665هه/ 1259ع ۾ ٿي. ان وقت سنڌ تي سومرن جي حاڪميت قائم هئي. مقامي روايت آهي ته هالو تبرڪو، شاهه حسن جو ڌنار هو. اهو فوت ٿيو ته کيس هڪ ٻيٽ تي دفن ڪيو ويو ۽ پوءِ ان ٻيٽ تي به اهو ئي نالو پئجي ويو. شاهه حسن جي مزار به هن ٻيٽ تي آهي (سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ، ص 156- 157). مير قانع شاهه حسن جي مزار متعلق لکيو آهي ته، ڪوهستان کان چئن ڪوهن تي هنور جي مٿان آرامي آهي (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 620). مير قانع جي دور ۾ بزرگ جي مدفن جو ماڳ ‘هنور’ مشهور هو. جڏهن ته صديون گذرڻ کانپوءِ، صورتحال تبديل ٿي آهي. ان پسمنظر ۾ نئين ڄاڻ، اسان کي موجوده حقيقتن کان واقف ڪري ٿي.