سيد حيدر سنائي جي مزار
شاهه حيدر سنائي، سيد : سيد حيدر عليه رحمة عرف شاهه حيدر يا ميون حيدر (ميان حيدر) جو تعلق ڪاظمي سيدن جي مٽياري شاخ سان آهي. سندس خاندان امام موسيٰ ڪاظم عليه الرحمة جي فرزند سيد جعفر ثاني الهواريءَ جي پشت مان آهي، جنهن مان سيد حيدر 801هه/ 1398ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هالا ڀرسان اچي ويٺو ۽ اتي کيس هڪ فرزند سيد امير علي ڄائو، جنهن جو خاندان اڳتي هلي مٽياريءَ ۾ اچي ويٺو ۽ اڳتي هلي مٽياروي مشهور ٿيو. سنائي سيدن جو تعلق مٽياري سيدن شاخ جي ميان پوٽي پاڙي مان آهي. روايت آهي ته شاهه حيدررح جي ولادت به مٽياريءَ ۾ ٿي. سندن ڏاڏو بدرالدين شاهه ولد سخي ابراهيم شاهه اڪثر مٽياريءَ کان درياهه ٽپي کاڻوٺ لڳ ڪوريجن جي ڳوٺ جي ڀرسان ’ٺٽ‘ نالي ڳوٺ ۾ ايندو هو. سندس دوستي ان وقت جي حاڪم ڄام نظام الدين سمي جي وزير نواب درياهه خان عرف دولهه دريا خان سان هوندي هئي. ان زماني ۾ چانگ قبيلي جا ماڻهو ڪوٽڙي تعلقي ۾ گهڻا هوندا هئا ۽ اڪثر چوريون ڪري ۽ ڌاڙا هڻي گذارو ڪندا هئا. روايت مطابق سن شهر ۾ به اڪثر چانگ هوندا هئا، جن جي ڏوهن ۽ چورين چڪارين حڪومت کي گهڻو پريشان ڪيو هو ۽ ان لاءِ ڄام نظام الدين پنهنجي سپهه سالار دولهه درياهه خان تي ڪم رکيو ته هو وڃي امن امان قائم ڪرائي. دولهه دريا خان وري اهو ڪم سيد بدرالدين شاهه تي رکيو ۽ پنهنجا سپاهي کيس گڏي ڏنائين ته وڃي ڏوهه ختم ڪرايو. سيد بدرالدين شاهه چانگن سان گهڻائي مقابلا ڪيا ۽ نيٺ انهن کي ڀڄائي ساڻن آخرڪار رني ڪوٽ جي ڀر ۾ آخري مقابلو ڪيو، جنهن ۾ سندس والد سيد سخي ابراهيم شاهه ۽ ڀاءُ ڌڻي ڏنو شاهه شهيد ٿي ويا، پر پاڻ چانگن کي ختم ڪيائين، جنهن تي کين ڄام نظام الدين ۽ درياهه خان معرفت گهوڙي ڊوڙ جاگير ڏني، جنهن مطابق صبح سج اڀرڻ کان لهڻ تائين جيستائين گهوڙو ڊوڙندو، اها سڄي جاگير کيس ڏني ويندي، جيڪا آمريءَ کان وٺي کاڻوٺ تائين ٿي، جنهن کانپوءِ سيد بدرالدين شاهه سن شهر ۾ ئي رهڻ لڳو. کيس ست فرزند هئا: (1) سيد معروف شاهه (هن جو اولاد معرفاڻي سيد سڏجي ۽ اڪثر سن ۾ رهن ٿا). (2) سيد جهنڊو شاهه (لاولد) (3) سيد موج شاهه (هن جو اولاد موري ۽ ڀرين وارا سيد آهن.) (4) سيد ضياءُ الدين شاهه عرف جيئو شاهه (سندس اولاد شاهه حيدر مان پيدا ٿيل سيد سن ۾ ۽ شاهه جرار مان پيدا ٿيل سيد ڀاڻوٺ ۾ رهن ٿا.) (5) سيد حاجي شاهه (هن جو اولاد حاجيحا سڏجن، جيڪي سن، هالا ۽ شهدادپور ۾ رهن ٿا.) (6) سيد داد شاهه عرف داد شهيد (لاولد) (7) سيد بدر شاهه (هن جاگير پنهنجن سموري فرزندن ۾ ورهائي ڇڏي ۽ اُهي سن کان کاڻوٺ تائين رهڻ لڳا.) سيد ضياءُ الدين شاهه درويش طبيعت جو هو، کيس ٻه فرزند: سيد جرار شاهه عرف جلال شاهه ۽ سيد حيدر ٿيا. پاڻ اڪثر عبادت ۾ گذاريندو هو، پر بيماريءَ سبب جلد وفات ڪري ويو ۽ سندس اولاد ڏاڏي بدرالدين شاهه جي تربيت هيٺ وڏو ٿيو. شاهه جرار به درويش طبيعت جو مالڪ هو. هڪ ڀيري کيس خبر پئي ته لاکا ڀرسان چانگن حملو ڪري ڌاڙو هنيو آهي، پاڻ غصي ۾ اچي انهن تي ڪاهي ويو، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿي ويو. سندس مزار سن شهر ۾ سندس والد ۽ ڏاڏي سان گڏ آهي. سندس اولاد پوءِ لڏي وڃي ڀاڻوٺ ويٺو. سيد حيدررح جي ولادت 875هه/ 1470ع ڌاري ٿي. پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جو سند يافته عالم ۽ حافظ قرآن هو. عالمن ۽ بزرگن جي صحبت پسند ڪندو هو، ان ڪري اڪثر وقت سفر ۾ رهندو هو ۽ مختلف عالمن ۽ بزرگن کان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر رهندو هو. سندس استادن ۾ مخدوم ميان عمر ٽلٽيءَ وارو هو ۽ اتان ئي کيس مخدوم بلاول جو ڏس پيو. جنهن کانپوءِ مخدوم صاحب جي صحبت ۾ علم حاصل ڪيائين ۽ سندس خاص ويجهن شاگردن مان هڪ هو. پاڻ ست حج ڪيائين، جنهنڪري عام چوڻي آهي ته: ’ميون حيدر جيئاڻي، نبيءَ جو رهاڻي‘ روايت آهي ته ڏهين صدي هجريءَ جي شروع ۾ سيد محمد ميران جونپوري، جيڪو وڏو عالم ۽ بزرگ هو. اهو مختلف ملڪن کان ٿيندو، جڏهن هند مان سنڌ ڏي ٺٽي کان آيو ته هتي به پنهنجا ڪيترائي مريد پيدا ڪري ورتائين، جن ۾ هتي جا حاڪم ۽ قاضي قاضن شامل هو، پر ان دور ۾ مخدوم بلاول ۽ ان جا همعصر بزرگ سندس سخت مخالف هئا. سندن چوڻ هو ته هو سنڌ ۾ ڌارين ارغونن لاءِ رستو صاف ڪرڻ لاءِ آيو آهي ته جيئن اهي ڌاريا هتي آرام سان قبضو ڪري وڃن ۽ ٻيو ته هن جو ’مهدي‘ سڏائڻ غلط آهي، جنهنڪري هنن ان جي مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي شاگردن کي به ان جي مخالفت لاءِ چيائون. محمد ميران جونپوري ٺٽي کان درياهه رستي سفر ڪندو، جڏهن سن وٽ پهتو ته شاهه حيدر عليه رحمة کي نياپو ڏياري اماڻيائين ته سندن بيعت ڪري ۽ کاڌي پيتي جو سامان اماڻي ۽ اڳتي ٻيڙيون اُڪرائي. شاهه حيدر کيس کُتو جواب موڪلي ڏنو ۽ ساڻس درياهي ويڙهه ڪري، سندس ٻيڙيون ٻوڙائي کيس هتان ڀڄائي ڪڍيو. جنهن کانپوءِ هو وڃي افغانستان پهتو ۽ اتي شاهه بيگ ارغون کي دانهن ڏنائين، جنهن سنڌ تي ڪاهه لاءِ پنهنجو ڀاءُ اماڻيو، پر اهو دولهه درياهه خان هٿان مارجي ويو ۽ سندس فوج شڪست کائي ڀڳي. ڄام نظام الدين جي وفات کانپوءِ سندس فرزند ڄام فيروزالدين حڪومت تي ويٺو ته اهو غلط صحبت جي ڪري عياش ٿي ويو ۽ عالمن ۽ بزرگن کان پري ٿي ويو ۽ دولهه دريا خان کي به وزارت تان هٽائي ڇڏيائين، جنهن جو فائدو وٺي شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ حڪومت تي قبضو ڪري ورتو. جنهن کانپوءِ ارغونن سڀني محب وطن کي ڳولي مارايو، جن ۾ دولهه دريا خان کانپوءِ مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو. ان دوران مخدوم بلاول جي حڪم تي شاهه حيدر سن ڇڏي گجرات وڃي نڪتو، جتي ڪافي سال گذاريائين. ان کانپوءِ واپس سن ۾ آيو ۽ مرشد مخدوم بلاول جي شهادت کانپوءِ گوشه نشين ٿي رهيو ۽ پنهنجي سڄي جاگير راڄن ۾ ورهائي صرف لنگر هلائڻ لاءِ ڪجهه زمين رکي زندگي گذاريائين. شاهه حيدر جي شادي پنهنجي چاچي سيد معروف شاهه جي گهران ٿي، جنهن مان کيس چار پٽ ٿيا: (1) سيد حامد شاهه، (2) سيد محمود شاهه، (3) سيد حمزو شاهه، (4) سيد ادريس شاهه. سندس خليفن ۾ لنگر لاءِ ڪاٺيون ڪندڙ، گائنچن جي راڄ مان خليفو ڀنڀڻ آرياڻي به هو، جيڪو خود درويش هو ۽ مرشد جو خاص عقيدتمند هو. سندس مقام ڪلري ڳوٺ ڀرسان آهي، جتي هر مهيني جي 14 تاريخ تي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن. سندس گهر ۾ ڪم ڪندڙ بورچياڻي بيبي مريم عرف رونجهي راڻي هئي، جيڪا به خدا رسيده هئي ۽ سندس مقام گجرن جي ڳوٺ لڳ محرابپور تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي، جتي پڻ هر مهيني جي 14 تي ماڻهو گڏ ٿيندا آهن ۽ خاص طور زالون اولاد لاءِ باس باسينديون آهن. سندس حساب ڪتاب سنڀالڻ وارو منشي حاجي محمود ميمڻ هو، جيڪو پڻ مرشد جي عقيدت جي ڪري فيضياب ٿيو ۽ سندس مقام سن قبرستان لڳ آهي، جتي پاڻ ۽ سندس پٽ حاجي رتن ۽ حاجي وطن جون تربتون آهن، جيڪو عام طور تي ’ڦوٽن وارو پير‘ سڏجي ٿو، جتي عورتون خاص طور وينديون آهن ۽ جيڪڏهن ڦوٽو لڀنديون آهن ته کين اولاد ٿيڻ جي پڪ ٿيندي آهي. حضرت شاهه حيدررح، 4 شعبان 936هجري/ بمطابق 13 اپريل 1530ع تي وفات ڪئي. هر سال ان تاريخ تي ميلو (تُل) لڳندو آهي، جتي آسپاس جا مريد ۽ زيارتي ايندا آهن. روايت مطابق انهن کي کاڌو کارايو ويندو آهي، جنهن ۾ روايتي ٻاجهري ۽ گوشت هوندو آهي. شاهه حيدر جو چوڻ هو ته دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي. ان ۾ راهه حقيقت جي ڳولا ۽ مولا جي صحبت ۾ وقت گذارڻ سجايو آهي. پاڻ مٽياري ساداتن مان وڏو نالو ڪڍندڙن مان پهريون شخص هو. شاهه رڪن الدين مخدوم بلاول جو صحبتي، محب وطن هو. شاهه حيدر جي اولاد مان سيد ڇتن شاهه، نامور شخص ٿي گذريو آهي، جنهن ٻالڪپڻ ۾ نادر شاهه کي للڪاريو هو. سندس چوڏهين پشت ۾ سائين جي. ايم. سيد، قومپرستي ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو لافاني ڪردار ٿي گذريو آهي. سيد حيدر جي وصيعت مطابق سندس اولاد ۽ معتقدن کي هيٺين ڳالهين کان پرهيز ڪرڻي آهي: (1) هنن کي ماڙين يا پڪين جاين ۾ ناهي رهڻو، (2) جاين کي ڪٽهڙا يا ڇڄا نه ڏيارڻا آهن، (3) تلوار يا هٿيار تي چانديءَ يا سون جو ڪم ڪرائڻو نه آهي. (4) گهر ۾ ڳاڙهيون جنڊيءَ جون کٽون يا پينگها ناهن رکڻا. (5) عورتن کي نٿ پائڻي نه آهي. (6) تفريح لاءِ باغ پوکائڻا نه آهن. (7) سندن درگاهه وٽ دهل شرنايون وڄائڻيون نه آهن. (8) طوائفن جو راڳ ٻڌڻ ۽ فحاش عورتن کي ڳوٺ ۾ آڻڻ جي منع آهي. (9) سندن مزار تي قبو اڏائڻو نه آهي. (10) سندن زيارتين کي پهرين سندن ڀاءُ شاهه جرار جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ سندن درگاهه تي اچڻو آهي. سندس هيٺيون نشانيون محفوظ آهن: (1) سندس هٿ جو لکيل قرآن پاڪ، (2) سندس هٿ جي تلوار، (3) ٽي وٽا، جن تي قرآن شريف جون آيتون اڪريل آهن، (4) نيزو، فقيري ڪنٺا ۽ تاج، (5) رُڪ جو آئينو، (6) روهي. (سيد ضياءُ شاهه جي مضمون تان ورتل)