شاهه، عبدالرحمــٰن سنڌي: سنڌ جو بزرگ، عالم دين، شاهه عبدالرحمٰن ولد سيد محمد محسن 1161هه/1748ع ڌاري مخدومن جي ڳوٺ، تعلقي پني عاقل، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. هن قرآن پاڪ جي تعليم آخوند هدايت الله کان حاصل ڪئي، صرف و نحو ۽ فقه جو علم مولانا عبدالحڪيم کان حاصل ڪيائين، جنهن کانپوءِ روحاني تعليم لاءِ سيد محمد عالم کي پنهنجو مرشد ڪري ورتائين، جنهن بعد وڌيڪ علم پرائڻ جي طلب ۾ مهارون پهتو ۽ اتي شيخ اسدالله کان منطق ۽ حڪمت جو علم حاصل ڪيائين. اتان پوءِ انگ بلاول ڳوٺ ۾ ويو، اتي ڪي درسي ڪتاب شيخ ڪليم الله وٽ پڙهيائين ۽ ان جي صحبت ۾ ڳچ عرصو رهيو. ان کانپوءِ رامپور هليو ويو، جتي شيخ محمود کان حڪمت، رياضي ۽ طبعيات جو علم حاصل ڪيائين ۽ ڪن عالمن کان حديث جي سند به ورتائين. ان کانپوءِ بهار هليو ويو، جتي بحرالعلوم عبدالعليءَ کان درس حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ موٽي پنهنجي ديس آيو ۽ حيدرآباد ۾ ڪجھه سال درس ڏيڻ ۾ مشغول رهيو. جنهن کان پوءِ 1205هه/ 1790ع ۾ حج ڪرڻ هليو ويو، اتان موٽي پنهنجي اباڻيڳوٺ آيو، جتي ڪيترائي سال شاگردن کي ديني تعليم ڏيندو رهيو. ان کان پوءِ شاهه صاحب اجوڌن ڏانهن اسريو ۽ اتي پهچي چڱي مدت شيخ فريد الدين مسعود جي قبر تي مجاور ٿي رهيو، جتان وري اجمير هليو ويو، اجمير ۾ خواجه معين الدين جي درگاهه تي به چڱا چلا ڪاٽيائين. ان کانپوءِ دهلي هليو ويو ۽ شيخ محمد عظيم دهلويءَ کان طريقت جو علم حاصل ڪيائين. بعد ۾ شاهه صاحب لکنؤ ويو ۽ شيخ محمد مينا جي قبر تي ست سال رهيو. اتان پوءِ مسجد پنڊائن ڏانهن هليو ويو ۽ عمر جي آخري گھڙيءَ تائين اتي رهيو.
هي عالم ٻين عالمن کان مختلف طبيعت رکندو هو، مسجد جي اڱڻ تي ساز سرود تي راڳ ٻڌندو هو ۽ عالمن جي روڪ ٽوڪ هوندي به راڳ ٻڌندو ۽ وجد ڪندو هو. امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام جي نالي تي جيڪي تابوت ٺاهيا ويندا هئا، انهن جي تعظيم جو قائل هوندو هو. مولانا صاحب جون ڪجھه تصنيفون ۽ تاليفون به يادگار آهن، جن ۾: ‘ڪلمه الحق’ (هي ڪتاب وحدت الوجود جي موضوع تي لکيل آهي)، ‘مفتاح التوحيد’، ‘جهدالمقل’، ‘سرالانسان’ قابل ذڪر آهن. مولانا صاحب جي شاگردن ۾ مولانا امير علي لکنوي ۽ شاهه حسين فرخ آباديءَ جو نالو ڪافي مشهور آهي.
شاهه عبدالرحمٰن سنڌيءَ، 6 ذوالقعد 1245هه/1829ع ۾ وفات ڪئي.