شاهه عبدالله بن عبدالعزيز

شاهه عبدالله بن عبدالعزيز

شاهه عبدالله بن عبدالعزيز

شاهه عبدالله بن عبدالعزيز: سعودي عرب جو ڇهون حڪمران، شاهه عبدالله پهرين آگسٽ 1924ع تي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه عبدالعزيز جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن جي زندگيءَ جا ابتدائي سال صحرا ۾ گذريا، هو گهوڙن ۽ بازن پالڻ جو تمام گهڻو شوقين هو. شهزادو هئڻ ڪري سندس پرورش روايتي انداز جي ٿي. هن دين، ادب ۽ سائنس جي تعليم درٻار سان لاڳاپيل استادن کان حاصل ڪئي. هن 30 شاديون ڪيون، جن مان کيس 34 ٻارن جو اولاد ٿيو.
1962ع ۾ ان وقت جي بادشاهه، شاهه فيصل، شاهه عبدالله کي 38 سالن جي ڄمار ۾ سعودي نيشنل گارڊ جو ڪمانڊر مقرر ڪيو. سندس قيادت ۾ ان دستي جي نفريءَ ۾ نه رڳو واڌ ڪئي وئي، پر جديد هٿيارن سان آراسته پڻ ڪيو ويو. مارچ 1975ع ۾ جڏهن شاهه فيصل قتل ٿيو، تڏهن به کيس ساڳئي عهدي تي برقرار رکيو ويو ۽ کيس نائب وزيراعظم جي اضافي ذميداري ڏني وئي. 1982ع ۾ شاهه خالد جي وفات کانپوءِ ملڪ جي نئين بادشاهه شاهه فهد کيس ولي عهد ۽ نائب وزير اعظم جي عهدي تي مقرر ڪيو.
1991ع ۾ ڪويت تي عراقي حملي بعد شاهه عبدالله ان ڳالهه جي حق ۾ نه هو ته سعودي عرب ۾ آمريڪي فوج هجي. هن جو خيال هو ته ڳالهين ذريعي صدام حسين سان ان معاملي کي حل ڪري سگهجي ٿو. ذاتي طور فلسطيني رهنما ياسر عرفات سان سندس سُٺا تعلقات نه هئڻ باوجود به هو فلسطين جي حمايت ڪرڻ سان گڏ فلسطيني اڳواڻن تي تنقيد به ڪندو رهندو هو. نومبر 1995ع ۾ سعودي بادشاهه شاهه فهد جي بيماريءَ سبب کيس حڪومتي معاملن کي سنڀالڻ جي ذميداري ڏني وئي.
شاهه عبدالله عورتن جي حقن جو حامي هو. هن2011ع ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ سان گڏوگڏ بلدياتي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جي اجازت ڏني، جيڪا سعودي عورتن جي حقن جي ڏس ۾ هڪ اهم تبديلي قرار ڏني وئي. ان کانسواءِ صحرا ۾ زندگي گذارڻ جي ڪري کيس عرب باشندن جي مسئلن جي ڄاڻ هئي، ان ڪري هن سندن فلاح ۽ بهبود لاءِ وڏا اهم ڪارناما سر انجام ڏنا. هن پنهنجي دور حڪومت ۾ ملڪ جي سمورن شعبن ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جا ڪيترا عملي ڪم ڪيا، جنهنڪري کيس جديد سعودي عرب جو باني سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪاميابيون ڪنهن هڪ شعبي تائين محدود نه هيون. بلڪه تعليم، صحت، مواصلات، بجلي، صنعت، پاڻي، زراعت، تعميرات، سماجي ڀلائي وغيره مطلب ته هر شعبي ۾ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ سعودي عرب کي ترقي يافته بنائڻ ۾ سندس اڻٿڪ ڪوششون شامل رهيون. سندس دور حڪومت دوران سعودي عرب ۾ تعليم جي شعبي ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي. 20 نين يونيورسٽين سميت بيشمار ٽيڪنيڪل ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۽ شاهه عبدالله سائنس ۽ ٽيڪنالاجي يونيورسٽيءَ جي قيام کان سواءِ جاذان، مدينه منوره، حائل ۽ رابغ ۾ ‘اسلامي سٽي’ قائم ٿي. ان کان سواءِ يونيورسٽين جي نگرانيءَ ۾ نوان ڪاليج ۽ 32 هزار اسڪول قائم ڪيائين، جن ۾ پڙهندڙ جو انگ 50 لکن کان مٿي آهي، تعليمي ادارن جي قيام سان 4 لک 24 هزارن کان وڌيڪ مردن ۽ عورتن کي تعليم کاتي ۾ روزگار پڻ ميسر ٿيو. سندس اصلاح پسند سوچ جي ڪري هو مغرب ۾ پسند ڪيو ويندو هو.
شاهه عبدالله، ڦڦڙن جي ڪينسر سبب 91 سالن جي ڄمار ۾، 23 جنوري 2015ع تي وفات ڪئي. کيس رياض ۾ شاهي خاندان جي قبرستان ‘السعود’ ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.08.01  عيسوي

سعودي عرب جو ڇهون حڪمران، شاهه عبدالله پهرين آگسٽ 1924ع تي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه عبدالعزيز جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


2015.01.23  عيسوي

شاهه عبدالله، ڦڦڙن جي ڪينسر سبب 91 سالن جي ڄمار ۾، 23 جنوري 2015ع تي وفات ڪئي. کيس رياض ۾ شاهي خاندان جي قبرستان ‘السعود’ ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلوچ سرور
جالينوس
حفظ الله خان نواب
استاد دين محمد خان جيڻو
ارشاد علي شاهه
آغا حسن علي
عبدالقدير خان ڊاڪٽر
اي شاهه شڪارپوري
ڏاهري غلام قادر
حبيب الله ڏيپلائيِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون