شاهه، علي محمد (شاعر): فقير علي محمد شاهه ولد حسين شاهه جيلاني گاگڙي’ دستاربند عالم هو. 19 ربيع الاول 1282هه/ 12 آگسٽ 1865ع تي ڄائو. سندس ڪلام جي بياض ۾ شامل 228 سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون ڊاڪٽر نبي بخش خان جي نظر مان گذريون. سندس ڪافين مان هڪ ڪافيءَ جو نمونو هن ريت آهي:
بيرنگ بره بات سڻائي، عشق وڃايو اسلام،
مسجد منبر ڇوڙ منارا، ڪوثر پيتم جام،
اسم شاهه فياض جي قرب ڪيو قتلام،
ڪعبي وڃڻ ڪم نه اسان جو، روح اندر ۾ رام،
عابد زاهد ذوق نه ميڪون، دين ڪفرڪيها ڪام،
’علي محمد‘ سائين عشق جي، ڪل ناهي ڪنهين عام.
هن 19 ربيع الاول 1345هه/29 آگسٽ 1926ع تي وفات ڪئي.
1865.08.12 عيسوي
فقير علي محمد شاهه ولد حسين شاهه جيلاني گاگڙي’ دستاربند عالم هو. 19 ربيع الاول 1282هه/ 12 آگسٽ 1865ع تي ڄائو.
1926.08.29 عيسوي
فقير علي محمد شاهه 19 ربيع الاول 1345هه/29 آگسٽ 1926ع تي وفات ڪئي.