شاهه عنايت قادري: هيءُ پنهنجي وقت جو مشهور بزرگ، درويش ۽ صوفي شاعر بابا بلهي شاهه جو مرشد ٿي گذريو آهي. شاهه عنايت جو جنم نامور مولوي ۽ بزرگ پير محمد جي گهر ۾ ٿيو هيءُ ذات جو آرائين هو. شاهه عنايت جي ڄمڻ جي تاريخ ڪن روايتن ۾ 1056هه/1646ع ملي ٿي، سندس والد مزنگ ڳوٺ، لاهور جو رهاڪو هو، کيس ڪجهه زرعي زمين پڻ هئي، پر قصور شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
شاهه عنايت پنجن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو، نون سالن جي عمر ۾ عربي، فارسي زبانن کان علاوه ديني ۽ دنيوي علم تي دسترس حاصل ڪئي. ٻارنهن سالن جي عمر ۾ دستار بند ٿيو. هن محمد رضا شاهه کي پنهنجو مرشد ڪيو، جنهن کيس خلافت جو خرقو ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته قصور وڃي ر هائش اختيار ڪري.پوءِ ڪيترائي سال قصور شهر ۾ درس و تدريس سان لاڳاپيل رهيو. روايت آهي ته بابا بلهي شاهه گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ لاهور ويو هو. لاهور ۾رهڻ دوران مختلف صوفين جي محفلن ۾ ويندو رهيو ۽ اتي شاهه عنايت جي باري ۾ کيس معلوم ٿيو ته هڪ صاحب علم شخص آهي، بلهي شاهه اتي وڃي شاهه عنايت سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرايائين ۽ درخواست ڪيائين ته هو کيس پنهنجو مريد بڻائي.
بلهي شاهه جنهن کي اَڻ پڙهه ۽ نيچ ذات جو پئي سمجهيو اهو ته پهتل شخص ۽ صاحب ڪرامت نڪتو. ان بعد پاڻ وڃي سندن پيرن تي ڪريو ۽ مريد بڻجڻ جي درخواست ڪيائين، جيڪا شاهه عنايت قبول ڪئي. اهڙيءَ طرح بلهي شاهه جو پنهنجي مرشد سان پهريون تعلق قائم ٿيو.شيخ محمد عنايت الله جيڪو عام طور تي شاهه عنايت قادري جي نالي سان مشهور ٿيو، هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته هو شاليمار باغ لاهور جو مالهي هو. وظائف ڪلان ۾ سندس وفات جي تاريخ 1147هه مطابق 1735ع ڏني وئي آهي.اهو دور مغل بادشاهه محمد شاهه جو هو.
روايتن ۾ اچي ٿو ته شاهه عنايت جي وفات کانپوءِ بلهي شاهه سندس درگاهه سنڀالي. شاهه عنايت پنهنجي دور جو وڏو عالم هو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. چيو وڃي ٿو ته پاڻ قرآن شريف جو تفسير لکيو هئائين، جيڪو هن وقت موجود نه آهي. درگاهه جي خليفي شيخ سراج الدين وٽ هن وقت به فارسي ۾ سندس لکيل ڪتابن جا قلمي مسودا موجود آهن، جن ۾: (1) صلاح الحمل، (2) لطائف غائبيه، (3) ارشاد الطالبين، ۽ (4) محمد غوث گوالياري جي لکيل ڪتاب ‘جواهر خمسه’ جي تشريح ۽ تفسير شامل آهن. چيو وڃي ٿو ته عنايت شاهه ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا هئا، جيڪي سندس ڪتبخاني ۾ موجود هئا. پر مهاراجا رنجيتسنگهه جي وفات کانپوءِ فسادان دوران لائبرريءَ کي باهه لڳائي وئي، جنهنڪري ڪيترائي ڪتاب سڙي ويا، جن ۾ شاهه عنايت جا لکيل مختلف قلمي نسخا به شامل هئا.