منهاج المعرفت جي شروع وارو صفحو

منهاج المعرفت جي شروع وارو صفحو

سنڌي رسالي جي شروع وارو صفحو

سنڌي رسالي جي شروع وارو صفحو

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاهه لطف الله قادري رح

شاهه لطف الله قادري رح: سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي حوالي سان، شاهه لطف الله قادري، قاضي قادن ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جو وڏو نالو آهي. شاهه لطف الله قادريءَ جو رسالو [بيت]، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي مثالي ڪلام [بيتن] ۽ شاهه عنات نصرپوريءَ جي شاعريءَ جي وچ جي ڪڙي آهي. شاهه لطف الله قادريءَ جي ڪلام جي دستيابيءَ سان قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم کان وٺي شاهه لطيف جي دور تائين سنڌي اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ارتقا ۽ عروج جي تاريخ چٽي ۽ روشن ٿئي ٿي.
سنڌ جو نامور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه لطف الله قادريءَ بابت لکي ٿو ته، ”شاهه لطف الله قادريءَ جي سوانح حيات حاصل نه ٿي سگهي آهي، مگر خوشبختيءَ سان سندس ٻه ڪتاب ’سنڌي رسالو‘ ۽ ’منهاج المعرفت‘ موجود آهن، جن مان ظاهر آهي ته هو هڪ اهل دل عالم ۽ صوفي، پنهنجي وقت جو وڏو شاعر ۽ سنڌي زبان جو خادم هو.“
ڊاڪٽر صاحب جي اندازي موجب شاهه لطف الله قادري 1020هه/ 1611ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس تصنيف ’سنڌي رسالي‘ جي آخر ۾، ڪاتب کيس ’شيخ المشائخ شاهه لطف الله قادري رحمة الله عليه ساڪن اگام‘ ڪري لکيو آهي. اهو شاهه لطف الله جي سوانح جي سلسلي ۾ نهايت قيمتي اهڃاڻ آهي. ’اگام‘ مان مراد يقيني طور ’اگهم‘ آهي. ان نالي سان سنڌ ۾ هڪ ’اگهم‘ جو ڳوٺ، ٺٽي شهر کان ٽي ڪوهه پري هو ۽ سن 1153هه/ 1735ع تائين موجود هو. ٻيو سنڌ جو تاريخي ۽ قديم شهر ’اگهم ڪوٽ‘ يا ’اگهاماڻو‘ آهي، جنهن جا آثار حيدرآباد کان 20 يا 25 ميل کن ڏکڻ اوڀر طرف تعلقي ماتليءَ ۾ واقع آهن. ’منهاج المعرفت‘ سان لاڳيتو شامل شاهه عبدالڪريم جي رسالي ’بيان العارفين‘ جي قلمي نسخي جي حاشيي تي ڪنهن لکندڙ ٽن جدا جدا جاين تي ’منهاج المعرفت‘ مان عبارتون نقل ڪيون آهن ۽ هر جاءِ تي مصنف جو نالو ’شيخ لطف الله تتئي‘ يعني ’ٺٽوي‘ ڪري لکيو آهي، ٻئي هڪ پوئين ورق تي ’منهاج المعرفت‘ مان عبارت نقل ڪندي مصنف جو نالو ’شيخ لطف الله قادري‘ پڻ لکيو ويو آهي. انهن عبارتن مان گمان ٿئي ٿو ته، شايد لطف الله قادريءَ جي انهيءَ قريبي نسبت سبب کيس ’ٺٽوي‘ پڻ سڏيو ويو هجي، پر هن گمان خلاف ٻيا دليل ملن ٿا، جيڪي ان ڳالهه کي رد ڪن ٿا. اول ته فقط مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۾ انهيءَ ’اگهم‘ ڳوٺ جو نالو ضمناً کنيو آهي، پر ان جي ٻي ڪا به مشهوري بيان ٿيل ڪانهي. جيڪڏهن شاهه لطف اللهاگهم جي ڳوٺ‘ يا ’ٺٽي‘ جو هجي ها ته مير علي شير کان ڳجهو نه رهي ها. مير علي شير قانع جي تصنيفن ۾ ’لطف الله‘ نالي جن بزرگن جو ذڪر آيو آهي، سي سڀ شاهه لطف الله قادريءَ کان مختلف آهن، انهيءَ ڪري زياده ترين قياس ايئن ٿو معلوم ٿئي ته شاهه لطف الله قادري، سنڌ جي مشهور ۽ قديم تاريخي شهر ’آگهم ڪوٽ‘ جو هو، جيڪو ڏهين صدي هجري/ سورهين صدي عيسويءَ ۾، بلڪ ان کان اڳ عالمن، صوفين ۽ درويشن جو مرڪز بنجي چڪو هو، خصوصاً ڏهين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ مشهور ولي مخدوم اسماعيل سومري (متوفي 996هه/1588ع) ۽ سندس همعصر عالمن ۽ بزرگن پنهنجي علمي ۽ روحاني فيض سان اگهم ڪوٽ کي نوازيو، جنهن ڪري هتي وڏا مدرسا قائم ٿيا، شاهه لطف الله قادريءَ جي تعليم ۽ تربيت اگهم ڪوٽ جي انهن مدرسن ۾ ئي ٿي.
شاهه لطف الله پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ طريقت جي راهه ڏانهن مائل ٿيو ۽ قادري طريقي سان وابسته ٿيڻ کانپوءِ، پنهنجي علمي فضيلت ۽ ذاتي بزرگيءَ جي ڪري هو قادري طريقي جي ’مرشد‘ ۽ ’شيخ‘ واري منزل تي پهتو. اُهو جوانيءَ بعد سندس حياتيءَ جو پويون دَور هو ۽ ان وقت ٻين کي سمجهائڻ خاطر عملي طور سلوڪ ۽ طريقت جي راهه روشن ڪرڻ شروع ڪيائين.
شاهه لطف الله قادريءَ جي وفات ۽ ڄمڻ واري سن جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته، ”شاهه لطف الله پنهنجو ڪتاب: ’منهاج المعرفت‘ سن 1078هه/ 1667ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، ۽ اُهو ڪتاب هن پنهنجي زندگيءَ جي پنجاهه سٺ سالن جي پختي تجربي ۽ علم تصوف جي تجزيي بعد تصنيف ڪيو. انهيءَ گمان موجب سندس ولادت جو سال اندازً 1020هه/ 1611ع قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ سندس وفات 1090هه/ 1679ع ڌاري ٿي هوندي.“ ڊاڪٽر صاحب جي هن راءِ سان اڪثر محقق متفق رهيا آهن.
شاهه لطف الله جون تصنيفون: سلوڪ ۽ راهه طريقت جي اشارن ۽ اهڃاڻن، منزلن ۽ مشاهدن جي وضاحت ۽ سمجهائڻ خاطر شاهه لطف الله قادريءَ جيڪي ڪتاب تصنيف ڪيا، تن مان ٽن جا نالا معلوم آهن ۽ انهن ٽن مان صرف ٻه موجود آهن.
(1) تحفة السالڪين: هيءُ غالباً پهريون ڪتاب هو، جيڪو سلوڪ ۽ طريقت جي راهه جي علم بابت تصنيف ڪيائين، جيڪو زماني جي ناقدريءَ سبب محفوظ نه رهي سگهيو آهي. انهيءَ ڪتاب جو ذڪر شاهه لطف الله قادريءَ جي ٻئي ڪتاب ’منهاج المعرفت‘ ۾ ملي ٿو. شاهه لطف الله ’منهاج المعرفت‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته، ’علم سلوڪ ۾ ڪتاب ’منهاج المعرفت‘ ائين آهي، جيئن ڪتاب ’ميزان‘ ۽ هن حقير جو هن کان اڳ تصنيف ڪيل ڪتاب ’تحفة السالڪين‘ ائين آهي، جيئن ڪتاب ’ڪافيھ‘، علم صرف جي مطالعي لاءِ ڪتاب ’ميزان‘، نسبتاً آسان آهي، انهيءَ ڪري شروع ۾ پڙهايو ويندو آهي. ابن حاجب جو لکيل ڪتاب ’ڪافيه‘. آخر ۾ نحو جي مطالعي لاءِ پڙهايو ويندو آهي. انهيءَ مان ثابت ٿيو ته ’تحفة السالڪين‘ سلوڪ بابت ’منهاج المعرفت‘ کان وڌيڪ مختصر ۽ ڳوڙهو ڪتاب هو.
(2) منهاج المعرفت: هيءُ ڪتاب ’منهاج المعرفت‘ يعنيٰ معرفت الـــٰهي جو دستور، تصوف جي سلسلي جو هڪ معياري ڪتاب آهي. انهيءَ وقت جي رواج مطابق هي خالص علمي ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيل آهي، منجهس جملي 21 باب آهن ۽ مقدمو پڻ فارسيءَ ۾ آهي، جنهن ۾ شاهه لطف الله هڪ قطع تاريخ لکي ڪتاب ’منهاج المعرفت‘ جي تصنيف جو سال ڄاڻايو آهي، جيڪا هيئن چيل آهي:
در فڪر آن شدم ڪه مر اين نسخه را بود،
تاريخ ابتداي ڪه روشن چون خور شد،
پرسيدم از خرد بدلم اين ندا بداد
منهاج معرفت که ’رهي راست پر‘ شود
1078هه
سنڌ جي نامور عالم پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان هن ڪتاب جي تصنيف جي سال بابت هي ماده تاريخ چئي آهي:
’منهاج المعرفت با لطف الله
1078 هه
شاهه لطف الله قادري پنهنجي هن معياري ۽ مفصل ڪتاب کي انهيءَ وقت جي علمي ذوق مطابق فارسيءَ ۾ لکيو. ان جي مقدمي ۾ ڪتاب لکڻ جو سبب يا مقصد بيان ڪندي، لطف الله قادريءَ لکيو آهي ته، “فقير (مصنف) جي دل ۾ خيال آيو ته اڳين سالڪين طريقِ الاهيه
(راهه الاهي) بابت ڪيترا رسالا لکيا آهن، مگر هن آخر زماني ۾ ڪي ٿورڙا آهن، جي اُنهيءَ معياري تفصيل کي پهچي سگهن. انهيءَ ڪري هن فقير، ضعيف ترين ٻانهي، لطف الله قادريءَ، ’طريقت‘ بابت هڪ نئون رسالو تيار ڪيو. اُنهيءَ لاءِ ته هن راهه جا سالڪ ۽ الله جا خاص طالب اُن جي مطالعي مان حظ ۽ سرور حاصل ڪن ۽ الله تعاليٰ ڏانهن راغب ٿين.“
اُن ڪتاب جي تصنيف وقت کيس اهو پڻ احساس ٿيو ته جيڪر سلوڪ جي انهن معنوي نُڪتن کي سنڌيءَ ۾ پڻ سمجهايو وڃي ته جيئن اهو فيض عام ٿئي، انهيءَ احساس ۽ جذبي کي مدنظر رکندي، لطف الله قادريءَ ’منهاج المعرفت‘ جي هر هڪ باب جي آخر ۾ هڪ يا ٻه سنڌي بيت ڏنا، جن ۾ سلوڪ جي مرڪزي مفهوم کي آسان لفظن ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.
هن ڪتاب جي تصنيف لاءِ شاهه لطف الله قادريءَ، ’علم طريقت‘ بابت سالن جا سال ڪيترن ڪتابن جو مطالعو ۽ اُنهن تي غور ۽ فڪر ڪيو. هن ڪتاب جي باب پنجين ۾ ’دقيق‘ ۽ ’طريق‘ جي اصطلاحن ڪتب آڻڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته علم سلوڪ جي سلسلي ۾ لطف الله قادريءَ، احمد روميءَ جي معياري ڪتاب ’دقائق الطريق‘ جو به مطالعو ڪيو هو. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطف الله جي دور [11 صديءَ] ۾، سنڌ ۾ ڪن ڪم علم بلڪه جاهل شخصن، پاڻ کي ’صوفي‘ سڏائڻ شروع ڪيو ۽ بنا سمجهه سوچ جي اڳين بزرگن جا قول ۽ ڪلام، پنهنجن مقصدن خاطر دليلن طور ڪتب آندا. شاهه لطف الله هڪ باعمل عالم ۽ صاف دل صوفي هو، اُن ڪري هن ڪتاب جي باب ڇهين ۾ هُن اهڙن ’جاهل صوفين‘ کي هنن لفظن ۾ ننديو آهي: ”جاهل صوفي، دين جا چور ۽ مسلمانن کي لُٽيندڙ آهن.“ هن ’منهاج المعرفت‘ ڪتاب اُن ڪري لکيو هو ته سُلوڪ ۽ معرفت بابت صحيح شعور پيدا ٿئي ۽ اڳين ولين ۽ بزرگن جي قولن کي درست نموني سمجهيو وڃي. هن تصنيف مان سندس مقصد اصلاحي هو، پر پنهنجي وسيع مطالعي، صاف ذهن، سنجيده فڪر، سهڻن دليلن ۽ اسلوب بيان ۾ ايجاز ۽ اختصار سان ’سلوڪ ۽ طريقت‘ بابت هڪ اعليٰ ۽ معياري ڪتاب لکي ورتائين. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ’منهاج المعرفت‘ سنڌ جي هن اهل دل عالم ۽ صوفيءَ جي معنوي ۽ نظرياتي لحاظ سان، تصوف ۽ طريقت بابت هڪ معياري ۽ يادگار تصنيف آهي.
’منهاج المعرفت‘ ۾ جملي ايڪيهه (21) باب آهن. اُنهن ۾ پهرئين کان وٺي ڇهين باب تائين ۽ وري نائين کان ارڙهين باب تائين، هر هڪ باب جي آخر ۾ هڪ سنڌي بيت ڏنل آهي. اوڻيهين باب ۾ ٻه ۽ ايڪيهن باب ۾ ٻه بيت ڏنا ويا آهن. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ جملي 20 سنڌي بيت آهن.
’منهاج المعرفت‘ 1078هه/ 1667ع ۾ لکيو ويو ۽ ايتري آڳاٽي تصنيف ۾، ايترن سنڌي بيتن جو موجود هجڻ، ان کي سنڌي شعر و نظم جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ ثابت ڪري ٿو.
(3) سنڌي رسالو: شاهه لطف الله قادريءَ هيءُ رسالو ڪڏهن جوڙيو ان بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، پر گمان غالب آهي ته ‘منهاج المعرفت’ جوڙڻ وقت کيس سنڌيءَ ۾ سلوڪ جي نُڪتن سمجهائڻ جو پورو احساس هو، جنهنڪري مختلف بابن جي آخر ۾ سنڌي بيت شامل ڪيائين. غالباً اهي بيت پڙهندڙن وٽ نهايت مقبول ٿيا ۽ شاهه لطف الله قادريءَ، ويتر وڌيڪ محسوس ڪيو ته جيڪر سلوڪ جا جملي اهم نُڪتا، سنڌي بيتن ۾ بيان ڪيا وڃن ته هوند پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ گهڻن کي سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهن. انهيءَ ڪري لطف الله قادريءَ، وڏي چاهه ۽ ڪوڏَ مان ويهي سنڌي بيتن ۾ هيءُ رسالو جوڙيو. رسالي جي مقدمي ۾ هن ڌڻيءَ جي ساراهه بعد، رسالي جوڙڻ واري اُنهيءَ مقصد کي هن طرح کولي بيان ڪيو ته:
ڪوڏا ڪِئو رسالو ايءُ، فقير جوڙي بيتن،
ته هوءِ سَنڌي وائي سَهُلو، ٻجهڻ اٻوجهن،
پاهنجيءَ ٻوليءَ ڪري، سِگهائين ايءُ سکن،
لطف الله چئي، لئي پيو، ور سِکن ۽ پڙهن.
‘منهاج المعرفت’ ۽ ‘سنڌي رسالي’ جي ڀيٽ مان ظاهر آهي ته، ‘سنڌي رسالو’، ‘منهاج المعرفت’ جو لفظي يا معنوي ترجمو ڪونهي، پر هڪ الڳ مستقل تصنيف آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي تصنيفن جو مکيه مضمون توحيد ۽ طريقت آهي، پر فڪر ۽ معنيٰ جي لحاظ سان ‘سنڌي رسالو’ وڌيڪ جامع آهي.
‘منهاج المعرفت’، سلوڪ جي موضوع بابت هڪ سلسليوار عالمانه سمجهاڻي آهي، [جيڪو] مرشد، مريد ۽ شريعت جي بيان سان شروع ٿئي ٿو ۽ الاهي صفات ۽ باري تعاليٰ جي وحدت تي ختم ٿئي ٿو. اُن جي ابتڙ ‘سنڌي رسالو’ وحدت باري تعاليٰ جي مرڪزي مضمون جي وضاحت سان شروع ٿئي ٿو، ۽ آخر ۾ فَقر ۽ فقيرن ۽ پيرن مرشدن جي حال حقيقت جي بيان تي ختم ٿئي ٿو. ‘منهاج المعرفت’ ۾ ايڪيهه باب آهن، پر سنڌي رسالي ۾ شاهه لطف الله قادريءَ، سلوڪ ۽ طريقت جا فقط ست موضوع ورجايا آهن، جيڪي سندس نظر ۾ وڌيڪ جامع ۽ سنڌيءَ ۾ عوام کي سمجهائڻ لاءِ وڌيڪ موزون ۽ مناسب هئا.
‘منهاج المعرفت’ جي ڌار ڌار بابن هيٺ جيڪي ويهه (20) سنڌي بيت ڏنا ويا آهن، تن مان فقط چار بيت ‘رسالي’ ۾ ٻيهر آندا ويا آهن. انهن چئن بيتن جي سٽن جي ‘سنڌي رسالي’ ۾ اصلاح ڪئي وئي آهي، جيڪا مقصد توڙي مناسبت جي لحاظ کان بهتر آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ‘سنڌي رسالي’ جي تصنيف جي سال بابت لکيو آهي ته، “منهاج المعرفت سن 1078هه جي تصنيف آهي ۽ جيڪڏهن ‘سنڌي رسالو’ اُن بعد وڌ ۾ وڌ پنجن سالن اندر لکيو ويو هجي ته پوءِ رسالي جي تصنيف 1078- 1083هه واري عرصي ۾ قرار ڏئي سگهجي ٿي.
مصنف (شاهه لطف الله) جي لکڻ موجب هن رسالي جي ستن ‘قسمن’ هيٺ متن ۾ جملي ٽي سؤ ستر [370] بيت هئا. ان کان سواءِ ٻه بيت، رسالي جي شروع ۾ مهاڳ طور ڏنل آهن، ۽ پڻ ستن ئي ‘قسمن’ مان هر هڪ ‘قسم’ جي مٿان هڪ بيت عنوان طور منظوم ٿيل آهي. يعني ته ڳاڻيٽي جي لحاظ سان نَوَ (9) ٻيا به بيت موجود آهن، جن جي اضافي سان مصنف جي لکئي موجب هن رسالي جي اصل نسخي ۾ جملي 379 بيت هئڻ گهرجن، پر شايد نسخن جي نقل در نقل، متن ۾ ورقن جي مٽ سٽ، يا ڪن ورقن جي ضايع ٿيڻ يا ڪاتبن کان مسلڪ طور يا سهواً ڇڏڻ سبب، موجود نسخي ۾ جملي 337 بيت موجود آهن.
بهرحال ‘منهاج المعرفت’ جي 20 بيتن ۽ ‘سنڌي رسالي’ جي 337 بيتن سميت جملي 357 سنڌي بيت، شاهه لطف الله قادريءَ جي سنڌي شاعريءَ جا ٿين ٿا. ان ڪري، موجوده تحقيق جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته شاهه لطف الله قادريءَ جو رسالو، سنڌي شاعريءَ [بيت] جي تاريخ ۾ پهريون وڏو ڪتاب آهي، جيڪو سمورو سنڌي بيتن تي مشتمل آهي.
شاهه لطف الله جي شاعري ۽ عرفان: سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي شاعري تصوف تي مبني آهي يا ائين کڻي چئجي ته اوائلي سنڌي شاعريءَ جو بنيادي محرڪ تصوف آهي. ٻين لفظن ۾ صوفي ئي سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ جا معمار آهن. انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ
۾ قاضي قادن [وفات: 1551ع] کي پهريون صوفي شاعر تسليم
ڪيو ويو آهي، جنهن جو پهريون ثبوت، سندس ست بيت هئا، جيڪي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جهڙي وڏي درويش ۽ صوفي شاعر پنهنجي محفلن ۾ پاڻ پڙهيا هئا ۽ ‘بيان العارفين’ ۾ شاهه ڪريم جي سنڌي بيتن سان گڏ محفوظ رهجي ويا. بعد ۾ نامور محقق هيري ٺڪر، گجرات رياست جي راڻيلا ڳوٺ جي هڪ مَٺِ مان ديوناگري لپيءَ ۾ قاضي قادن جا 112 [نوان بيت] تحقيق ڪري هٿ ڪيا. ان کانپوءِ سنڌي شاعريءَ جي ذخيري ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جا 94 بيت شمار ٿين ٿا. [هڪ اندازي مطابق] شاهه عبدالڪريم کان فقط ٽيهه سال پوءِ جڏهن لطف الله قادري انهيءَ ميدان ۾ قدم رکيو ته کيس اهو پسمنظر سامهون هو. ان نموني شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، قاضي قادن کان وٺي شاهه لطيف تائين ‘سنڌي اساسي شاعري’ جي اِنهيءَ اوسر ۽ عروج واري سلسلي جي وچين ۽ اهم ڪڙي آهي.
شاهه لطف الله قادري بنيادي طور عالم ۽ عارف هو. تنهنڪري سندس شاعريءَ ۾ به اهو ئي عالمانه ۽ عارفانه رنگ ڍنگ موجود آهي. هن جي ذهن ۾ شاعريءَ کان وڌيڪ اهو مقصد هو، جنهن لاءِ هن شاعريءَ کي ذريعي طور اختيار ڪيو. انهيءَ پس منظر ۾ هن پنهنجي شاعريءَ کي ستن موضوعن ۾ ورهايو آهي، پهرئين موضوع ۾ ‘ذات خدا وند عالم جي توحيد ۽ وحدت’ آهي، ٻئي ۾ ‘سالڪن جي سلوڪ’ بابت سمجهاڻي ڏني وئي آهي. ٽئين ۾ ‘ذڪر’ جو بيان آهي. چوٿين ۾ ‘وحدت ۽ موحدن’ بابت وجودي رنگ جي تشريح آهي. پنجين ۾ ‘عاشقن ۽ حسن جي حقيقت’ بابت اظهار خيال ڪري ٿو، ڇهين ۾ ‘دنيا جي ترڪ ڪرڻ ۽ فقر جي حقيقت’ بيان ٿيل آهي. ستين ۾ ‘مرشد ۽ سالڪ’ يا جنهن کي هو ‘جوڳين، ڪاپڙين، نانگن، آديسين، ويراڳين، کاهوڙين، سامين ۽ سنياسين جي روپ’ ۾ ڏسي ٿو. انهن جي فنا ۽ بقا، مراقبي ۽ مشاهدي وارين حالتن جو نهايت اثرائتي انداز ۾ بيان ڪري ٿو.
ڏٺو وڃي ته مٿينءَ ترتيب سان لطف الله قادريءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ تصوف جي نهايت اهم ۽ بنيادي مسئلن کي هٿ ۾ کنيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان اول ذات باريءَ جي وجود، ذات ۽ صفت، وحدت ۽ ڪثرت جو بحث شامل آهي، ان کانپوءِ سلوڪ ۽ معرفت، سالڪ ۽ عارف، مرشد ۽ مريد جي تعلق کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هڪ لحاظ کان ڏسجي ته لڳ ڀڳ اهي ساڳيا موضوع ‘منهاج المعرفت’ ۾ به زير بحث آهن. بهرحال شاهه لطف الله قادريءَ جي شاعريءَ مان محسوس ٿئي ٿو ته سندس مقصد شاعريءَ کان وڌيڪ تصوف جي ڳوڙهن مسئلن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ بيتن جي دلڪش روپ ۾ پيش ڪرڻ هو، انهيءَ ڪري سندس انداز علمي ۽ فڪري آهي. جنهن لاءِ هن قرآن شريف جون ڪيتريون ئي آيتون، حديثون، صوفين، عارفن
۽ بزرگن جا قول سڌا سنوان شاهديءَ طور تضمين ڪري بيتن ۾ آندا.
شاهه لطف الله قادريءَ پنهنجن هنن بيتن ۾ ڪلمن جي صفت، وحدت ۽ موحدن، عشق ۽ عاشقن، فقر ۽ فقيرن جهڙن معنوي مضمونن کي ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن مضمونن جو تعلق محض ‘ڳالهه’ يا ‘بيان’ سان ناهي، پر فڪر ۽ خيال، ارادي ۽ اعتقاد، بلڪ فلسفي ۽ نفسيات جي ڳوڙهن نُڪتن سان آهي.
شاهه لطف الله قادري پهريون بلند پايي جو صوفي ۽ عارف هو، جنهن پنهنجن سنڌي بيتن ۾ تصوف ۽ معرفت جي اُنهن ڳوڙهن معنوي نُڪتن کي ورجايو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ محض ‘قصي جي اپٽار’ يا ‘ڳالهه جي ظاهري پچار’ جي بدران اعليٰ عارفانه فڪر، حقائق جي نظر ۽ معنوي پس منظر واري راهه کي روشن ڪيو آهي. کانئس پوءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، بلڪل انهيءَ نهج ۽ نموني تي پنهنجن بيتن کي معنوي معيار جو مثال بنائي، انهن کي ‘روايتن’ جي بدران ‘آيتن’ جو آئينو بنايو.
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي وفات وقت شاهه لطف الله قادري
24 سالن کن جو هو، اُن ڪري شاهه ڪريم جي عارفانه مقام ۽ ڪلام جي کيس پوري آگاهي حاصل ٿي. اُن جو ثبوت شاهه لطف الله جي بيتن ۾ ملي ٿو، جيڪي هن غالباً شاهه ڪريم جي بيتن کان متاثر ٿي چيا. مثلاً: شاهه ڪريم ‘وحدت الوجودي’ ماهيت کي پنهنجن هيٺين بيتن ۾ بيان ڪيو آهي:
پاڻ ئي سلطان، پاڻ ئي ڏئي سنيهڙا،
پاڻ ڪري پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.
-
سو ئي هيڏي، سوئي هوڏان، سوئي من وسي،
تَهين سندي سوجهري، سو ئي سو وَسي!
شاهه لطف الله قادريءَ به انهيءَ ساڳئي مضمون کي، ساڳئي اسلوب بيان ۾، پر وڌيڪ دليلن ۽ مثالن سان ورجايو آهي. مثال طور:
سو ئي سلطان، شاه سو، سوئي پيڙهي راءِ،
سو ئي حڪم هلائي عالم ۾، سوئي ڏيکاريندڙ راه.
شاهه ڪريم، پنهنجي هڪ بيت ۾ ‘پِرين جي پر’ جي ترڪيب ڪم آندي آهي:
ڪا جا ‘پر پرين’، نه سا ٻُڌي، نه سُئي،
متيون سڀ مُنجهن، ايهي ڏٺي قضيي.
شاهه لطف الله، اُن کان متاثر ٿي چيو ته،
حيرت هنيا سڀ، اِت دعواگير دهليا،
پسي ‘پر پرين’ جي، مُنجهي سڀ ويا.
شاهه ڪريم کان اڳ، عام قصن ۽ ڪهاڻين، مشغلن [پورهين] ۽ مضمونن مان ڪي ٿورا اعليٰ اخلاقي شاعريءَ لاءِ مثالي قالبن طور استعمال ٿيا هئا. موجوده ڄاڻ موجب اڳ جي عارفن ۽ شاعرن فقط مورڙي ۽ مانگر مڇ جي قصي، ڪلاڙن جي مشغلي ۽ سسئيءَ جي داستانن کي پنهنجن بيتن ۾ تمثيل طور استعمال ڪيو هو، جهڙوڪ: سماع جي هڪ محفل ۾ سنڌي ذاڪرن جو ‘مورڙي ۽ مانگر مڇ’ جي قصي مان ڳايل بيت، مخدوم احمد ڀٽيءَ جي سماع جي مجلس ۾ هڪ سوناري ڇوڪري جو ‘ڪلاڙن’ جي مضمون مان پڙهيل بيت ۽ ميين علي شيرازيءَ جو سُر سسئيءَ مان چيل بيت وغيره.
اهڙيءَ طرح سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ شاهه ڪريم بُلڙيءَ وارو غالباً پهريون شاعر هو، جنهن عام داستانن، قصيدن ۽ مشغلن [پورهين] مان پندرهن کن کي پنهنجي معنوي بيتن لاءِ مثالي قالب بنايو. مثلاً: سهڻي، مارئي، سسئي، ليلان ۽ مومل جي داستانن، توڙي گهاتُن، موکي متارن، ڪڇ جي لوڙائن، کاهوڙين، ڏاتارن ۽ مڱڻن ۽ پڻ ٻين مختلف عنوانن ۽ مشغلن، جهڙوڪ: هَنجن جي وصفن، ڪرهي تي چڙهي محبوب سان ملاقاتن، لوهارن، پاڻهيارين ۽ سندن ورن، مُورکن جي مورکائي، چورن جي لِڪَ وغيره کي پنهنجن بيتن لاءِ تمثيلي قالب بنايائين.
شاهه لطف الله قادريءَ جي آڏو فقط ‘سلوڪ ۽ طريقت’ جو هڪ مکيه مضمون هو، جنهن جي وضاحت ڪرڻ ٿي چاهيائين. اُنهيءَ سلسلي ۾، حق ۽ حقيقت جي تلاش، طالبن ۽ سالڪن جي جدوجهد کي تمثيل طور ‘سامونڊي ناکئن’ جي منزل مقصود ڏانهن هاڪاري هلڻ ۽ ‘جوڳين ۽ آديسين’ کي سندن ياترائن خاطر ڪشالن ڪڍڻ سان ڀيٽي، تفصيلي سمجهاڻي ڏنائين. انهن تمثيلن جي ذريعي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب: شاهه لطف الله قادريءَ، سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ ‘سامونڊين ۽ ناکئن’ ۽ ‘جوڳين ۽ آديسين’ وارا نوان تمثيلي مضمون رائج ڪيا، جيڪي کانئس اڳ ٻئي ڪنهن به شاعر نه آندا هئا.
[نوٽ: ‘جوڳيءَ’ واري تمثيل اُن کان اڳ قاضي قادن پڻ ڪتب آندي هئي، مثلاً: “جوڳيءَ جاڳايوس، سُتو هوس ننڊ ۾.”]
شاهه لطف الله قادريءَ کانپوءِ اُهي مضمون ۽ عنوان ميين شاهه عنات توڙي شاهه لطيف لاءِ بنياد بنيا ۽ ٻنهي وڏن شاعرن، اُنهن مضمونن کي- سُر سامونڊي، سُر سريراڳ، سُر پورب ۽ سُر رامڪليءَ جي عنوانن سان- وڏي ذوق ۽ اهميت سان بيان ڪيو ۽ ان ۾ فڪري گهرائي پيدا ڪئي.
شاهه لطف الله قادريءَ، رسالي جي ‘قسم ٻئي’ هيٺ ‘سامونڊي ۽ ناکئن’ جي تمثيل سان راههِ طريقت ۾ ‘سالڪن جي سفر’ کي سمجهايو آهي، ۽ اُنهن حقن جي طالب ‘سامونڊين’ جي بزرگي ۽ برتريءَ کي کولي بيان ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت هن ‘قسم ڇهين’ هيٺ جوڳين، آديسين، سامين ۽ ڪاپڙين جي عادتن ۽ اطوارن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي ۽ ‘قسم ستين’ هيٺ طريقت جي پيرن ۽ مرشدن ۽ سندن منزلن کي تمثيل طور جوڳين، فقيرن ۽ سندن تڪين ۽ تيرٿن سان ڀيٽيو آهي.
‘هيئت’ توڙي ‘فني سٽاءَ’ جي لحاظ سان پڻ شاهه لطف الله قادريءَ جي بيتن ۾ ڪي اهم ۽ نيون صنفون ملن ٿيون، جي اڳين شاعرن [جن جو ڪلام هن وقت تائين دستياب ٿيو آهي] جي بيتن ۾ ناپيد آهن. قاضي قادن جي ڪلام ۾ ‘سنڌي دوهي’ کان وٺي ‘سنڌي بيت’ تائين ارتقا جون سڀئي صورتون ملن ٿيون. ان دور جي ميين سيد علي شيرازيءَ جو هڪ بيت چئن سٽن وارو ملي ٿو، ان بعد شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ سندس ٽيانوي بيتن ۽ دوهن مان پڻ نوي ٻن سٽن وارا ۽ فقط ٽي بيت ٽن سٽن وارا آهن. شاهه لطف الله قادري کان اڳ واري دؤر ۾ جيتوڻيڪ ٽن يا چئن سٽن وارن سنڌي بيتن جي شروعات ٿي چڪي هئي، پر مجموعي طور ‘سنڌي بيت’ اڃا ٻن سٽن وارو ئي هو. ان جي برعڪس شاهه لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ چئن ۽ پنجن سٽن وارا بيت عام جام ملن ٿا ۽ ڪن بيتن ۾ ته سٽن جو تعداد وڌي وڃي ڇهن ۽ ستن سٽن تائين پهچي ٿو.
شاعرانه فن جي لحاظ سان ‘وراڻ’ يا ‘تڪرار’ وارو سٽاءُ پهريون ڀيرو شاهه لطف الله قادريءَ جي بيتن ۾ پوري تسلسل ۽ تفصيل سان نظر اچي ٿو. هن سٽاءَ موجب شاعر هڪ کان وڌيڪ بيتن ۾ ساڳئي مضمون کي ورجائڻ خاطر ڪي ساڳيا لفظ، اصطلاح يا فقرا ورائي ورائي آڻيندو آهي، انهيءَ ‘وراڻ’ يا ‘تڪرار’ جو مقصد ڪنهن خيال يا ڳالهه جي تصديق، توثيق يا تاڪيد هوندو آهي يا وري دلي طلب ۽ تحسين جي پوري ذوق سان اظهار. لفظن جو تڪرار شاهه لطف الله کان اڳ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيتن ۾ به موجود آهي. فني لحاظ کان شاهه لطف الله قادري ‘وراڻ’ يا ‘تڪرار’ واري انهيءَ شاعرانه فني خصوصيت کي پوريءَ طرح استعمال ڪري، پوين شاعرن لاءِ مثال قائم ڪيو. کائنس پوءِ اِها فني خصوصيت ميين شاهه عنات ۽ خصوصاً شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن جو جز بڻي ۽ ان بعد عام طور استعمال ۾ آئي.
شاهه لطف الله قادريءَ، نه فقط سنڌي بيت جي هيئت ۽ فني سٽاءَ ۾ اهي اهم اضافا ڪيا، پر ساڳئي قافيي وارين سٽن جي تعداد ۾ پڻ اضافو ڪري، ‘ڊگهابند’ جوڙيا، جن جو مثال پهريون ڀيرو سندس ڪلام ۾ ملي ٿو. ‘شاهه لطف الله قادري’ جي ‘سنڌي رسالي’ جي شروع ۾ اهڙا ٻه ‘ڊگها بند’ موجود آهن، جن مان پهرئين ۾ ڇهه ۽ ٻئي ۾ يارهن هم قافيه سٽون موجود آهن. شاهه لطف الله کان اڳ سنڌي عالمن ۽ شاعرن جون شعر خواهه نثر ۾ جيڪي تصنيفون ملن ٿيون. سي عربي يا فارسيءَ ۾ [سواءِ چند سنڌي منظومين جي] آهن، شاهه لطف الله غالباً پهريون عالم ۽ عارف هو، جنهن محسوس ڪيو ته سنڌ جا عوام جن جي مادري ٻولي سنڌي آهي ۽ اهي فقط سنڌيءَ ۾ ئي آسانيءَ سان ڪنهن ڳالهه کي سمجهي سگهندا، تن جي سهولت خاطر ضروري آهي ته علمي مسئلا سندن مادري زبان ۾ بيان ڪيا وڃن ته جيئن هو نه فقط سولائيءَ سان، پر ذوق ۽ شوق سان پڙهن ۽ سمجهن. انهيءَ احساس کان پوءِ، شاهه لطف الله قادريءَ ‘سنڌي رسالو’ جوڙيو. سندن ڪلام ۾ قدري معنويت ۽ بيان جي پيچيدگي گهڻي نظر اچي ٿي، پر سندس اڪثر ڪلام ۾ رواني موجود آهي. ڪي سٽون ۽ بيت شاعرانه شعور توڙي ٻوليءَ جي فصاحت جا نهايت سهڻا مثال آهن.
شاهه لطف الله قادريءَ جو گهڻو تڻو ڪلام تصوف جي مسئلن جي سمجهاڻي ۽ توحيد خالص تي مبني آهي. هن ڪو خاص قصو يا رومانوي داستان بيان نه ڪيو آهي.
هن تصوف جي ڳوڙهن مسئلن کي سؤلو ڪري پيش ڪيو آهي. مثال طور: ‘ذات’، ‘صفت’، ‘وحدت’ ۽ ‘ڪثرت’ جي ڳوڙهي مسئلي کي مختلف مثالن ذريعي هن ريت سمجهائي ٿو:
سمنڊ کنيو پساهه، ڪوڙين موڄ اُڀرئا.
-
سيئي وهيا واهڙا، اڌ مئو مهراڻ.
-
جي ذات گڏي ذات کي، لهي سگهي ڪوءِ.
-
سوئي پاڻي کُوهرين، سوئي سمنڊن هوءِ.
-
سو سيڪُڙو، ساسِڪَ، ڳلهه مڙوئي هيڪڙي.
شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام سنڌ جي نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏنو، جنهن جو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري طرفان پهريون ڇاپو 1968ع ۾ ڇپيو. سنڌي شاعريءَ جو هي اهم ۽ بنيادي ڪتاب ڪيترن سالن تائين اڻ لڀ رهيو. جنهن جي ضرورت محسوس ڪندي، اڳتي هلي ساڳئي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ان جو ٻيو ايڊيشن 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جڏهن ته هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. پوين ٻنهي ڇاپن جا عڪس هيٺ ڏجن ٿا:
شاهه لطف الله قادريءَ جا ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا، ته جيئن سنڌي بيت جي ارتقا سمجهي سگهجي.
سُڄي جو اتانگهه، تِنھ ۾ ڪِئائون تَڪيا،
اُو نه ڪنھ پيرَ، نه پيچري، اندر وَهه وئا.
-
حسن حبيبن جو، پَسين جي پيهي،
تو تو کي سڀيئي، ٻيون وڃن وسري.
-
وحدت سڀ وجود ۾، هيڪا هيڪَ پسن،
اُو ٻِئايان ٻَهارِ ٿيا، دعويٰ دمُ نه ڪَن،
سي منجهه حيرت رهن، ڪينَ ڪيائون تَڪيو.
-
تَڪيا پَسي تن جا، من ۾ ٿئو ماتام،
آيل! آديسين ري، اچي نه آرام،
اُوءِ دُونهين ورا دامُ، ڏيئي وِرهه واٽَ ٿئا.
-
جتي ’ڪون‘ نه ’مڪان‘ ڪو، تِت ڪيائون سير،
اُتي عالم ڪيترا، پروڙئو پائن پير،
ايءَ ڳُجها ڳُجهه جي ڳالهڙي، ڪمتر پروڙي ڪيرُ،
اڻ پيريءَ ۾ پيرُ، ڪِنين پاتو پيريين!
-
جتي عقل نه علم ڪِين، اُوءِ تاڻِن تيڏاهين،
جيلاه وَهُه پِئون وِترو، تي وڃن اوڏاهين،
سي پيٺا وحدت ويءَ ۾، ساراهِن سائين،
نانڪُتا نادر وحدت جا، حاصل حضورا هين،
جُھ اچن اُتاهين، ته اُهڃ ڏين اڳانجها گهڻو.
-
نَڪا صورت سرير جي، نَڪو قِيل نه قال،
سي وجودان وهي وئا، جن ڏٺو پري جمال،
تيهي ظرافت ذات جي، تِهو حُسن ڪمال،
تيهيءَ تجلي تام سڄڻين، تِهو ضوء زولال،
تيهي لطافت لطيف سو، تِهو خوبي خال،
تِهو ذوق زينت پِري جي، تِهو خاص خيال،
سڀ سڀوئي حال، پيهِي ڪن پروڙئو.
هنن بيتن جو سٽاءُ اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي پوين شاعرن لاءِ واٽ جي لاٽ رهيو ۽ انهن پوءِ دوهي، سورٺي ۽ بيت جي سٽاءَ کي وڌيڪ تڪميل تي پهچايو. شاهه لطف الله قادريءَ جي هنن بيتن ۾ ‘تڪيا پَسي تن جا’، ‘آيل! آديسين ري’ وغيره ترڪيبون، شاهه لطيف ۽ ٻين شاعرن به ڪم آنديون آهن، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطف الله قادريءَ جي شاعريءَ جو اثر کانئس پوءِ وارن شاعرن به قبول ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو