يادگار لطيف (مخزن)

يادگار لطيف (مخزن)

ڀٽائي (جرنل)

ڀٽائي (جرنل)

شاهه لطيف بابت ڇپيل مختلف رسالا مخزن ۽ سووينيئر

شاهه لطيف بابت ڇپيل مختلف رسالا/ مخزن ۽ سووينيئر:
يادگار لطيف (مخزن): هيءَ مخزن، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻه سؤ ڇهه ساله سالگرهه (1958ع) جي موقعي تي پڙهيل مقالن ۽ شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن کي بيگم زينت عبدالله چنا ترتيب ڏنو آهي. ابتدا ۾ 206 ورسيءَ جي پهرين، ٻي ۽ ٽين نشست جي پروگرام جو تفصيل ڏنو ويو آهي. 30 آگسٽ 1958ع تي پهرين نشست جي صدارت پاڪستان جي صدر اسڪندر مرزا ڪئي هئي ۽ استقباليه خطبو سيد ميران محمد شاهه پڙهيو هو ۽ افتتاحي خطبو اسڪندر مرزا پڙهيو، ان بعد راڳ ۽ ساز جي محفل ٿي، جنهن ۾ پير بخش شڪارپوريءَ، مُتي ۽ دهل تي ڪلام ڳايو. مير محمد خان بلوچ، نڙ تي لئي ڀيروي وڄائي. نارو ڀڳت ‘ڪاڪيون قريبن جي اڳيان، ڪتيم ڪينڪي ڇا ٻڌايان’ ڪلام ڳايو. مصري خان الغوزي تي سُرمانجهه وڄايو ۽ اُستاد منظور علي خان، ڀيرويءَ ۾ ‘وينديس مان ته مري’ ڪلام ٻڌايو. ٻي نشست
31 آگسٽ 1958 تي صبح جو سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ مقالن ۽ شاعريءَ کان سواءِ: قاسم شاهه، گل محمد ماڇيءَ، شيخ دين محمد، حليم پيرزادي، امير بخش فقير، مائي الهه وسائي،
نارو ڀڳت، مصري فقير ۽ استاد منظور علي خان، شاهه جون وايون ڳايون. محمد اسماعيل بئنجي تي ڪوهياري وڄائي، خميسي خان الغوزي تي ڌن وڄائي ۽ فقير قادر بخش مُرليءَ تي ڌن ٻڌائي، مير محمد نڙ ۽ مصري خان بينن تي لهرا ٻڌايا، جڏهن ته دهل ۽ متي تي پير بخش فقير، اڪرم فقير ۽ بسنت فقير لغاري الغوزو ۽ مير محمد خان، محمد آچر بئنجو نڙ ٻڌايو. جڏهن ته ٻِيڙَي فقير ڪنڀار، عبدالرزاق شاهه، پيرزادي عبدالستار ۽ گل محمد ماڇيءَ راڳ ۾ حصو ورتو.
هن مخزن ۾ استقباليه ۽ افتتاحي تقريرن کان سواءِ هيٺين عالمن جا مقالا پيش ڪيا ويا آهن:
(1) شاعر ۽ سگهڙ (ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو)
(2) شاهه عبداللطيف (اسماعيل بن واصف)
(3) شاهه جي وطن دوستي (آغا شهاب الدين)
(4) شاهه سائينءَ جي پيشنگوئي (ولي محمد طاهرزادو)
(5) ڀٽائيءَ جو ڍٽ ڌڻي يا شاهه جو راڻو (مير شفيع احمد علوي)
(6) شاهه ۽ تصوف (ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ‘خليل’)
(7) شاهه جو ڪلام هڪ سرسري نظر ۾ (محمد خان غني)
شاعريءَ واري حصي ۾ دين محمد ‘اديب’ فيروزشاهي، محمود ‘خادم’ رفيقوي، بردو سنڌي، پير محمد پياسي، مرزا گل حسن ‘احسن’ ڪربلائي، اياز سنڌي، عبداللطيف ‘قمر’ بلوچ، لائق سيتائي، حسيني امداد علي شاهه امداد ٽکڙائي، جامي ۽ غلام حيدر حبدار جا شعر ڏنا ويا آهن. ڊبل ڪرائون جي 60 صفحن تي مشتمل هيءَ مخزن، لطيف يادگار ڪائونسل، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد مان 1959ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن جي قيمت ٻه روپيا آهي.
يادگار لطيف (مخزن): هي مخزن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻه سؤ ست ساله سالگرهه (1959ع) جي موقعي تي شاهه لطيف جي شاعريءَ، فڪر ۽ فن تي عالمن ۽ اديبن جي پڙهيل مقالن ۽ شاعرن پاران شاهه کي پيش ڪيل منظوم خراج عقيدت تي مشتمل آهي. هن مخزن کي مشهور ليکڪا بيگم زينت عبدالله چنا مرتب ڪيو آهي. هن ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي، محبوب علي چنا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حبيب الله ڀُٽي، محمد حسين ترڪ، آغا تاج محمد، عبدالله چنا، سرشار عقيلي، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، مخدوم طالب الموليٰ، بيگم زينت عبدالله چنا، امينه خميساڻي، اسد الله شاهه ٽکڙائي، مرزا همايون بيگ، علي محمد خالدي، بشير مورياڻي، سيد احسن الهاشمي، سيد نور محمد لطيفي، شفيع احمد علوي، ضياء الدين بلبل، آغا شهاب الدين، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ڌڻي بخش صوفي، عطا محمد حامي، سيد ميران شاهه، مولائي شيدائي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ مقبول احمد ڀٽيءَ جا تحقيقي مقالا شامل آهن. ان کان سواءِ مولوي دين محمد چنا، محمد خان ‘غني’، عاجز هالائي، محمـود خادم ‘رفيقي’، برده سـنڌي، محمد علـي ‘جوهـر’، ڊاڪٽر خليل، علي محمد خالدي، عارف جيلاني، حافظ احسن چنا، قاضي عبدالحئي ‘قائل’، امداد حُسيني، احسن ڪربلائي ۽ پير محمد پياسيءَ جا شعر آهن.
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 195 صفحن تي مشتمل هيءَ مخزن سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد ۾ شايع ٿي. جيڪا شاهه لطيف جي ٻه سؤ ست ساله سالگرهه جي موقعي تي، 1960ع ۾ لطيف يادگار ڪائونسل طرفان پڌري ٿي، جنهن جي قيمت هڪ روپيو آهي.
نقشِ لطيف: هيءَ مخزن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 218هين ورسيءَ جي موقعي تي شايع ٿي، جنهن کي شيخ عزيز مرتب ڪيو. هن ۾ شاهه صاحب جي شخصيت ۽ شاعريءَ بابت وڏن عالمن ۽ محققن جا تحقيقي مقالا آهن، انهن عالمن ۽ محققن ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي،
اي. ڪي بروهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا غلام محمد گرامي، پروفيسر عبدالعلي قلباڻي، الياس عشقي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، بيگم امينه خميساڻي، ممتاز مرزا ۽ شيخ عزيز شامل آهن،
ان کان سواءِ آخر ۾ شاهه صاحب سنڌ جي نامور شاعرن منظوم خراج تحسين پيش ڪيو آهي، جن ۾: مرزا گل حسن احسن ڪربلائي،
شيخ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، نياز همايوني، امداد حسيني،
رشيد احمد لاشاري، سيد منظور نقوي، ناشاد، وفا ناٿن شاهي ۽
غلام مرتضيٰ شاهه شامل آهن.
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 95 صفحن تي مشتمل هي مخزن محڪمه اطلاعات، حيدرآباد، اپريل 1970ع ۾ شايع ڪئي، جنهن جي ڪا به قيمت ڄاڻايل نه آهي.
مخزن شاهه عبداللطيف ڀٽائي: هي ڊبل ڪرائون مخزن، سال 1954ع ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سالگرهه جي موقعي تي ڪيل تقريرن ۽ پڙهيل مقالن تي مشتل آهي ۽ صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ادارت ۾ شايع ٿيو آهي. هن ۾ هيٺيون مواد شامل آهي:
(1) خطبه صدارت: پيرزادو عبدالستار، وزيراعليٰ سنڌ
(2) شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي قوت مشاهده يا ڏسڻ جي اک: سير ميران محمد شاهه
(3) سنڌي ثقافت جو مرڪز: جي ايم سيد
(4) شاهه ڀٽائي رح ۽ وطن جي ياد: ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ‘خليل’ شاهه عبداللطيف: پير سعيد حسن
(5) شاهه ڀٽائيءَ جي روح رهاڻ: مولوي عبدالڪريم چشتي
(6) وطن جي حُب: ايم اي چنه
(7) شاهه رح جي رسالي ۾ تاريخي اشارا: مولائي شيدائي
(8) لطيفي دنيا جو سير: حسيني قطب علي شاهه
(9) محمد ڪارڻي: سرور علي سرور حيدرآباد
(10) روحِ لطيف (منظوم اردو ترجمو): رشيد احمد لاشاري
(11) شاهه لطيف جو سنڌ جي رسمن بابت مطالعو
(12) شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندن معرفت وارو مقام: سيد غلام حيدر شاهه
(13) شاهه جي شعر ۾ ساڻيهه جي سڪ: مقبول احمد ڀٽي
(14) شاهه صاحب جو مخدوم محمد معين ڏي خط ۽ ان جو جواب
(15) آغا تاج محمد ۽ فقيرزاده بشير مخفي جي شاعري (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
(16) شاهه ڀٽائي ڪا نظريه تصوف: فقير بشير مخفي القادري
(17) گهلائي عقيدت (نظم فارسي): دين محمد اديب فيروزشاهي
(18) T. L. Waswani: Shah Latif: The Peerless poet of Sindh
هيءَ ڊبل ڪرائون جي 96 صفـحـن تي مشتمل مـخـزن، لطيف يـادگار ڪـميٽـيءَ، 1954ع ۾ ڇـپائي پـڌري ڪـئي ۽ اُن جي قيمت
2 روپيا آهي.
لطيف سالگرهه مخزن (ٻه سو نائين ورسي، 1961): هيءَ مخزن سال 1961ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 209هين ورسيءَ جي موقعي تي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، اعزازي سيڪريٽري ڀٽ شاهه ثقافت ڪميٽيءَ جاري ڪئي. ان ۾ چيئرمئن ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر
نياز احمد جي تقرير کانپوءِ ان وقت جي مرڪزي وزير قدرتي وسيلا جناب ذوالفقار علي ڀٽو (شهيد) جو افتتاحي خطبو ڏنو ويو هو.
جناب شهيد ڀُٽي اها تقرير انگريزيءَ ۾ ڪئي هئي. اها تاريخي تقرير اڌ صدي گذري وڃڻ بعد هڪ تاريخ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. ڀُٽي شهيد اها تقرير ڀٽ شاهه ۾ 28 جولاءِ 1961ع تي شام جو 5 وڳي نئين تعمير ٿيل جلسي گاهه ۾ ڪئي هئي. هن چيو هو ته، “شاهه لطيف نه رڳو سنڌ جو روشن ستارو آهي، بلڪ اسان جو قومي هيرو آهي، ۽
بين الاقوامي شهرت ۽ درجي جو شاعر آهي. سچ پچ ته قومي هيرن جون زندگيون مشعل راهه آهن. دنيا جون سجاڳ قومون پنهنجن بزرگن جي ياد مختلف طريقن سان ملهائينديون آهن ۽ سندن حياتي، شخصيت، پيغام ۽ فلسفي کي عوام تائين تقريرن ۽ مقالن جي ذريعي پهچائين ٿيون. ڀٽائيءَ جي عظيم شخصيت اسان جي موجوده ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اعليٰ رهبر جي حيثيت رکي ٿي. سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن ۽ ڀٽائيءَ جي زندگيءَ کي هڪٻئي کان جدا نٿو ڪري سگهجي. ڀٽائي ۽ سنڌ لازم ملزوم آهن. سنڌ کي ڀٽائيءَ کان سواءِ ۽ ڀٽائيءَ کي سنڌ کان سواءِ سمجهي نٿو سگهجي...”
هن مـخـزن ۾ پيـر حـسـام الـديـن راشـدي، مخـدوم اميـر احـمـد، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شبير هاتف، ممتاز مرزا ۽ ٻين جون تقريرون ۽ مختلف شاعرن جي شاعري ڏنل آهي.
ڀٽائي (جرنل): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 228هين عرس جي موقعي [14-15-16 صفر 1400هه، 3-4-5 جنوري 1980ع] تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، حيدرآباد، سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ يادگار جرنل شايع ڪيو هو. سنڌي ڀاڱي ۾، ابتدا ۾ ممتاز مرزا جون لطيف سائينءَ جي ميلي جي حوالي سان ساروڻيون ‘وساريان نه وسرن’ جي عنوان سان ڏنل آهن. ان کانپوءِ پير حسام الدين جي 1961ع ۾ ڀٽائيءَ جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيل صدارتي تقرير ‘شاهه تي تحقيق’ عنوانن سان ڏني وئي آهي. هن جرنل جو انگريزي ڀاڱو ڀـرپــور آهـي، جـنهـن جـا ابـتـدائـي اکـر (Foreword) اي بي سومري ۽ تعارف عبدالحميد آخوند لکيو آهي. ان بعد شاهه بابت هيٺيان مضمون [۽ ترجما] شامل آهن:
(1) Sarang: Elsa Kazi
(2) An Account of Poets Life: K. L. Advani
(3) Shah Abdul Latif: H. T. Sorley
(4) (a) The Joy of Beloved, (b) The Guide, Poetic Translation by: H. T. Sorley
(5) Shah Abdul Latif- Founder of a New Music Institution: Dr N. A Baloch
(6) Sur Music (Introduciton of 28 Surs of S.A.Latif): Elsa Kazi.
هن جرنل جي ٽائيٽل تي شاهه جي سماع جي ظفر ڪاظميءَ جي ٺاهيل تصوير ڏني وئي آهي. هي جرنل ڊبل ڪرائون سائيز جي 80 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو