ڀٽ شاهه: شاهه لطيف ايڪسلينس سينٽر
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم شاهه لطيف چيئر
شاهه لطيف فائوڊيشن
شاهه لطيف تي تحقيق ڪندڙ ادارا:
(1) ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه:
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ نامياري اديب ۽ سياستدان سيد ميران محمد شاهه ٽکڙائيءَ (جي ايم سيد سان گڏجي)، 1928ع کان درگاهه ڀٽ شاهه تي خاص طور عرس جي موقعي تي راڳ ڪرائڻ سان ابتدا ڪئي. سنه 1932ع کان 1940ع تائين ڪراڙ ڍنڍ جي اترئين پاسي ادبي ڪانفرنسون ۽ راڳ جون محفلون مچايائين. 1950ع ۾ سنڌ سرڪار ۾ عوامي ڀلائيءَ جي کاتي جي وزير جي حيثيت ۾، نيشنل هاءِ وي کان درگاهه تائين ٻن ڪلوميٽرن جو پڪو رستو جوڙايائين. ساڳيءَ ريت ‘لطيف يادگار ڪميٽيءَ’ جو بنياد رکيائين، جنهن سان شاهه جي ورسين ۽ ڪانفرنسن جو سلسلو شروع ٿيو. 1952ع ۾ سائين جي ايم سيد جي صدارت ۾ ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي ڪارروائي نامياري محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هلائي. ڊاڪٽر بلوچ 1951ع کان 1967ع تائين مسلسل نه رڳو ادبي ڪانفرنسن جون ڪارروايون هلايون، پر ان جا انتظام پڻ گھڻي ڀاڱي سنڀاليندو رهيو. 15 آڪٽوبر 1954ع تي ڀٽائيءَ جي ٻه سؤ پهرئين عرس جي موقعي تي ‘لطيف يادگار ڪميٽي’ کي سرڪار پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ ‘ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز’ جو بنياد، سنڌ جي ان وقت جي وزيراعليٰ پيرزادي عبدالستار رکيو ۽ اُن جو افتتاح ان وقت جي صنعتن جي وفاقي وزير، ذوالفقار علي ڀُٽي، 18 جولاءِ 1962ع تي ڪيو.
‘ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز’ پاران ٿوري ئي وقت جي اندر ميوزم [جنهن ۾ شاهه جي سورمين بابت ‘ڊايا راما’ نصب ڪيا ويا]، اوپن ايئر آڊيٽوريم، ريئر [ناياب] بوڪ لائبرري، فنڪارن جي هاسٽل، عورت فنڪارن لاءِ هاسٽل، موٽيل، مسافر خانو [هاڻ ان بلڊنگ ۾ F.M 93.5 ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه ۽ واپڊا آفيس قائم آهي]، شاهه لطيف ايڪسيلنس سينٽر، ريسٽ هائوس، شاهه لطيف ميوزڪ اسڪول،
شاهه لطيف لائبرري، شاهه جو باغ ۽ آرٽ گيلري شامل آهن. ان کان سواءِ هن اداري پاران عرس جي موقعي تي ٽن ڏينهن تائين هر سال ادبي ڪانفرنس، ملاکڙو، راڳ رنگ ۽ ٻيا ثقافتي ۽ تفريحي پروگرام منعقد ڪرايا ويندا آهن. 1960ع کان مرڪز پاران 8-207 عرس (1960ع)،
209 عرس (1961ع)، 11-210 عرس (1964ع)، 13-212 عرس (1967ع)، 215 عرس (1968ع)، 216 عرس (1969ع)، 18-217 عرس (1971ع)، 20-219 عرس (1973ع)، 22-221هين عرس (1975ع) جي موقعي تي ‘لطيف سالگرهه مخزن’ جا 15 نمبر [9 جلدن ۾] پڌرا ڪيا. ان کان پوءِ هر سال رسالي جي هڪ سُر تي ڪتاب پڌري ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ 1970ع ۾ ‘سر ڪلياڻ’ تي پهريون ڪتاب پڌرو ڪيو ويو، جيڪو سلسلو ٽيهن سُرن جي مڪمل ٿيڻ تي 2009ع ۾ ختم ڪيو ويو. هي مرڪز پاران مختلف وقتن تي هڪ، ٻن ۽ ٽن ڏينهن جون قومي ۽
بين الاقوامي سطح جون ادبي ڪانفرنسون پڻ منعقد ڪرائيندو رهندو آهي ته ساڳئي وقت سگھڙن جون ڪچهريون پڻ ڪرايون وڃن ٿيون. ميلي جي ٽنهي راتين تي اوپن ايئر آڊيٽوريم ۾ راڳ جي محفل، زائرين ۽ عقيدتمندن لاءِ دلچسپيءَ جو سبب هوندي آهي. هر شام ملاکڙو به ٿيندو آهي. ميلي جي آخري ڏينهن تي سنڌ جو وڏو وزير، شاهه سائينءَ تي تحقيق ڪندڙ اديب [توڙي مترجم]، راڳي، شاهه جي راڳي، سازندي ۽ بهترين ملهه وغيره کي ‘لطيف اوارڊ’ ۽ عرس جي موقعي تي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي شيلڊون ۽ روڪ رقم انعام پڻ ڏيندو آهي.
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه طرفان مختلف وقتن تي شاهه سائينءَ جي حوالي سان هڪ سؤ کن ڪتاب پڻ شايع ڪرايا ويا آهن. هن اداري جو اعزازي سيڪريٽري سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جو سيڪريٽري ئي هوندو آهي، جڏهن ته چيئرمئن حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر رهندو آهي. مرڪز جي قيام ۽ عرس جون تقريبون ملهائڻ ۾ سيد ميران محمد شاهه کان سواءِ جي ايم سيد، مخدوم طالب الموليٰ، پيرزادي عبدالستار، خانصاحب عبدالله چنا، آغا تاج محمد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، الله بخش نظاماڻي، ممتاز مرزا، عبدالحميد آخوند ۽ ڪيترن اورچ، محنتي ڪارڪنن ۽ عقيدتمندن جو اهم ڪردار آهي.
(2) شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، صدر جنرل ضياءُ الحق جي هڪ حڪم هيٺ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾، 1986ع ۾ قائم ٿي، جنهن جو اعلان هُن ‘تنظيم فڪر و نظر’ پاران سکر ۾ 18 اپريل 1985ع تي ڪوٺايل ‘ڪُل پاڪستان شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس’ ۾ ڪيو هو.
جنرل ضياء الحق پاڻ هڪ خط وسيلي (جيڪو 24 اپريل 1985ع تي سنڌ جي گورنر، ناڻي، ثقافت ۽ تعليم جي وزارتن جي وفاقي سيڪريٽرين ڏانهن اماڻيو ويو هو) اها هدايت ڪئي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يا حيدرآباد جي ڪنهن هڪ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪئي وڃي ۽ ان لاءِ جوڳا فنڊ مهيا ڪيا وڃن. انهن هدايتن تي ڪو تڪڙو عمل ته نه ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌ جي گورنر، وائيس چانسلرن جي هڪ ڪانفرنس ۾ (جيڪا 13 مئي 1986ع تي گورنر هائـوس ڪراچـيءَ ۾ ٿي) سنڌ صوبي جي رهواسين ۾ هـم آهنگـي ۽ مفاهـمـت پيدا ڪرڻ لاءِ شاهه لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ، پاڪستان جي صدر جي حڪم نمبر 165 (سال 1985ع) موجب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر جميل جالبيءَ ان چيئر کي قائم ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ورتي ۽ آخرڪار سنڌ سرڪار جي تعليم ۽ ثقافت کاتي جي هڪ پڌرائيءَ موجب (جيڪو سيپٽمبر 1986ع تي جاري ٿيو) ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ باقاعده شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر کي قائم ڪيو ويو.
پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادري (جيڪو ان وقت سنڌي شعبي ۾ پروفيسر هو) کي پهرين آگسٽ 1987ع کان چيئر جو پهريون پروفيسر ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي بنيادي متن ۾ شاهه سائينءَ جي فلسفي، فڪر ۽ امن ڀرئي پيغام کي ملڪ ۽ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکيڙڻ ۽ ان تي کوجنا ڪرڻ آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر کي انتظامي طور هلائڻ لاءِ سنڊيڪيٽ هڪ صلاحڪاري ڪاميٽي جوڙي، جنهن ۾ ٻين سان گڏ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ کي ماهرن طور ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. ان ڪاميٽيءَ کي بورڊ آف گورنرس جي حيثيت حاصل آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري 21 سيپٽمبر 1991ع تائين چيئر جو ڊائريڪٽر رهيو. ان عرصي ۾ هن تحقيق جي ڪم تي وڌيڪ زور ڏنو ۽ چئن شاگردن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي Ph.D ڪرائي.
سنڌ جي گورنر محمود هارون جي حڪم تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر درِشهوار سيد کي چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، گڏوگڏ ڊاڪٽر اياز حسين قادري صاحب کي چيئر جو پروفيسر ايڊوائيزر مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر درِشهوار سيد، 22 سيپٽمبر 1991ع کان 21 سيپٽمبر 1996ع تائين پنج سال چيئر جي ڊائريڪٽر رهي، جنهن دوران هن هڪ توسيعي ليڪچر ۽ تحقيق جي طريقيڪار تي هڪ ورڪشاپ ڪرايو. ڊاڪٽر صاحبه پنجن سالن جو مدو پورو ڪري وري وڃي پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون، جنهن کان پوءِ سنڌي شعبي جي چيئرمئن پروفيسر سليم ميمڻ کي چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. هن 30 نومبر 1996ع کان 3 فيبروري 1998ع تائين چيئر جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. صلاحاڪاري ڪاميٽيءَ ڊاڪٽر فهميده حسين کي چيئر جي ڊائريڪٽر ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ کي ٻيهر چيئر جو پروفيسر ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. قادري صاحب چارج وٺڻ کان اڳ ئي وفات ڪري ويو. پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين 3 فبروري 1998ع کان مئي 2008ع تائين ڏهن سالن تائين چيئر جي ڊائريڪٽر رهي، جنهن دوران هن قومي ۽ عالمي ڪانفرنسون ۽ مذاڪرا ڪرايا. پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين مارچ 1999ع کان (ٽماهي) ڪلاچي تحقيقي جرنل جي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو، پاڻ ان جي پهرين ايڊيٽر هئي. ڪلاچي تحقيقي جرنل کي HEC پاران منظور ڪيو ويو. اهو جرنل جون 2009ع کان ڇهه ماهي جرنل ٿي ويو آهي.
چيئر ۾ پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق، 12 آگسٽ 1998ع کان پروفيسر ايڊوائيزر جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. مئي 2008ع کان پروفيسر محمد سليم ميمڻ چيئر جو ڊائريڪٽر آهي.
هن چيئر ۾ هڪ سيمينار لائبريري آهي، جنهن جو بنياد ڊاڪٽر درِشهوار سيد رکيو هو. ڊاڪٽر اياز حسين قادري جي لاڏاڻي کانپوءِ ان سيمينار لائبريريءَ کي پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادري جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. سيمينار لائبريريءَ ۾ پنجن هزارن کان مٿي مختلف ٻولين جا ڪتاب، 26 قلمي نسخا ۽ هزارن جي تعداد ۾ رسالا موجود آهن.
شاهه لطيف چيئر هن وقت شاهه لطيف جي انسائيڪلوپيڊيا تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جو بنيادي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. شاهه لطيف چيئر پاران هن وقت تائين شايع ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
(1) شاهه لطيف جي موسيقي، مرتب: ڊاڪٽر درشهوار سيد، 1992
(2) شاہ لطیف- شاعری اور فکر، ڈاکٹر درشہوار سید، 1994
(3) ڪشف الابيات، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، 1995
(4) شاهه لطيف تي تحقيق، مرتب: ڊاڪٽر درشهوار سيد، 1995
(5) تحقيق جو طريقي ڪار، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر درشهوار سيد، 1995
(6) شاهه جو رسالو (چئن ٻولين ۾)، مرتب: ڊاڪٽر درشهوار سيد، 1996
(7) شاهه لطيف تي ببليوگرافي، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر درشهوار سيد، 1996
(8) شاهه عبداللطيف ڀٽائي (هڪ مطالعو)، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي/ مرتب: آزاد قاضي، 1997
(9) شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر، ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ، 1998
(10) شاهه ۽ سنڌ (I)، مرتب: ڊاڪٽر فهميده حسين، 1998
(11) شاهه ۽ سنڌ (II)، مرتب: ڊاڪٽر فهميده حسين، 1998
(12) Social Content in Shah Jo Risalo, Translated by: Anwar Peerzado, 1998
(13) شاہ عبداللطیف بھٹائی- ایک مفکر ایک شاعر، اردو ترجمہ: عبدالحق عظیم، 1999
(14) ڇپر جي ڇولي، انب گوپانگ، 1999
(15) شاهه جو رسالو (جلد پهريون)، خان شيخ'>ٻانهون خان شيخ، 2000
(16) سنڌ جو شاهه،بدر ابڙو'> بدر ابڙو، 2000
(17) زندگيءَ جو سفر (رومي، شاهه ۽ اقبال)، عبدالغفور ڀرڳڙي، 2000
(18) پنج گنج (قادر بخش بیدل)، اردو ترجمہ: ڈاکٹر نواز علی شوق، 2000
(19) The Book of Shah Abdul Latif, Gurd Lupke, 2000
(20) شاهه جو رسالو (جلد ٻيو)، خان شيخ'>ٻانهون خان شيخ، 2001
(21) Image of Women in the poetry of Shah Latif, Dr. Fahmida Hussain, 2001
(22) شاهه جو رسالو (جلد ٽيون)، خان شيخ'>ٻانهون خان شيخ، 2002
(23) ڇپر ڪين ڏي، ج. ع. منگهاڻي، 2002
(24) سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، 2002
(25) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو، ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاهه، 2004
(26) سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت، ڊاڪٽر فهميده حسين، 2004
(27) لطيف ذهني چٽاڀيٽي، ڪمال ڄامڙو، 2004
(28) شاهه لطيف جي ٻولي تحقيقي جائزو، ج . ع . منگهاڻي، 2006
(29) شاهه لطيف جي دور ۾ سنڌ جون مذهبي ۽ علمي حالتون، ڊاڪٽر انيس فاطمه سومرو، 2006
(30) سنڌ: ماضي، حال ۽ مستقبل، مرتب: ڊاڪٽر فهميده حسين، 2006
(31) Sindh – Past, Present & Future, Compiled By: Dr. Fahmida Hussain, 2006
(32) Spiritualism in the Poetry of Shah Abdul Latif Bhitai, Munawar Arbab (Halo), 2006
(33) سندھ:ماضی،حال اور مستقبل،مرتب: ڈاکٹر فہمیدہ حسین، 2006
(34) پشو پاشا، جمال ابڑو، اردو ترجمہ: ممتاز سولنگی، 2006
(35) The Origin and Evolution of Sindhi Music, Shaikh Aziz, 2007
(36) هٿ جا هنر (شاهه جي رسالي جي موضوعاتي لغت)، ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ ۽ سليم ڀٽو لطيفي، 2008
(37) سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُر، آغا سليم، 2011
(38) گنج (شاهه جو رسالو) الف- ب وار ترتيب سان، صفدر حسين ميرزا ۽ شوڪت چاچڙ، 2012
(39) انساني نفسياتي، ڪيفيتن، جذبن ۽ احساسن جو ترجمان شاعر: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، 2014
(40) جيڪي ڏٺو سو مون (شاهه لطيف- مضمون)، آغا سليم، 2015
(41) شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر، عبدالستار پيرزادو، 2016
(3) شاهه لطيف فائونڊيشن (رجسٽرڊ): شاهه لطيف جي سوانح، ڪلام، فڪر ۽ فلسفي تي تحقيق ڪرڻ سان گڏوگڏ درگاهه ۽ مريدن ۽ زائرين جي حوالي سان ڪم ڪرڻ لاءِ ڀٽائيءَ جي ڏهين گادي نشين سيد غلام شبير شاهه لطيفيءَ جي اڳواڻيءَ ۾، 1982ع ۾ ‘شـاهه لطيـف فائونڊيشن’ جي نالي سان هڪ غير سياسي فلاحي تنظيم جوڙي وئي، ان جي ٺهرائڻ ۾ ولي عهد سيد نثار شاهه، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر غلام علي الانا، حميد سنڌي، پروانو ڀٽي، مدد علي سنڌي ۽ خان شيخ'>ٻانهون خان شيخ جو هٿ هو. شاهه لطيف فائونڊيشن کي سـوسـائٽـيـز ائڪـٽ’ هـيـٺ رجسٽرڊ ڪرايو ويو. جنهن جو آئين، مونوگرام ۽ جھنڊو پڻ ٺاهيو ويو. آئين ۽ منشور ان وقت جي ولي عهد سيد نثار حسين شاهه لطيفيءَ جي نگرانيءَ ۾، 24 اپريل 1982ع تي تيار ٿيو.
هن اداري جو مقصد ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪري لطيف شناسيءَ کي دنيا ۾ پهچائڻ، گنج جو چونڊ ڪلام ماڻهن ۾ ايڪي، اتحاد، ٻڌي، محبت ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ شايع ڪرائي، ڪلام تي ڪنهن نظريي، فڪر ۽ سوچ جي عينڪ کان سواءِ تحقيق ڪرائڻ، عملي طور انسان ذات جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ، ڀٽائيءَ جي فلسفي کي عملي زندگيءَ ۾ گڏ کڻي هلڻ ۽ سموري انسان ذات لاءِ امن، اتحاد، ترقيءَ ۽ ڀائيچاري جو مثال قائم ڪرڻ آهي. فائونڊيشن پهريون ڀيرو 1982ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ شاهه لطيف جو جنم ڏينهن ملهائڻ جو پروگرام ڪيو.
شاهه لطيف فائونڊيشن جو تاحيات صدر وقت جو گادي نشين هوندو آهي، جڏهن ته ضلعي ۽ تعلقي سطح تي باڊيون چونڊيون وڃن ٿيون. فائونڊيشن جي قيام [1982ع] کان وٺي باقاعدگيءَ سان هر سال پهرينءَ رجب تي ڀٽائيءَ جو جنم ڏينهن، درگاهه جي اڱڻ ۾ ملهايو وڃي ٿو. [هيءُ ڏينهن [تاريخ] شاهه جي هڪ عقيدتمند.... قلب علي قلباڻيءَ (؟) شاهه جي هڪ بيت جي ابجد جي حساب سان ڪڍيو هو.] ان کان سواءِ مختلف جاين تي لطيف سائينءَ جي حوالي سان ننڍا وڏا پروگرام ٿيندا رهن ٿا. هن وقت شاهه لطيف فائونڊيشن پنهنجي ڪمن ۾ اڳي کان تيزي آڻيندي، U.N.D.P جي سهڪار سان درگاهه جي اتر واري پاسي ‘مدن فقير’ جي نالي سان سينٽر قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ ريسرچ سينٽر، ميڊيا سيل، صوفياڻي راڳ، لائبرري، آڊيٽوريم ۽ اسڪالرس هاسٽل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. ان کان سواءِ برطانيا ۾ صوفي راڳ تي تحقيق ڪري، ان کي عام ڪرڻ واري اداري ‘اين. جي. آرٽ’ سان گڏ لطيفي راڳ جي حوالي سان پڻ ڪم ڪيو وڃي ٿو.
شاهه لطيف فائونڊيشن جي ڪوشش سان درگاهه شاهه لطيف تي هن وقت زائرين لاءِ چوويهه ڪلاڪ مفت ميڊيڪل ڪئمپ پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ڪجهه وقت اڳ سياستدان مارئي ميمڻ، فائونڊيشن کي زائرين لاءِ ايمبولنس عطيي طور ڏني، جيڪا هر وقت درگاهه جي سامهون بيٺل هوندي آهي. فائونڊيشن طرفان زائرين لاءِ اسپتال جو ڪم پڻ جاري آهي.
(3) شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ جي حوالي سان هن اداري جو بنياد، 1972ع ۾ نامور تعليمدان سيد غلام مصطفيٰ شاهه وڌو. هن اداري سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ ادبي حالتن کي پيش نظر رکندي، وقت به وقت علمي ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون ۽ اهم ڪتاب/ ڪتابچا شايع ڪرڻ جو سلسلو 1975ع کان شروع ڪيو. هن اداري انگريزيءَ ۾ ‘Sindh Quarterly’ نالي سان هڪ رسالو 1982ع کان شروع ڪيو، جيڪو هڪ وڏي عرصي تائين جاري رهيو. هن اداري جو چيئرمين سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ سيڪريٽري نامور محقق ۽ اديب اياز قادري هو.
هن اداري هيٺيان اهم ڪتاب ۽ ڪتابچا ڇپائي پڌرا ڪيا آهن:
1. شاهه عبداللطيف جي شاعري، تنوير عباسي: 1975ع
2. املهه اڻ توريا [اڻ ڇپيل]، مرتب: فقير امداد علي سرائي: 1975ع
3. سنڌي ڪامورو (ڪتابچو)، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، 1981ع
4. سنڌي معاشرو (ڪتابچو)، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، 1981ع
5. سنڌ: اڄ ۽ سڀاڻي (ڪتابچو)، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، 1981ع
6. سنڌي عورت ڪانفرنس (ڪتابچو)، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، 1981ع
(نوٽ: سيد غلام مصطفيٰ شاهه جا مٿيان چارئي ڪتابچا ‘سنڌي ساهت سال’، 1981ع ۾ ڇپايا ويا.)
7. شاهه عبداللطيف ۽ نوجوان: سيد غلام مصطفيٰ شاهه، 1981ع
8. ‘مون مطالع سپرين’ (اياز قادريءَ جا مضمون): 1995ع
هي ادارو هن وقت غير فعال آهي.
1954.10.15 عيسوي
15 آڪٽوبر 1954ع تي ڀٽائيءَ جي ٻه سؤ پهرئين عرس جي موقعي تي ‘لطيف يادگار ڪميٽي’ کي سرڪار پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ ‘ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز’ جو بنياد، سنڌ جي ان وقت جي وزيراعليٰ پيرزادي عبدالستار رکيو ۽ اُن جو افتتاح ان وقت جي صنعتن جي وفاقي وزير، ذوالفقار علي ڀُٽي، 18 جولاءِ 1962ع تي ڪيو.
1958.04.18 عيسوي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، صدر جنرل ضياءُ الحق جي هڪ حڪم هيٺ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾، 1986ع ۾ قائم ٿي، جنهن جو اعلان هُن ‘تنظيم فڪر و نظر’ پاران سکر ۾ 18 اپريل 1985ع تي ڪوٺايل ‘ڪُل پاڪستان شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس’ ۾ ڪيو هو.