شاهه لطيف جي حويلي (ماڳ): ڀٽ شاهه تي، هيءَ حويلي شاهه لطيف جي رهائش گاهه هئي، جيڪا سندس مقبري جي اترئين پاسي موجود آهي. هن حويليءَ ۾ ڪل ٽي ڪمرا آهن، جن جي مٿان گنبذ ٺهيل آهن. ڪمرن جي اڳيان هڪ ڪشادو اڱڻ آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ تمام وڏي ڪنڊيءَ جو وڻ بيٺل آهي. ان تي ڀرائي ڪرائي، مٿي ڪيل ٿو ڏسجي، جنهن جي ڪري ڪمرن جا دروازا پڻ ننڍڙا ٿي، درين جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. اڱڻ ۾ ڀرائي ڪرائي، ٿلهو بنائڻ ۽ در ننڍا لڳرائڻ وارو ڪم ويجهڙائيءَ جو لڳي ٿو.هن حويليءَ جي ڏاکڻينءَ ڀت سان ئي شامل، نشست گاهه شهنشاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. حويليءَ جي هڪ ڪمري ۾ شاهه لطيف جي کٽ رکيل آهي ۽ ٻه ڪمرا بند پيل آهن. فقيرن جي چوڻ موجب انهن ڪمرن ۾ شاهه لطيف جي اهل عيال جي استعمال جون شيون رکيل آهن. حويليءَ جي ديوارن تي ڪاشيءَ جون رنگين سرون لڳل آهن. اڱڻ کي ديوار ڏنل آهي، جنهن کي تمام وڏو لوهي دروازو لڳل آهي. اهو ڪم ويجهڙائيءَ ۾ ڪرايل ٿو ڏسجي.
شاهه لطيف، جڏهن ڪوٽڙيءَ مان هجرت ڪري اچي ڀٽ آباد ڪئي هئي، تڏهن سڀ کان پهرين ڀٽ جي واريءَ کي هموار ڪري واريءَ کي ڄمائڻ لاءِ پڪي چيڪي مٽي وجهرائي، هڪ مسجد جو بنياد رکيو ۽ پنهنجي اهل عيال لاءِ هڪ حويلي جوڙائي، جيڪا هينئر وڏي اوطاق جي نالي سان سڏجي ٿي. ان کان سواءِ ڀٽ تي فقيرن ۽ مريدن کي گهرن لاءِ حدون ليکي ڏنائين ۽ پاڻ ڪي سال انهيءَ حويليءَ ۾ ئي رهيو. جڏهن مريدن ۽ فقيرن ۾ اضافو ٿيو، ۽ حويليءَ واري اوطاق ۾ پيهه وڌندي وئي، تڏهن شاهه لطيف اها حويلي فقيرن جي رهڻ جي لاءِ تمر فقير جي حوالي ڪري پاڻ اچي انهيءَ حويليءَ جي اترئين پاسي هڪ ٻي حويلي جوڙائي، جيڪا پڪ سِري آهي. ڪن فقيرن جي چوڻ موجب، انهيءَ حويليءَ لاءِ سرون جنهن بٺيءَ مان پچرايون ويون هيون، سا اڄ به شاهه جي ڪنڊي واري مقام جي وڻن جي ويڙهه ۾ ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. هيءَ اها ئي حويلي آهي، جيڪا اڄ تائين اوطاق طور استعمال ٿئي ٿي، جنهن ۾ فقير اچي ٽڪن ٿا ۽ هن ۾ دنبورا پڻ رکيل آهن.
انهيءَ حويليءَ ۾ شاهه لطيف، حياتيءَ جا آخري سال گهاريا هئا. وفات کانپوءِ سندس مڙهه مبارڪ کي حجري کان هتي آندو ويو هو. ان کان پوءِ سندس تدفين شاهه حبيب جي پيرانديءَ ۾ ٿي.