شاهه محمد شرنائي: ارغونن جي آخري ۽ ترخانن جي شروعاتي دور جي نامور سخي امير شاهه محمد شرنائيءَ جي سخاوت مشهور هئي ۽ کيس علم موسيقيءَ ۽ سرود جو وڏو ملڪ حاصل هو. نيازي ٺٽوي هن جي سخاوت ٻڌي وڃي وٽس پيش ٿيو هو، جيئن ته نيازي ٺٽوي پنهنجي بدڪردداري ۽ نازيبا حرڪتن سبب بدنام ٿي چڪو هو. انهيءَ ڪري کيس شاهه محمد شرنائي وٽ به عزت راس نه آئي ۽ هي سندس برائي ڪرڻ لڳو. هيٺين رباعي شاهه محمدشرنائي جي هجو ۾ نيازي ٺٽوي چئي:
شرنائي منافق بي حسن بي تميز،
انگو همه نوائي بدآموز ميزند
شرنائي اوچو ڪيرِ خرست و بحير تم،
ڪان بي هنرز ڪير چسان گوز ميزند
هن بيهوده هجو شعر چوڻ کانپوءِ نيازي ٺٽوي، شاهه محمد شرنائيءَ جي انتقام جي خوف کان ترت بلخ هليو ويو. اتي به کيس سندس بيهوده حرڪتن سبب قتل ڪيو وڃي ها، پر هي اتان به ڀڄي نڪتو ۽ وڃي ڪولاب ۾ لڪو. جتي هڪ اميرزادي ڇوڪري تي عاشق ٿي پيو. مطلب سندس سڄي زندگي بڇڙائين ۾ گذري ۽ آخر اڪبر جي دور ۾ ٺٽي ۾ گذاري ويو.