شاهه نندل جو دڙو: هي دڙو جهڪر جي دڙي کان پنج ميل اتر طرف ۽ ڳوٺ آريجا کان هڪ ميل اولهه ۽ ڏکڻ ۾، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي. ملندڙ وٿن مان لڳي ٿو ته جهڪر جو همعصر آهي. دڙي جي کوٽائي نه ٿي آهي. هن دڙي تي شاهه نندل جي قبر آهي.