شاهه وسائُو: شاهه وسائُو، ڪلهوڙن جي حڪمران ميان نصير محمد جي خاص فقيرن مان ٿي گذريو آهي. شاهه وسائو ذات جو چانڊيو هو. سندس والد جو نالو فيروز هو. نوجوانيءَ کان وٺي ميان نصير محمد سان عقيدت هيس ۽ کيس پنهنجو مرشد ڪري ورتو هئائين ۽ سندس وڏي خدمت ڪيائين. ميان نصير محمد جي خاص ٽن فقيرن: گاجي شاهه، پنجو شاهه ۽ شاهه وسائو به شامل هيو. نامور محقق ڊاڪٽر بلوچ ‘رهاڻ هيرن کاڻ’ (جلد پنجين) ۾ لکي ٿو ته، ميان نصير محمد، شاهه وسائو کي پنهنجو خاص خليفو مقرر ڪيو. اهو درجو ٻئي ڪنهن کي حاصل نه هو. کيس ‘شاهي’ خطاب به مليل هو ۽ پري پري تائين ميان صاحب جي ڪمن سان وڃڻ لاءِ کيس مهريءَ تي سواريءَ جي اجازت مليل هئي. جنهن سبب ‘شاهه وسائو مهريءَ جو هسوار’ جي لقب سان مشهور ٿيو. وڏي همت وارو هو ۽ ڪيترن ئي معرڪن ۾ شامل ٿيو. ميان نصير محمد جي خواهش تي گجرات مان کوسن جي تمندار مهندو کوسي جي ڌيءَ راڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٻن پٽن: ميرو ۽ کنڊو جو اولاد ٿيو. شاهه وسائو لڪي واري جنگ ۾ شهيد ٿيو ۽ ‘لڪيءَ جو شهيد’ سڏيو ويو. روجهاڻ جماليءَ ۾ ‘شاهه وسائوءَ جو ڪنڊو’ مشهور آهي. جتي سندس ياد ۾ ڏينهن به ملهائيندا آهن. حڪيم عبدالمجيد چانڊئي مطابق شاهه وسائو 1111هه/ 1699ع ۾ چانڊيي جرنيل مونڌر خان سان گڏ مغلن جي لشڪر سان وڙهندي شهيد ٿيو.شاهه وسائو جو اولاد ٿرپارڪر ۾ رهي ٿو.