شاهه ولي الله جي تعليم
شاهه ولي الله جي تعليم (ڪتاب): هيءُ ڪتاب غلام حسين جلباڻيءَ جو تصنيف ڪيل آهي، جنهن ۾ شاهه ولي الله جي سوانح سان گڏ سندس تعليم ۽ تصنيفن بابت تفصيلي معلومات آهي. ڪتاب تفصيلي مقدمي کان سواءِ يارهن بابن تي مشتمل آهي. مقدمي کان پوءِ پهرين باب ۾ قرآن مجيد جي ڪيل فارسي ترجمي ۽ تفسير تي روشني وڌي وئي آهي. باب ٻئي ۾ حديث بابت جيڪي به سندس تصنيفون آهن، تن تي روشني وڌي وئي آهي. باب ٽئين ۾ فقھ بابت تصنيفن تي، باب چوٿين ۾ تصوف بابت تصنيفن تي، باب پنجين ۾ نبوت بابت سندس مڙني تصنيفن تي، باب ڇهين ۾ شريعت بابت سندس تصنيفن تي، باب ستين ۾ سياست بابت سندس مڙني تصنيفن تي، باب اٺين ۾ ارتفاقات بابت مڙني تصنيفن تي، باب نائين ۾ موت کان پوءِ جي حالتن بابت تصنيفن تي، باب ڏهين ۾ فلسفي بابت مڙني تصنيفن تي ۽ باب يارهين ۾ سندس ڪلام تي روشني وڌي وئي آهي.
پيش لفظ ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لکي ٿو ته، “زير نظر ڪتاب ‘الله جي تعليم'>شاهه ولي الله جي تعليم’ کي منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين هڪ نقاد جي حيثيت سان نظر مان ڪڍيم، جو نيٺ هن نتيجي تي پهتس ته اهڙو مجموعو اڄ تائين سنڌيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ نه ملندو. ان ۾ شاهه صاحب جي نه رڳو ڇاپي هيٺ آيل ڪتابن مان استفاده ڪيو ويو آهي، پر اڻ ڇپيل نادر ڪتابن جو پڻ نچوڙ ڏنو ويو آهي ۽ ان سان گڏ هر ڳالهه لاءِ سند پيش ڪئي وئي آهي، جنهنڪري شاهه صاحب تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ وڏي سهولت پيدا ٿي پئي آهي.”
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 320 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد طرفان 1961ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 6 روپيا آهي.